تسمانيا
تسمانيه | |||||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| Nickname(s): ايپل ٻيٽ، ھاليڊي ٻيٽ | |||||||||||||||||||||||||||||
| Motto(s): زرخيزي ۽ وفاداري | |||||||||||||||||||||||||||||
آسٽريليا ۾ تسمانيا نمايان ڏيکاريل | |||||||||||||||||||||||||||||
| Coordinates: 42°S 147°E / 42°S 147°E | |||||||||||||||||||||||||||||
| ملڪ | |||||||||||||||||||||||||||||
| رياست | تسمانيا | ||||||||||||||||||||||||||||
| وان ڊيمين واري زمين طور قيام | 1825 | ||||||||||||||||||||||||||||
| حڪومتي قيام | 1856 | ||||||||||||||||||||||||||||
| وفاق | 1901 | ||||||||||||||||||||||||||||
| آسٽريليا ايڪٽ 1986ع | 3 مارچ، 1986ع | ||||||||||||||||||||||||||||
| گادي جو هنڌ | ھوبارٽ | ||||||||||||||||||||||||||||
| وڏي ۾ وڏو شھر | ھوبارٽ | ||||||||||||||||||||||||||||
| تسمانيا جي انتظامي ورهاست | ضلعا (20) | ||||||||||||||||||||||||||||
| حڪومت | |||||||||||||||||||||||||||||
| • طرز | آئيني بادشاهت | ||||||||||||||||||||||||||||
| • باڊي | تسمانيه جي حڪومت | ||||||||||||||||||||||||||||
| • گورنر | ڪيٽ وارنر | ||||||||||||||||||||||||||||
| • پريميئر | پيٽر گٽوين (لبرل پارٽي) | ||||||||||||||||||||||||||||
| ايراضي | |||||||||||||||||||||||||||||
| • زمين | 67,031 چورس ڪلوميٽر (25,881 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||||
| • پاڻي | 1,370.42 چورس ڪلوميٽر (529.12 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||||
| ايراضي درجو | 7th | ||||||||||||||||||||||||||||
| آبادي (مارچ 2020)[1] | |||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪل | 539590 | ||||||||||||||||||||||||||||
| • درجو | 6th | ||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | ||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪثافتي درجو | 4th | ||||||||||||||||||||||||||||
| رهاڪو نالو | تسمانيائي يا تسمانين | ||||||||||||||||||||||||||||
| وقتي علائقو | UTC+10:00 (AEST) | ||||||||||||||||||||||||||||
| • اونهارو (ر.ب.و) | UTC+11:00 (AEDT) | ||||||||||||||||||||||||||||
| پوسٽل ڪوڊ | TAS | ||||||||||||||||||||||||||||
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | AU-TAS | ||||||||||||||||||||||||||||
| جي ايس پي سال | 2018–19 | ||||||||||||||||||||||||||||
| گراس اسٽيٽ پراڊڪٽ آ (ڪروڙ آسٽريلين ڊالر) | $3181.9[2] (7th) | ||||||||||||||||||||||||||||
| جي ايس پي في ڪس | $59,863 (8th) | ||||||||||||||||||||||||||||
| ويب سائيٽ | www | ||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||

تسمانيا يا تزمينيا (Tasmania؛ /tæzˈmeɪniə/;[7]، مختصر طور "TAS"، آسٽريليا جي ھڪ رياست آهي، جيڪا ھڪ وڏي ٻيٽ، جيڪو آسٽريليا جي مکيه زمين کان ڏکڻ طرف سمنڊَ ۾ 240 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، تي مشتمل آهي. ان کي آسٽريليائي مکيه زمين کان ٽوريس سامونڊي لنگھه (Torres Strait) ڌار ڪري ٿو. تسمانيا جو ٻيٽ دنيا جو پکيڙ ۾ 26ھون وڏو ٻيٽ آهي ۽ هن جي پسگردائيءَ ۾ 334 ننڍا ٻيٽ واقع آھن.[8] تسمانيا رياست جي پکيڙ سڀ ٻيٽن سميت 68,401 چورس ڪلوميٽر (26,410 چورس ميل) آھي، رڳي تسمانيا ٻيٽ جي پکيڙ 64,519 چورس ڪلوميٽر (24,911 چورس ميل) آھي [9] ۽ 2020ع جي اندازي مطابق رياست جي آبادي 5,39,590 هئي،[1] جن مان 40 سيڪڙو آبادي گريٽر ھوبارٽ واري علائقي، جيڪو ھوبارٽ ميٽروپوليٽن علائقو سڏبو آهي، جي اندر هئي. ھن رياست جي گادي جو هنڌ ھوبارٽ آھي، جيڪو رياست جو سڀ کان وڏو شھر پڻ آھي.[10]
ان رياست جي قدرتي رياست طور پذيرائي ڪئي وئي آهي، جنھن خاطر ان جي 42 سيڪڙو علائقي کي قدرتي حالت ۾ برقرار رکڻ خاطر محفوظ ڪيو ويو آهي جنھن ۾ قومي پارڪ ۽ تسمانيائي جنگلي جيوت وارا علائقا شامل آهن، جنهن کي عالمي ورثو قرار ڏنو ويو آهي.[11] تسمانيا دنيا جي پھرين ماحولياتي سياسي پارٽي ٺاھيندڙ خطو آھي.[12]
تاريخ
[سنواريو]ھڪ خيال مطابق تسمانيا جي ٻيٽ تي قديم انساني آبادي جي شروعات 30000 سال اڳ ٿي ھئي[13] ماھرن جي خيال مطابق تسمانيا ٻيٽ پھرين آسٽريليا جي سرزمين جق حصو ھيو ۽ اتي ابارجينل ماڻھن جا قبيلا آباد ھيا. اٽڪل 11700 سال اڳ سامونڊي چاڙھ سبب تسمانيائي علائقو آسٽريليا کان ڌار ٿي ھڪ ٻيٽ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ انھن وچ ۾ بيس وارو سامونڊي لنگھ وجود ۾ اچي ويو[14]

يورپين مان ھن سرزمين تي ھڪ ڊچ جھازران انٿوني وان ڊيمن پھريون شخص ھيو جيڪو 1642ع ۾ ھن ٻيٽ جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري تي پھتو ۽ نيدرلينڊز جو جھنڊو لڳايو. ساڳي سال نيدرلينڊز جو جھازران ۽ کوجنا ڪندڙ ايبل تسمان ٻيٽ جي اولھندي ڪناري تي پھتو جنھن جو سرپرست وان ڊيمن ھيو . تسمان ان ڌرتيءَ تي وان ڊيمن جي سرزمين نالو رکيو جيڪو 1803 ۾ برطانوي ماڻھن جي آمد ۽ نوآبادڪاري وقت پڻ تن برقرار رھيو پر 1855ع ۾ جڏھن اتي مقامي ماڻھن جي مرضيءَ واري حڪومت جو آغاز ٿيڻ وقت ان جو نالو تبديل ڪري تسمانيا رکيو ويو ڇوتہ وان ڊيمن جي سرزمين جو نالو اتي قيدين ۽ غلامن جي ڪالوني ھجڻ جي ڪري دنيا ۾ خراب تاثر ڏئي رھيو ھو. نئين نظام سان نئون نالو ايبل تسمان جي نالي تان رکيو ويو[15].

برطانوي نوآبادڪاري وقت ھن ٻيٽ جي ابارجينل ماڻھن جي آبادي ٽي ھزار کان ستن ھزارن تائين ھئي جيڪا 1820 واري ڏھاڪي کان 30 سالن جي عرصي ۾ برطانوي نوآبادڪارن سان ڪاري جنگ جي نالي سان ڇتي گوريلا ويڙھ ۽ مختلف وبائي بيمارين سبب ناس ٿي وئي. ھتي سزايافته قيدين جي ڪالوني قائم ڪري انگريزن ھن علائقي کي نيو سائوٿ ويلز جو حصو بڻايو ھو ل. ان نوآبادڪاري جو سبب فرانس جي دعوا کي روڪڻ ھيو[16]

ان ڪالوني م 75000 سزايافته قيدي منتقل ٿي چڪا ھيا جن کان سزا تحت سخت پورھئي وارو ڪم ورتو وہندو ھو. جن جي آمد جو سلسلو 1853ع ۾ نئين نظام جي قيام سان روڪيو ويو. 1854ع ۾ تسمانيا جو موجوده آئين منظور ڪيو ويو. 1901 ۾ ھي رياست آسٽريليا جي وفاق جو حصو بڻجي ھڪ فيڊريٽيڊ رياست ٿي وئي.
سياسي ۽ انتظامي نظام
[سنواريو]ھن رياست جي حڪومت ان جي پنھنجي آئين تحت قائم آھي ساڳي وقت آسٽريليا جو آئين وفاق اندر وفاقي معاملن، وفاق سان ۽ ٻين فيڊريٽيڊ رياستن سان تعلق وارن ضابطن جو نفاذ ڪري ٿو. تسمانيا جا آسٽريليا جي سينيٽ م 12 رڪن آھن جيڪي ٻين رياستن جي رڪنن جي برابر آھن. آسٽريليا جي ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز ۾ تسمانيائي نمائندگي پنج سيٽن جي آھي. سڀني رياستن جي ڀيٽ ۾ اھا سڀ کان گھٽ نمائندگي آھي. تسمانيائي اسيمبلي ھائوس ۾ اميدوارن جي چونڊ متناسب نمائندگي جي بنياد تي ٿيندي آهي. 2002 جي ھن رياست جي اسيمبلي ھائوس واري چونڊ ۾ ليبر پارٽي، آسٽريليا 25 مان 14 سيٽون حاصل ڪيون.
| تسمانيائي پارليامينٽ جي جوڙجڪ | ||
|---|---|---|
| سياسي پارٽي |
اسيمبلي ھائوس |
ليجسليٽو ڪائونسل |
| ليبر پارٽي | 10 | 5 |
| لبرل پارٽي | 13 | 3 |
| گرينز | 2 | 0 |
| آزاد | 0 | 7 |
| ذريعو: تسمانيائي انتخابي ڪميشن | ||
رياست جو حڪومتي سربراھ پريميئر سڏبو آهي ۽ رياست جو سربراھ برطانوي شاھي سربراھ جي نمائندگي ڪندڙ گورنر ھوندو آھي. 23 فيبروري 2004ع ۾ ھتان جي پريميئر جم بيڪن ڦڦڙن جي ڪينسر جي بيماري جي ڪري پنھنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو جنھن جي جاء پائول لينن ورتي جنھن ٻہ سال رياست جي سربراهي ڪئي ۽ 2006 ۾ پاڻ چونڊون کٽي آيو پر 2008ع ۾ استعيفا ڏنائين. ان جي جاء ڊيوڊ برٽليٽ ورتي جنھن گرينز پارٽي سان ملي ڪري مخلوط حڪومت ٺاهي. 2010ع جي چونڊن ۾ ھنگ پارليامينٽ آئي. جنوري 2011ع ۾ لارا گڊنگس سندس جاء ورتي جيڪا تسمانيا جي پھرين عورت پريميئر ٿي. مارچ 2014ع ۾ ول ھوڊگمن جي لبرل پارٽي چونڊون کٽي آئي ۽ ليبر پارٽي جي سورھن سالن جي دؤر جي پڄاڻي ٿي
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. 24 September 2020. 24 September 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. 15 November 2019. 20 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Tasmanian State Emblems". parliament.tas.gov.au. Parliament of Tasmania. 1 June 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Proclamation of Tasmanian floral emblem". Tasmanian Government Gazette. www.parliament.tas.gov.au. 27 November 1962. 23 January 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Proclamation of Tasmanian mineral emblem, Tasmanian Government Gazette, 4 December 2000.
- ↑ "Proclamation of Tasmanian mineral emblem". Tasmanian Government Gazette. www.parliament.tas.gov.au. 4 December 2000. 23 January 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Definition of Tasmania from the Oxford Advanced Learner's Dictionary". اصل نسخو مان 27 ڊسمبر 2011 تي محفوظ ڪيل. 15 مَئي 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Discover Tasmania – Our Islands". Government of Tasmania. اصل نسخو مان 7 January 2014 تي محفوظ ڪيل. 5 February 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Area of Australia – States and Territories. ga.gov.au
- ↑ "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2016–17: Main Features". Australian Bureau of Statistics. Australian Bureau of Statistics. 24 April 2018. 13 October 2018 تي حاصل ڪيل. Estimated resident population, 30 June 2017.
- ↑ "Complete National Parks and Reserves Listings". Parks and Wildlife Service. 28 January 2013. اصل نسخو مان 10 December 2006 تي محفوظ ڪيل. 3 April 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Howes, Michael. "United Tasmania Group (UTG)". britannica.com. Encyclopædia Britannica. 21 January 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Aboriginal Life Pre-Invasion". www.utas.edu.au. 2018-09-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Separation of Tasmania". Canberra: National Museum Australia. 22 July 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ The name "Van Diemen's Land" name was retained when British settlement began there in 1803. It became a byword for horror in England because of the severity of its convict settlements such as Port Arthur and Macquarie Harbour. The name had acquired such odium that when it became a self-governing colony in 1855, one of the first acts of the new legislature was to change its name to Tasmania. "Tasmania is preferred, because 'Van Diemen's Land' is associated among all nations with bondage and guilt" John West remarked at the opening of his History of Tasmania (Launceston: Dowling) 1852, vol I:4). But the old name lingered for many years—Tasmanians were referred to as Vandemonians until the turn of the century.
- ↑ "Van Diemens Land". 3 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using embedded infobox templates with the title parameter
- تسمانيه
- آسٽريليا جون رياستون
- آسٽريليا جا ٻيٽ
- پئسفڪ وڏي سمنڊ جا ٻيٽ