جلال الدين اڪبر

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

شهنشاهه -جلال- الدين محمد اڪبر ، مغل سلطنت جو نيڪ نام -بادشاهه- ، عمرڪوٽ سنڌ ۾ 15 -آڪٽوبر- 1542ع تي ڄائو هو . 1556ع ۾ والد جي وفات وقت هي پنهنجي -استاد- -بيرم خان- سان گڏ ڪلانور ( ضلعي گورداسپور ) ۾ هو ، اتي ئي هن جي -تخت- نشينيءَ جون رسمون ادا ڪيون ويون . جلد ئي هن -پاڻيپٽ- جي ميدان ۾ ، هيمو بقال سان لڙائي ڪئي ، جنهن ۾ فتح حاصل ڪيائين ۽ -ان- سان سندس سلطنت کي ايندڙ لوڏا ، ڪجهه جَهڪا ٿيا . مغليه سلطنت جو بنياد -بابر بادشاهه- 1526ع ۾ وڌو ، ۽ چئن سالن کان پوءِ هو وفات ڪري ويو . همايون 1530ع ۾ -تخت- تي ويٺو ، پر 1540ع ۾ شيرشاهه سوريءَ کان شڪست کاڌائين . شيرشاهه سوريءَ جي مرڻ کان پوءِ همايون ، جڏهن وري -تخت- حاصل ڪيو ته هو به جلد ئي حادثي جو شڪار ٿي مري ويو . جيستائين اڪبر 18 سالن جو نه ٿيو هو ، تيستائين -بيرم خان- ئي سلطنت جو مختيار هو ، ۽ پوءِ جڏهن اڪبر واڳون سنڀاليون ته فتحن جو ، هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو . راجپوتانا جي راجائن جي اڪثريت ازخود ئي فرمانبردار ٿي وئي ، ميواڙ جي راجا مقابلو ڪيو ، پر شڪست کاڌائين . راجا اُڌي سنگهه ۽ سندس جاءِ نشين پرتاب به مقابلي کان پوءِ ماتحت ٿي ويا . مالوا ، گجرات ، خانديش ، -احمد آباد- ، گونڊوانا ، -بنگال- ، اُڙيا ، ڪشمير ، سنڌ ، مطلب ته ڏکڻ -ايشيا- جي هڪ حصي کان سواءِ ، ڪابل کان -احمد نگر- تائين ، ۽ سنڌ کان -بنگال- تائين سمورو ملڪ مغلن جي اثر هيٺ اچي ويو . اڪبر -بادشاهه- ملڪي ۽ فوجي انتظامن جي -اصلاح- ڪئي . زمينن جي معاملي ۾ ، شيرشاهه جي نظام کي بهتر بنايائين . هن سلطنت جي انتظامي عهديدارن جا 33 درجا بنايا ، -جن- ۾ سڀني کان ننڍو درجو ، ڏهن سپاهين جي آفيسر جو هو ۽ وڏو درجو ڏهن هزارن تائين هو ، پر اڪبر پنجن هزارن کان وڌيڪ درجي وارو عهدو ، شهزادن کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به نه ڏنو . سڀني کي روڪ پگهار ڏنو ويندو هو . هن ازبڪن ۽ پنهنجي -ڀاءُ- مرزا حڪيم جي بغاوتن کي به ڪچليو . اڪبر ، سموريءَ سلطنت کي 18 صوبن ۾ ورهايو ، ۽ هر صوبي ۾ هڪجهڙو نظام چالو ڪيو . سندس دؤر ۾ علم ۽ فن جي تمام گهڻي -ترقي- ٿي . فيضي ، -ابوالفضل- ، -تان سين -، -تلسي- داس وغيره اڪبري درٻار سان لاڳاپيل رهيا ، جيڪي سندس ” نون رتنن “ مان هئا . هن جي دؤر ۾ ’اڪبر نامه ‘ ، ’-آئين اڪبري- ‘ ، ’طبقات اڪبري ‘ ۽ ’منتخب التواريخ ‘ وغيره جهڙا ڪتاب لکيا ويا . هن ’دين الاهي ‘ نالي مذهب به شروع ڪيو ، جنهن ۾ مذهب ۽ ذات -پات- جي فرق کي ختم ڪيائين ، ۽ مرڪزي بنياد -توحيد- تي رکيائين ( تفصيل لاءِ ڏسو ” دين الاهي “ ) . جيتوڻيڪ هن باقاعدي -تعليم- حاصل ڪانه ڪئي ، پر هو نهايت ڪامياب حڪمران ثابت ٿيو . -ان- صورت ۾ اڪبر جو چاليهن سالن وارو دؤر مغل شهنشاهت جو عظيم الشان دؤر ثابت ٿيو . ” -آئين اڪبري- “ ۽ ” اڪبر نامه “ مان ، اڪبر جي شخصيت ۽ ڪارنامن کان سواءِ ، سندس فڪر ۽ حڪمت تي ، مفصل روشني پوي ٿي . ڊاڪٽر ايشوري پرشاد ، -اڪبر بادشاهه- کي -ان- وقت جي دنيا ۽ يورپ جي همعصر حڪمرانن ، خاص ڪري -انگلنڊ- جي راڻي ايلزبيٿ ( 1533_ 1603ع ) ۽ -اسپين- جي فلپ ٻئين ( 1598_ 1527ع ) سان ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ کيس -تاريخ- جو عظيم حڪمران سمجهي ٿو . هن 5 رجب 949هه/16 -آڪٽوبر- 1605ع تي ” آگري “ ۾ وفات ڪئي .

سندس -جنم- واري هنڌ تي سيد هاشم شاهه کيجراڙيءَ واري -پٿر- هڻائي ، -ان- تي پنهنجو نالو ۽ -اڪبر بادشاهه- جي -جنم- جو سال ( 1542ع ) لکايو هو . اهو -پٿر- عمرڪوٽ شهر کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف اڄ به موجود آهي.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%A8%D8%A7%D8%AF%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87