جنتر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنتر:[1] سنڌ ۾ خريف جي سائي گاهه وارن فصلن مان جنتر هڪ اهم فصل آهي .هيءُ فصل پنجاب کان سنڌ ۾ متعارف ٿيو .جيڪو ڦرين واري گاهه سان تعلق رکي ٿو

فائدا[سنواريو]

،جڏهن ته جنتر جو فصل سنڌ سميت ڀارت ۽ پنجاب ۾ ڪلراٺي زمين جي سڌاري لاءِ پوکيو ويندو آهي .جنتر گاهه ۽ سائي ڀاڻ طور اهميت رکي ٿو .ڇو ته جنتر ٻاڪري مال جي لاءِ بهترين چارو آهي .جنتر گهڻي مقدار ۾ سائو يا نامياتي مادو زمين ۾ جمع ڪري ٿو .هن فصل جي پـاڙن ۾ نـائٽـروجـن ٺـاهـڻ جـي سگهه آهي ،جنهن جي مـدد سـان زميـن جـي گهـربل خوراڪي جزن جو پورائو ٿئي ٿو .هيءُ فصل تمام گهٽ ايراضيءَ تي پـوکيو وڃي ٿو ۽ پوکيل فصل کـي گاهه لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ،پر سائي ڀاڻ طور ان جو استعمال زمين جي زرخيزيءَ کي برقرار رکندو آهي زمين ۾ سائي ڀاڻ وارا فصل :گوار ،جنتر ،لوسڻ ،برسيم وغيره پوکڻ سان ان جي زرخيزي وڌي ٿي .هڪ اندازي مطابق جنتر جي فصل ۾ 25 سيڪڙو نائٽروجن موجود هوندي آهي .هن فصل جي ٻي اهم خاصيت اها آهي ته هيءُ فصل عام طور ڪلر ۽ زمين جي تيزابيت ختم ڪرڻلاءِ گهڻو بهتر آهي .زمين ۾ لڳاتار جنتر پوکڻ سان زمين مان سم ۽ ڪلر ڪنهن خاص حد تائين ختم ٿي ويندا آهن .سم ۽ ڪلر زمين ۾ پاڻيءَ جي سطح مٿي ٿيڻ ۽ سوڊيم جي لوڻ جي مقدار وڌڻ ڪري پيدا ٿئي ٿو .جڏهن ته هن فصل جي پاڙن ۾ سم ۽ ڪلر کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت آهي

پوکائي جو طريقيڪار[سنواريو]

.جنتر جو فصل هر قسم جي زمين ۾ پوکي سگهجي ٿو .هن فصل جي پوکيءَ لاءِ ٻن کان ٽي سُڪيءَ جا هر ڏئي سانهر گهمائي زمين کي سنوت ۾ آڻڻ گهرجي .زمين ۾ ڀتر هجن ته اهي ڀڃي ڇڏڻ گهرجن ۽ بعد ۾پوکي ڪجي .هيءُ فصل سنڌ ۾ مارچ کان جولاءِ تائين پوکي سگهجي ٿو .عام طور جنتر جي پوک ڇٽ ذريعي ڪئي وڃي ٿي ،جنهن جو ٻج بيٺل پاڻيءَ ۾ هٿ سان ڇٽ ڪري پوکيو ويندو آهي .هن فصل لاءِ عام طور ٻج جو مقدار 12 کان 30 ڪلوگرام في ايڪڙ استعمال ڪجي ،جيڪڏهن جنتر جو فصل ٻج لاءِ پوکجي ته ٻج جو مقدار 12 ڪلوگرام ۽ مال جي چاري يا سائي ڀاڻ لاءِ پوکجي ته پوءِ 20 کان 30 ڪلوگرام في ايڪڙ استعمال ڪجي .جڏهن ته ٻج جو مقدار زمين جي قسم ۽ آبهوا مطابق گهٽائي ۽ وڌائي سگهجي ٿو .عام طور هن فصل ۾ ڀاڻ استعمال نه ڪبو آهي ،ڇاڪاڻ ته جنتر ۾ نائٽروجن جي جمع ڪرڻ واري

حوالا[سنواريو]

  1. "جنتر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-01.