مواد ڏانھن هلو

جنابت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنابت جي معني لغت ۾ پري ھٽڻ آھي. اسلامي فقہ ۾ ان اصطلاح جو مطلب پليتي جي اھا حالت مراد آھي جنھن ۾ مرد يا عورت تي غسل فرض ھجي ۽ غسل جي حالت جنسي ضرورت پوري ڪرڻ يا ڪنھن طرح سان پوري ٿيڻ سان پيدا ٿي ھجي.[1] اھڙي حالت ۾ ماڻهو کي پاڪائي ۽نماز کان پري رھڻو پوندو آهي ان ڪري ان کي جنابت چوندا آهن.[1] جنابت جي اصل معنيَ آهي دوري ۽ بيگانگي. ان مان لفظ اجنبي نڪتل آهي. شرعي اصطلاح مطابق جنابت مان مراد اھا نجاست آھي جيڪا قضائي شھوت يا خواب ۾ مادو خارج ٿيڻ جي ڪري طاري ٿئي، ڇوتہ ان جي سبب ڪري ماڻهو طھارت کان بيگانو ٿي ويندو آهي.[2] عبدالله بن مسعود، انس بن مالڪ، حسن بصري، ابراھيم نخئي، مطابق سورة النساء جي آيت نمبر 43 ۾ تيمم جي حڪم جي مفھوم مان راء قائم ڪئي تہ جنابت جي حالت ۾ مسجد ۾ وڃڻ نہ کپي.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 آسان فقہ، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002ع - صہ 41
  2. 2.0 2.1 تفھيم القرآن، جلد اول، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003ع، صہ :355