جزائر القمر ۾ اسلام

اسلام جزائر القمر (ڪومورس ٻيٽن) ۾ غالب مذهب آهي. يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سال 2006ع جي تخميني مطابق، ڪوموروس جي لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي. قمر جزائر ۾ لڳ ڀڳ سڀئي مسلمان شافعي فقه سان تعلق رکندڙ سني مسلمان آهن. اڪثر پيروڪار سواحلي۔عرب آهن، پر هندستاني پڻ آهن جن مان اڪثر ڪري گجراتي نسل جا آهن.
تاريخ
[سنواريو]مقامي روايتن جي مطابق، اسلام نبي محمد ﷺ جي حياتيءَ ۾ ٻيٽن تي آندو ويو هو. اهو ٻن ڪوموري ماڻهن في بيدجا موامبا ۽ متسوا مواندزي پاران آندو هو،[1] جيڪا مڪي جو دورو ڪيا هئا. پرڏيهي مسلمان واپارين جي موجودگي جا ثبوت 9هين يا 10 هين صدي تائين علائقي ۾ ملڻ ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪومورس ان وقت هندي سمنڊ جي واپار ۾ سرگرم طور تي شامل هو. اهو به ممڪن آهي ته مقامي ڪومورين جي ننڍين اقليتون ان وقت دوران اسلام قبول ڪيو هجڻ.[2]
تاريخي ثبوتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عرب واپاري ۽ زيدي فارسي شيرازي شهزادا پهريون ڀيرو اسلام کي هتان متعارف ڪرايو. اسلام ڊگهي عرصي کان ڪومورس ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. حڪمران خاندان عربي سکيا ۽ ٻين مسلم علائقن؛ ڪلوا، زنجبار ۽ حضرموت سان لاڳاپا برقرار رکيا. ڪيترائي صوفي طريقا، جنهن ۾ شاذلي، قادريه ۽ رفاعي شامل آهن، پڻ سرگرم آهن.
حسن بن عيسيٰ، 16هين صدي جو هڪ شيرازي سردار، جيڪو پيغمبر محمد ﷺ جي آل کان هو، مقامي ابادي کي اسلام ڏانهن راغب ڪيو ۽ ڪيتريون ئي مسجدون تعمير ڪرايون. 19هين صدي ۾، شيخ عبدالله درويش رح هتان شاذلي طريقو متعارف ڪرايو. گرانڊ ڪومور ۾ پيدا ٿيندڙ، شيخ درويش سڄي وچ اوڀر ۾ سفر ڪيو ۽ پوء سيد محمد المعروف (وفات: 1904ع) کي اسلام ۾ داخل ڪيو، جيڪو پوء شاذيليه جو اعليٰ رهنما بڻيو.
Sheikh Al-Ami ibn Ali al-Mazruwi (d. 1949) was the first of the region's ulama to author Islamic literature in Swahili. Al-Habib Omar b. Ahmed Bin Sumeit (d. 1976) studied in Arab countries before serving as teacher and qadi in Madagascar, Zanzibar, and, after 1967, the Comoros.
مسجدون ۽ مقدس جايون
[سنواريو]موڪلون ۽ تهوار
[سنواريو]سياسي اسلام
[سنواريو]1975ع ۾ آزادي کان وٺي افراتفري واري معاشي ۽ سياسي ماحول انساني حقن ۽ سماجي انصاف جي ترقي لاءِ نقصانڪار رهيو آهي. مخالف ڌڙن سياسي طاقت ۽ سماجي عدم مساوات کي برقرار رکڻ ۽ مقابلو ڪرڻ لاءِ مذهبي حمايت کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سياسي مخالفن قرآن ۽ حديث جي پنهنجي تشريح تي ڀروسو ڪيو آهي، سياسي بدعنواني کي درست ڪرڻ لاءِ شريعت جي وڪالت ڪئي آهي. مقابلي ڪندڙ اسلامي خيال سياست ۾ داخل ٿيا آهن، حڪومت کي جائز قرار ڏيڻ ۽ چئلينج ڪرڻ لاءِ. يورپي تربيت يافته سرڪاري عملدارن مغربي سياسي نظرين ۽ سيڪيولرزم کي اختيار ڪيو آهي جڏهن ته اسلامي برادري جي اڳواڻن جي حمايت جاري رکي آهي. اسلاميت ۽ وهابيت وڌي وئي آهي جڏهن شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾ اسلامي تعليم مان واپس آيا آهن. ڪومورين حڪومت اندر سمجھي ويندڙ ناانصافي ۽ انتشار جي جواب ۾، اسلام پسند هڪ اسلامي جمهوريه ٺاهڻ جي اميد رکن ٿا. شڪي القاعده ميمبر فضل عبدالله محمد ڪومورين جي موروني ۾ پيدا ٿيو هو ۽ ان وٽ ڪينيا ۽ ڪومورين شهريت پڻ آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Pierre Vérin (1982). "Mtswa Muyindza et l'introduction de l'Islam à Ngazidja; au sujet de la tradition et du texte de Pechmarty". Études Océan Indien 2: 95–100.
- ↑ Insoll, Timothy (2003) (en ۾). The Archaeology of Islam in Sub-Saharan Africa. Cambridge University Press. pp. 169–171. ISBN 978-0-521-65702-0. https://books.google.com/books?id=frC8SAu9QxQC.