جان مڪين

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جان مڪين
John McCain
جان مڪين جو 2009 ۾ ٺھيل سينيٽ جو سرڪاري پورٽريٽ
United States Senator
from ايرزونا
عهدو سنڀاليو
January 3, 1987 – August 25, 2018
پيشرو بئري گولڊ واٽر (Barry Goldwater)
جانشين Vacant
سينيٽ جي فوج جي ملازمتن واري ڪاميٽيءَ جو چيئرمين
عهدو سنڀاليو
January 3, 2015 – August 25, 2018
پيشرو ڪارل ليون (Carl Levin)
جانشين 26 آگسٽ 2018 تي خالي ٿي وئي
انڊيا جي معاملن واري ڪاميٽيءَ جو چيئرمين
عهدو سنڀاليو
January 3, 2005 – January 3, 2007
پيشرو بين نائٽ ھارس ڪيمپبل
جانشين بئرن ڊورگن
عهدو سنڀاليو
January 3, 1995 – January 3, 1997
پيشرو ڊينيئل انؤوي (Daniel Inouye)
جانشين بين نائٽ ھارس ڪيمپبل
سينيٽ جي ڪامرس ڪاميٽيءَ جو چيئرمين
عهدو سنڀاليو
January 3, 2003 – January 3, 2005
پيشرو فرٽز ھالنگس (Fritz Hollings)
جانشين ٽيڊ اسٽيونس(Ted Stevens)
عهدو سنڀاليو
January 20, 2001 – June 3, 2001
پيشرو فرٽز ھالنگس
جانشين فرٽز ھالنگس
عهدو سنڀاليو
January 3, 1997 – January 3, 2001
پيشرو لئري پريسلر(Larry Pressler)
جانشين فرٽز ھالنگس
Member of the U.S. House of Representatives
from ايرزونا's ايرزونا مان يو.ايس. ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز جو ميمبر district
عهدو سنڀاليو
January 3, 1983 – January 3, 1987
پيشرو جان جيڪب رھوڊس(John Jacob Rhodes)
جانشين جان جيڪب رھوڊس
ذاتي تفصيل
پيدائش جان سڊني مڪين III
آگسٽ 29 1936(1936-08-29)
ڪوڪو سولو(Coco Solo), پاناما ڪئنال زون، يونائيٽيڊ اسٽيٽس
وفات آگسٽ 25, 2018 (عمر 81 سال)
ڪارنول(Cornville), ايرزونا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس
آخري آرامگاهه يونائيٽيڊ اسٽيٽس نيول اڪيڊمي واري قبرستان ۾ ، ايناپولس (Annapolis)، ميري لينڊ
سياسي جماعت ريپبلڪن پارٽي
جيون ساٿي
ٻار ٻچا 7, جن ۾ ميگن مڪين بہ شامل آهي
ماءُپيءُ جان ايس. مڪين جونيئر ۽ رابرٽا رائيٽ
تعليم يونائيٽيڊ اسٽيٽس نيول اڪيڊمي(بي.ايس.)
ويب سائٽ Senate website
فوجي خدمتون
فرمانبرداري  United States
سروس/شاخ يونائيٽيڊ اسٽيٽس نيوي
سال خدمتون 1958–1981
عهدو ڪيپٽن
لڙائيون/جنگيون ويٽنام واري جنگ
اعزاز

جان سڊني مڪين (ٽيون):(انگريزي: John Sidney McCain III) (August 29, 1936 – August 25, 2018) ھڪ آمريڪي سياستدان ۽ آمريڪي بحريہ جو آفيسر ھيو. آمريڪا جي رياست ايرزونا مان 1987 کان پنھنجي وفات تائين (25 آگسٽ 2018) تائين آمريڪي سينيٽر رھيو. ان کان اڳ ٻہ دفعا آمريڪي ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز جو ميمبر پڻ رهيو. 2008 جي صدارتي اليڪشن ۾ آمريڪا جي ريپبلڪن پارٽي جو صدارتي اميدوار پڻ ھيو پر براڪ اوباما کان اليڪشن ھارائي ويو.

ذاتي زندگي[سنواريو]

جان مڪين 29 آگسٽ 1936 ۾ پاناما ۾ پاناما ڪئنال واري زون ۾ واقع آمريڪا جي نيول ايئر بيس ڪوڪو سولو ۾ پيدا ٿيو. ان وقت پاناما آمريڪا جي ڪنٽرول ۾ ھو[1].ھن جي پيء جو نالو جان ايس مڪين جونيئر ۽ ماء جو نالو رابرٽا رائيٽ ھيو.ھن جي ننڍي ڀاءُ جو نالو جو مڪين(Joe McCain) ھيو ۽ سندس وڏي ڀيڻ جو نالو سئنڊي (Sandy) ھيو.[2] ھن جا وڏا اسڪاٽ آئرش ۽ انگريزي نسل جا هئا[3].ھي زندگيءَ ۾ 20 اسڪولن ۾ پڙھيو ھو. 1951 ۾ ھن جي خاندان اتر ورجينيا ۾ رھائش اختيار ڪئي، جتي مڪين اليگزنڊريہ جي ايپيسڪوپل ھاء اسڪول (Episcopal High School) ۾ داخل ٿيو ۽ خانگي بورڊنگ هائوس ۾ رھيو[4][5] ھن پيءُ ۽ ڏاڏي وانگر ميري لينڊ، ايناپولس (Annapolis) ، آمريڪي نيول اڪيڊمي ۾ داخل ٿيو جتي ھن گھڻا دوست ٺاھيا ۽ ليڊرن وانگر گذاريائين. اتي ھي ھلڪي وزن وارو (lightweight) باڪسر بہ ٿيو.[6] تعليمي ميدان ۾ مڪين تاريخ ۽ ادب جي مضمونن ۾ ڀڙ ھيو ۽ ھن انھن مضمونن تي ڌيان گھڻو ڏنو جن کيس مشڪلات ٿيندي ھئي جن ۾ رياضي سرفهرست ھيو[7]. ھن 1958 ۾ پنھنجي گريجوئيشن مڪمل ڪئي. تاريخ 3 جولاءِ 1965 ۾ 28 سالن جي عمر ۾ ھن جي شادي ڪيرول شيپ (Carol Shepp) سان ٿي جيڪا فلاڊليفيا م ھڪ ماڊل ھئي.[8].ڪيرول کي شادي کان اڳ ٻہ ٻار ڊوگلس ۽ اينڊريو پڻ ھيا جيڪي مڪين ھن سان شادي ڪري ايڊاپٽ ڪيا.[9]. شادي کان پوءِ ھنن کي ھڪ ڌيءُ ڄائي جنھن جو نالو سڊني ھيو.[10][11]. ويٽنام جي جي قيد مان آزادي بعد جڏهن مڪين گھر موٽي آيو تہ خبر پيس تہ 1969 ۾ سندس زال جو بہ روڊ تي حادثو ٿي چڪو ھو. ھاڻي ماڻھن ۾ مڪين کي وڏي مشھوري ملي چڪي ھئي[12].

White-haired man in thirties sitting in a chair, pack of cigarettes readily available
ليفٽيننٽ ڪمانڊر مڪين اپريل 1973 ۾ آمريڪا ۾ واپسي کانپوءِ انٽرويو ڏيندي
ليفٽيننٽ ڪمانڊر مڪين مئي 1973 ۾ آمريڪي صدر نڪسن سان ملندي

اپريل 1979 ۾ ھن ملاقات سنڊي ھينسلي سان ٿي جيڪا ٽيچر ايروزينا جي شھر فونيڪس ۾ ھئي ۽ ان جي پيء جم ھينسلي کي بيئر جي ڊسٽربيوشن ڪمپني ھئي[13] مڪين ۽ سنڊي پاڻ ۾ محبت جون ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪيون جنھن بعد مڪين پنھنجي زال ڪيرول کي طلاق لاء زور ڀريو آخرڪار ڪيرول کيس فبروري 1980 ۾ طلاق ڏئي ڇڏي .طلاق جي عيوض ڪيرول ھن کان ڀہ گھر ۽ مالي مدد ورتي. طلاق بعد ڻہ سندن تعلق خوشگوار رھيو. جنھن بعد 17 مئي 1980 ۾ مڪين ھينسلي سان شادي ڪئي جنھن ۾ سينيٽر وليم ڪوھين ۽ سينيٽر گيري ھاٽ پڻ شرڪت ڪئي. ھن جي ٻارن شادي ۾ شرڪت نہ ڪئي پر بعد ۾ اھي ساڻس پرچي ويا.شادي کان پوءِ ھن نيوي کان رٽائرمينٽ ورتي

فوجي ڪيريئر[سنواريو]

ھن پنھنجي پيء ۽ ڏاڏي وانگر آمريڪا جي نيول اڪيڊمي مان 1958 ۾ گريجوئيشن ڪئي.

Formal portrait of young, dark-haired man in white naval uniform
McCain at the Naval Academy, 1954

سندس پيء جان ايس مڪين جونيئر ۽ ڏاڏو کان ايس مڪين سينيئر آمريڪي بحريہ ۾ ايڊمرل رھي چڪا ھئا[14].فلوريڊا جي پينساڪولا (Pensacola) ۾ اڍائي سالن جي تربيت مڪمل ٿيڻ بعد 1960 ۾ فلائيٽ اسڪول مان فارغ ٿي ھي بحريہ جو ھواباز (naval aviator) ٿيو.[15] ۽ ويٽنام جنگ ۾ ھوائي جھازن واري ٻيڙي تان زميني حملي وارو جھاز اڏائيندو رھيو جو کيس اي-ون اسڪاء ريڊر اسڪواڊرن ۾ ذميواري سونپي وئي[16].جنگ ۾ حصي وٺڻ جي درخواست خود مڪين جي پنھنجي ھئي[17].جنھن بعد ھن کي آپريشن رولنگ ٿنڊر۾ شريڪ ڪيو ويو[18]. 29 جولاءِ 1967 ۾ جڏھن ھي ليفٽيننٽ ڪمانڊر ھو تہ يو ايس ايس ٻيلي جي باھ جي مرڪز ۾ باھ لڳل جيٽ جھاز مان ٻئي پائليٽ جي مدد لاءِ نڪتو جنھن جي جھاز کي بہ باھ لڳي ھئي ان وچ ۾ ھڪ بم ڦاٽو ۽ ان جا ٽڪرا ھن جي سيني ۽ ٽنگن ۾ لڳا[19] ۽ ذري گھٽ مري چڪو هو[20]. ويٽنام ۾ آمريڪي فوجي آپريشن رولنگ ٿنڊر دوران بمباري جي 23 مشن تي 26 آڪٽوبر 1967 ۾ ھنوئي مٿان بمباري دوران ھن جو A-4E اسڪاء ھاڪ جھاز کي ميزائيل سان ڪيرايو ويو. ھن جھاز مان سيٽ سميت ٽپو (ejected) ڏنو [21] جنھن ۾ سخت زخمي ٿي پيو جو ڌماڪي وقت ھن جون ٻئي ٻانهون ۽ ٻئي ٽنگون ڀڄي پيون[22] ھي پيراشوٽ جي مدد سان ھڪ ڍنڍ ۾ لٿو جتان کيس ويٽ ڪانگ ٻاھر ڪڍي آيا ۽ سندس ڪلھن کي رائفل جي بٽن جي ڌڪن سان چٿي ڇڏيو ۽ کيس سنگين جو ڌڪ پڻ ھنيائون کيس گرفتار ڪري ھنوئي جي جيل ۾ بند ڪيائون. ھن جو شروع ۾ علاج ڪرڻ کان جواب ڏنو ھئائون ۽ ھن مٿان تشدد ڪري ھن کان تفتيش ڪرڻ لڳا . جڏهن کين معلوم ٿيو تہ ھي ھڪ آمريڪي ايڊمرل جو پٽ آھي تہ پوءِ کيس علاج مھيا ڪيو ويو ۽ کيس جنگي قيدي قرار ڏنو ويو ۽ کيس ڇھ ھفتا اسپتال۾رکيو ويو. ھن جو 50پائونڊ(,23ڪلوگرام) وزن گھٽجي چڪو ھو. اسپتال کان پوء ھن کي ھنوئي جي ارد گرد مختلف ڪئمپن ۾ رکيو ويو[23]. مارچ 1968 ۾ ھن کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو جتي ھن ٻہ سال گذاريا. ھن جو قيد دوران عام اقبالي بيان بہ ڪرايو ويو جنھن لاء سندس چوڻ ھو تہ اھو مسلسل تشدد ذريعي ورتو ويو. جتي 1973 تائين تقريبن ساڍا پنج سال جنگي قيدي ٿي رھيو آخرڪار 14 مارچ 1973 ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.[24] زخمن ھن ۾ تاحيات جسماني معزوريون پيدا ڪري ڇڏيون.ھي پنھنجون ٻانھون مٿي کان مٿي نہ ڪري سگھندو ھو[25] آزادي کان پوءِ ھي گھر پنھنجي زال سنڊي ۽ ٻسرن سان گڏ رھيو .1981 ۾ ھن نيوي مان ڪيپٽن جي عھدي تي اچي رٽائرمينٽ ورتي ۽ ايرزونا لڏي آيو جتي سياست جو پيشو اختيار ڪيائين.

سياسي ڪيريئر[سنواريو]

1982 ۾ مڪين آمريڪا جي ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان ايوان ۾ ھن ٻہ دفعا پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1987 ۾ مڪين ايرزونا رياست مان سينيٽر چونڊيو ويو ۽ ٽوٽل پنج دفعا ان پوزيشن تي چونڊجندو رھيو ۽ آخري دفعو 2016 جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيو ۽ پنھنجي 25 آگسٽ 2018 تي وفات تائين ان عھدي تي قائم رهيو.1990 جي ڏھاڪي ۾ ھن جي ئي ڪوششن سان آمريڪا ۽ ويٽنام جا سفارتي تعلقات بحال ٿيا. ھي عراقي جنگ کي آمريڪا جي مڪمل ڪاميابي تائين جاري رکڻ جو حامي هو. ھي سينيٽ جي ڪامرس واري ڪميٽيءَ جو 2003 کان 2005 تائين چيئرمين رھيو. 2000 ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ اندر پنھجي صدارتي نامينيشن لاء مھم ھلائي پر ناڪام ٿيو، پارٽي ھن جي بدران ٽيڪساس رياست جي گورنر جارج ڊبليو بش جو نالو صدارتي چونڊ لاءِ منظور ڪيو. نيٺ 2008 ۾ ريپبلڪن پارٽي ھن کي صدارتي اميدوار طور چونڊيو پر صدارتي اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار براڪ اوباما کيس 365–173 جي فرق سان شڪست ڏئي. ھن خارجي پاليسي ۾ قدامت پسند رجحان رکندي اوباما جي سخت مخالفت ڪئي. 2015 ۾ سينيٽ جي فوجي ملازمتن واري ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ٿيو.2017 ۾ڪينسر جي بيماري لڳڻ جي ڪري پنھنجي وفات تائين سينيٽ کي باقاعده وقت نہ ڏئي سگھيو

وفات[سنواريو]

2017 ۾ مڪين دماغي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ان بيماري جي ڪري 81 سالن جي عمر ۾ 25 آگسٽ 2018 تي وفات ڪري ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. Morison, Samuel Eliot (2007). The Two-Ocean War: A Short History of the United States Navy in the Second World War. Naval Institute Press. p. 119. 
  2. Timberg, Robert (1999). "The Punk". John McCain, An American Odyssey. Simon and Schuster. ISBN 0-684-86794-X. https://www.nytimes.com/books/first/t/timberg-mccain.html. Retrieved August 4, 2015. 
  3. Roberts, Gary. "On the Ancestry, Royal Descent, and English and American Notable Kin of Senator John Sidney McCain IV". New England Historic Genealogical Society. وقت September 15, 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل May 19, 2008. 
  4. Alexander, Man of the People, p. 22.
  5. McCain was christened and raised Episcopalian. See Nichols, Hans. "McCain Keeps His Faith to Himself, at Church and in Campaign", Bloomberg (April 25, 2008). He then identified as a Baptist, although he had not been baptized as an adult, and was not an official member of the church he attended. See Warner, Greg. "McCain's faith: Pastor describes senator as devout, but low-key", Associated Baptist Press (April 8, 2008). Retrieved September 6, 2008. Also see Hornick, Ed. "McCain and Obama cite moral failures" آرڪائيو ڪيا ويا August 18, 2008, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., CNN (August 16, 2008): "McCain, who was raised an Episcopalian and now identifies himself as Baptist, rarely discusses his faith." Retrieved August 16, 2008. Also see Reston, Maev
  6. Bailey, Holly (May 14, 2007). "John McCain: 'I Learned How to Take Hard Blows'". Newsweek. http://www.newsweek.com/id/34694. 
  7. McCain, Faith of My Fathers, p. 134.
  8. "John McCain", Iowa Caucuses '08, The Des Moines Register. Retrieved November 8, 2007.
  9. Alexander, Man of the People, p. 92
  10. Alexander, Man of the Peopl , p. 33
  11. "Bridging 4 Decades, a Large, Close-Knit Brood", The New York Times (December 27, 2007). Retrieved December 27, 2007.
  12. Nowicki, Dan; Muller, Bill (March 1, 2007). "Back in the U.S.A.". John McCain Report. The Arizona Republic. http://www.azcentral.com/news/specials/mccain/articles/0301mccainbio-chapter4.html. Retrieved November 10, 2007. 
  13. Nowicki, Dan and Muller, Bill. "John McCain Report: Arizona, the early years", The Arizona Republic (March 1, 2007). Regarding his first marriage, McCain said that he "had not shown the same determination to rebuild (his) personal life" as he had shown in his military career, and that "marriages can be hard to recover after great time and distance have separated a husband and wife. We are different people when we reunite... But my marriage's collapse was attributable to my own selfishness and immaturity more than it was to Vietnam, and I cannot escape blame by pointing a finger at the war. The blame was entirely mine." Retrieved November 21, 2007.
  14. Nowicki, Dan and Muller, Bill. "John McCain Report: At the Naval Academy", The Arizona Republic (March 1, 2007); retrieved November 10, 2007; "How the biography was put together", The Arizona Republic (March 1, 2007). Retrieved June 18, 2008. ("McCain's grades [at the Naval Academy] were good in the subjects he enjoyed, such as literature and history. Gamboa said McCain would rather read a history book than do his math homework. He did just enough to pass the classes he didn't find stimulating. 'He stood low in his class,' Gamboa said. 'But that was by choice, not design.'")
  15. Alexander, Man of the People, p. 32.
  16. McCain, Faith of My Fathers, p. 156.
  17. McCain, Faith of My Fathers, pp. 167–68.
  18. McCain, Faith of My Fathers, pp. 185–86.
  19. Timberg, American Odyssey, pp. 72–74.
  20. Weinraub, Bernard. "Start of Tragedy: Pilot Hears a Blast As He Checks Plane", The New York Times (July 31, 1967). Retrieved March 28, 2008.
  21. Dobbs, Michael. "In Ordeal as Captive, Character Was Shaped", The Washington Post (October 5, 2008)
  22. Nowicki, Dan & Muller, Bill. "John McCain Report: Prisoner of War", The Arizona Republic (March 1, 2007). Retrieved November 10, 2007.
  23. Timberg, American Odyssey, p. 83
  24. Sterba, James. "P.O.W. Commander Among 108 Freed", The New York Times (March 15, 1973). Retrieved March 28, 2008.
  25. Purdum, Todd. "Prisoner of Conscience" آرڪائيو ڪيا ويا January 20, 2015, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Vanity Fair, February 2007. Retrieved January 19, 2008