جادو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
گجرات ۾ جادوگري جا ڪرتب

جادُوءَ کي هٿ ناٽ، طلسم يا سحر به چئبو آهي. انسان قديم دور کان وٺي غيبي قوتن، جانورن ۽ دشمنن کي ٽارڻ ۽ قائل ڪرڻ لاءِ ٽوڻا، ڦيڻا، منڊ ۽ منتر استعمال ڪندو رهيو آهي.

تاريخ[سنواريو]

جادوگريءَ ۾ ڏائڻين جو تصور

جادوءَ جو عمل انساني تاريخ جي اوائلي دؤر جو يادگار آهي. اهو انسان جي محدود علم ۽ تجربي جو دؤر هو، جڏهن اڃا هو فطرت جي واقعن ۽ مشاهدن جي ماهيت کان بي خبر هو. سج، چنڊ، باهه ۽ پاڻيءَ کي ديوتا سمجهندو هو. گوڙ، مينهن ۽ طوفان کي ديون جي آمد، جڏهن ته چانڊوڪيءَ جي سهڻي رات کي پرين جي آمد جي تياري تصور ڪيو ويندو هو. انسان تي پهرين فطري طاقتن جي هيبت طاري ٿي، ماحولياتي ۽ فطري تبديليون، سندس اڳيان وڏيون آفتون ثابت ٿيون. ان زماني ۾ انسان سڀ کان پهرين پنهنجي ڀرپاسي ۾ ظاهر ٿيندڙ ٻاهرين طاقتن کي محسوس ڪيو ۽ کانئن گهڻو متاثر ٿيو. اڳتي هلي هن کي پنهنجي هستيءَ ۽ طاقت جو شعور پيدا ٿيو ۽ هن ٻاهرين طاقتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي سٽون سٽڻ شروع ڪيون. آهستي آهستي انساني عقل جي اوسر ٿي. هن پٿرن ۽ ڪاٺ جي اوزارن ذريعي نانگن، بلائن ۽ ٻين خطرناڪ جانورن کي مارڻ شروع ڪيو. جنهن سان ٻين ماڻهن ۾ به خـودداري ۽ خـوداعتماديءَ جنم ورتو. اهـا خوداعتمـادي انسان جي ذهني حرفت ۽ هنرمنديءَ لاءِ هڪ اهم پيش خيمو ثابت ٿي، بعد ۾ انسان ان ڳالهه تي آماده ٿيو ته جسماني طاقتن کان سواءِ، ٽوڻن، ڦيڻن، منڊن ۽ منترن ذريعي اهڙا ڪارناما ڪرڻ گهرجن، جن ذريعي نه صرف آفتن کي ٽاري سگهجي، پر ماڻهن جو ويساهه به وڌي ۽ ماڻهن کي قائل به ڪجي. اهڙيءَ طرح ٽوڻن، ڦيڻن، ٽڪساٽن جو رجحان وڌيو ۽ ان ويساهه جي ڪري ڪن حرفتي ماڻهن، مختلف ڪرتب ڪري عوام جو عقل چرخ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جڏهن انهن ٽڪساٽن، هٿ ناٽن، ٽوڻن ۽ ڦيڻن باقاعدي هڪ فن جو روپ اختيار ڪيو ته ان کي ’جادوءَ‘ جو نالو ڏنو ويو. جادوءَ جي فن جي واڌ ويجهه ۽ ان جو باقاعدي استعمال، انساني تاريخ جي ٻئي يا وچين دؤر ۾ ٿيو. اها انسان جي ذهني ارتقا هئي ۽ عقلمند انسانن پنهنجون اٽڪلون ۽ حرفتون شروع ڪيون، جيڪي عام سمجهه کان مٿاهيون هيون. ائين ئي هن فن جي ارتقا ٿي ۽ ’جادو‘ انسان لاءِ برداشت توڙي مقابلي جو هڪ اهم ذريعو بڻيو.

جادو ۽ مذهب[سنواريو]

جادوءَ جي فن جي ترقيءَ جي ڪري، اوائلي مذهبن جو بنياد ئي جادوءَ تي پيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هيءُ فن هر زماني ۾ هر قوم جي ماڻهن جي عقيدن ۾ داخل رهيو ۽ مختلف ماڻهو مختلف ملڪن ۾ جادوءَ جي مهارت جي دعويٰ ڪندا رهيا. قديم مصر جا پوڄاري ان دعويٰ جي بنياد تي پنهنجي مذهبن ۽ عبادتن جو بنياد رکندا هئا. اوائلي مصري، ويدڪ، بابلي ۽ ٻين روايتن ۾ ديوتائن جي طاقت جو ذريعو ئي جادوءَ تي هو. يورپ ۾ جادوءَ جو رواج به عام رهيو. آفريڪا ۾ ته اڄ تائين مختلف مرضن جو علاج جادوءَ ذريعي ڪيو ويندو آهي. آمريڪا جا ڪي جادوگر، جادوگريءَ کي پنهنجو مذهب تسليم ڪندا آهن، جيڪو آثارِ قديمه جي تحقيق موجب تقريباً 2500 (ق. م) کان مروج آهي. جادو اصل ۾ هڪ نفسياتي اثر آهي، جيڪو جسم ۽ ذهن کي متاثر ڪري ٿو. مثال طور خوف هڪ نفسياتي شيءِ آهي، پر ان جو اثر جسم تي اهڙيءَ طرح ٿئي ٿو، جو سڄو جسم ٿڙڪڻ لڳي ٿو. دراصل جادوءَ سان حقيقت تبديل نٿي ٿئي، پر ان سان انسان جا حواس ۽ جسماني حصا متاثر ٿين ٿا.

سنڌ ۾ جادو[سنواريو]

ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ به جادوءَ جو تصور قديم دور کان موجود آهي. سنڌ جي لوڪ ادب ۾ جنن ڀوتن، جادوگرن، ڏائڻين، ديون ۽ ديوتائن جو ذڪر ۽ جادوءَ جي فن جا شعبدا وڏي شدمد سان بيان ڪيا ويا آهن. ان مان ظاهر آهي ته جادوءَ جي فن جي ترقي ۽ عروج ۾ سرزمين سنڌ به پيش پيش رهي آهي. توڙي جو هن وقت انسان جي ذهني اوسر عروج تي پهچي چڪي آهي ۽ انسان هر شعبي ۾ وڏي ترقي حاصل ڪري چڪو آهي، تنهن هوندي به سنڌ سميت دنيا جي سڀني خطن ۾ اڄ به جادوءَ جو تصور موجود آهي. اڪثر ماڻهو اڄڪلهه محبت ۽ نفرت پيدا ڪرڻ، بدنظر يا دشمن جي حسد کان بچڻ، ڪنهن ماڻهوءَ کي قائل ڪرڻ، دل جي مراد پوري ڪرائڻ، جنن جو واسو ٽارڻ، بيماري دفع ڪرڻ ۽ چوري جي بابت معلومات هٿ ڪرڻ لاءِ مختلف عاملن ۽ ڀوپن کان ٽوڻا ڦيڻا ۽ جادو ڪرائيندا آهن.جادوءَ جي ذريعي ماڻهوءَ لاءِ جِنن ڀوتن يا بدروحن جي مدد سان ڪا بيماري يا مصيبت پيدا ڪرڻ جا جتن ڪيا ويندا آهن، پر اهڙا ماڻهو اڪثر ڪمزور عقيدن جا مالڪ هوندا آهن.

وهم[سنواريو]

جادو رڳو وهم ۽ ڪوڙ تي به ٻڌل نه هوندو آهي. اها حقيقت آهي ته ڪي ماڻهو دوکيبازيءَ سان اهو تاثر ڏيندا آهن ته هو پنهنجين ڪرامتن سان جادو ڪري رهيا آهن، پر سندن عمل هٿ جي صفائي، چالاڪي ۽ شعبده بازيءَ تي ٻڌل هوندو آهي. بت پرستي ڪرڻ ۽ تعويذ ۽ ڌاڳا ڪرائڻ ظاهري طور جادوءَ کان بچاءَ جا ذريعا سمجھيا ويندا آهن.

اسلام ۾[سنواريو]

جڏهن ته عالمن جو چوڻ آهي ته جادُو، شرڪ جو پهريون ڏاڪو آهي. قرآن پاڪ جي ’سورة الفلق‘ ۾ انسان کي انهن ماڻهن جي شر کان بچڻ لاءِ خدا جي پناهه وٺڻ جي هدايت ڪيل آهي، هن سورة جي آيت نمبر ٽينءَ ۾ ڳنڍين ۾ ڦوڪ ڏيندڙ عورتن (جادو ڪندڙ) ۽ حاسد مردن کان به خدا جي پناهه لاءِ فرمايو ويو آهي. حضرت موسيٰ عليه السلام جي دور ۾ جڏهن فرعون، مصر جا جادوگر گهرائي، ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خدا جي حڪم تي حضرت موسيٰ پنهنجي هٿ ۾ جهليل لَٺ کي زمين تي اُڇليو ته لَٺ مان واسينگ نانگ بڻجي پيو. اهو خُدائي عمل هو ته جيئن ماڻهو جادوگرن جي اثرن ۾ نه اچن. هڪ حديث ۾ آهي ته نبي سڳوري صه پنهنجي صحابين کي فرمايو ته ستن برباد ڪندڙ گناهن/ عملن کان بچو:

  • (1) الله سان شرڪ ڪرڻ
  • (2) جادو
  • (3) ناحق قتل ڪرڻ
  • (4) وياج کائڻ
  • (5) يتيمن جو مال ڦٻائڻ
  • (6) جهاد ۾ بزدل ٿيڻ
  • (7) پاڪ ۽ مسلمان عورتن تي ڪوڙا بهتان هڻن يا کين گاريون ڏيڻ.[1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011