مواد ڏانھن هلو

جنتا ڪرفيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مڌيا پرديش جي شهر ڀوپال ۾ جنتا ڪرفيو جي دوران خالي سڙڪون
وقتصبح 7 بجي کان شام 9 بجي تائين
دورانيه14:00:00
تاريخ22 مارچ 2020 (2020-03-22)

جنتا ڪرفيو () ڪورونا وائرس روڳ 2019 جي خلاف وزير اعظم ڀارت نريندر مودي طرفان متعارف ڪيل هڪ ڪوشش آهي جنهن تي ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا، 2020 کانپوءِ عمل ڪيو ويو.[1] ڀارت جي وزير اعظم سمورن شهرين کي درخواست ڪئي هئي تہ 22 مارچ 2020 تي صبح 7 بجي کان رات 9 بجي تائين پنهنجي پاڻ تي 'ڪرفيو' لڳايو، جنهن سان ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جو پکڙجڻ گهٽجندو.[2]

رَٿَ

[سنواريو]

22 مارچ 2020 تي چوڏهن ڪلاڪن جي لاءِ جنتا ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو. ضروري خدمتگار مثالطور پوليس، طبي عملو، پرنٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا، گهر گهر سامان پهچائيندڙ رضاڪار ماڻهو ۽ باهہ وِسائيندڙ عملو (فائر فائيٽنگ اسڪواڊ) کي ڇڏي ڪري باقي زندگي جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ان ڪرفيو ۾ لازمي حصو وٺندا. اهڙي ريت سمورن شهرين کي درخواست ڪئي وئي آهي تہ هو ذڪر ڪيل ڪرفيو کان ڇوٽ مليل رضاڪار ماڻهن جي خدمتن کي ساراهڻ جي لاءِ پنج بجي پنهنجي دروازن، درين ۽ گيلري تي بيهن ۽ زور زور سان تاڙيون يا گهنيون وڄائين.[2] نيشنل ڪيڊٽ ڪارپس ۽ نيشنل سرويس اسڪيم جو عملو ان ڪرفيو کي نافذ ڪندو.[3] انکانسواءِ وزير اعظم سمورن فوجي جوانن سان هيءَ درخواست پڻ ڪئي آهي تہ هو گهٽ ۾ گهٽ ڏهہ وڌيڪ ماڻهن کي ان جنتا ڪرفيو کان آگاهہ ڪن ۽ هر شخص ان منصوبي تي عمل ڪري.[3]

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Bureau, Our. "PM Modi calls for 'Janata curfew' on March 22 from 7 AM-9 PM". @businessline (انگريزي ۾). 19 March 2020 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: |last1= has generic name (مدد)
  2. 1 2 DelhiMarch 19, India Today Web Desk New; March 19, India Today Web Desk New; Ist, India Today Web Desk New. "What is Janata Curfew: A curfew of the people, by the people, for the people to fight coronavirus". India Today (انگريزي ۾). 19 March 2020 تي حاصل ڪيل.{{cite news}}: CS1 maint: numeric names: authors list (ڳنڍڻو)
  3. 1 2 "PM Modi Speech on Coronavirus Highlights: Janata Curfew on Sunday, Avoid Panic Buying". News18. 19 March 2020 تي حاصل ڪيل.