تنوير جوڻيجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال

تنوير جوڻيجو
پيدائش 06 فيبروري 1954(1954-02-06)
مٺي، سنڌ، پاڪستان
ڌنڌو ليکڪا
دور 1977 کان هاڻي تائين
مُکيه ڪم ڪهاڻيون، شاعري

تنوير جوڻيجو (انگريزي: Tanveer Junejo؛ جنم: 06 فيبروري 1954ع) سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره، شاعره، سنڌيڪار ۽ محقق آهي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سماجيات واري شعبي جي پروفيسر ۽ چيئرپرسن طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.


ننڍپڻ ۽ تعليم[سنواريو]

تنوير جوڻيجو 06 فيبروري 1954ع تي ٿر جي مشهور شهر مٺيءَ ۾ اکيون کوليون. سندس والد جو نالو صلاح الدين جوڻيجو هو. پاڻ 1973ع ۾ سماجيات جي شعبي ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي[1].

نوڪري ۽ ادبي ڪاوشون[سنواريو]

تنوير جوڻيجو پنهنجي پروفيشنل زندگيءَ جي ابتدا 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسٽوڊنٽ ويلفيئر آفيسر طور ڪئي. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سماجيات (سوشالاجي) شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. سڄي ڄمار انهيءَ شعبي سان سلهاڙيل رهي. نوڪريءَ دوران ساڳئي ئي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. آخر ۾ هن شعبي جي پروفيسر ۽ چيئرپرسن طور رٽائر ڪيائين.

تنوير جوڻيجو ادبي دنيا ۾ پنهنجو هڪ خاص مقام رکي ٿي. هن هيٺيان ڪتاب لکيا آهن[2]:

  • امرت منجھ ڪڙاڻ (ڪهاڻيون)، 1978ع
  • عيبن هاڻي (ڪهاڻيون)، 1981ع
  • ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون (ترجمو) 1985ع
  • ڌمڪ ڌم (ٻارن جا گيت ـــ ترجمو)
  • قديم آثارن وارا ماڳ (تحقيق) 1986ع
  • سماجيات جا اصول (تدريس) 1981ع
  • سماجيات جي لغت
  • عورت، سماج ۽ ڏاڍ، 2004ع

تنوير جوڻيجو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مختلف پروگرامن ۾ هڪ ميزبان ۽ ليکڪا طور حصو ورتو.


حوالا[سنواريو]

  1. "تنوير جوڻيجو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-20. 
  2. ماهوار سرتيون، جلد ٽيون، جولاءِ ڊسمبر 1992ع، سنڌي ادبي بورڊ