بولان لڪ
| بولان لڪ Bolān Pass درۂ بولان | |
|---|---|
ريلوي لائين بولان لڪ کان گذريندي | |
| اوچي سطح | |
| بلندي | 1,793.4 m (5,884 ft) |
| مقانيت | |
| جاگرافي | |
| جڳهه | سبي، پاڪستان |
| مرڪزي جابلو قطار | توبه ڪاڪڙ جبلن جو سلسلو |
بولان لڪ (انگريزي: Bolan Pass؛ اردو: درۂ بولان) پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ توبا ڪاڪڙ جبلن جي سلسلي مان گذرندڙ هڪ وادي ۽ قدرتي داخلو آهي.[1] اهو افغانستان سان پاڪستان جي سرحد کان 120 ڪلوميٽر (75 ميل) ڏکڻ ۾ واقع آهي. اهو لڪ 89 ڪلوميٽر (55 ميل) بولان نديءَ جي وادي جي ڏکڻ ۾ "رندلي" کان اتر ۾ "ڪولپور" جي ويجهو "دروازا" تائين آهي. اهو ڪيترن ئي تنگ گھاٽن ۽ استرين مان ٺهيل آهي.[2] اهو ڪوئيٽا کي روڊ ۽ ريلوي ذريعي سبي سان ڳنڍي ٿو.
اسٽرٽيجڪ جاء تي واقع هجڻ جي ڪري، ان کي واپارين، حملي آورن ۽ خانه بدوش قبيلن طرفان ڏکڻ ايشيا جي داخلي جي طور تي پڻ استعمال ڪيو ويو. [3] بولان لڪ بلوچ سرحد تي هڪ اهم رستو آهي، جيڪو جيڪب آباد ۽ جھنگ کي ملتان سان ڳنڍيندو آهي، جيڪو افغانستان ۾ انگريزن جي مهمن جي تاريخ ۾ هميشه هڪ اهم مقام رکندو هو.
لڪ جي ڏکڻ ۾ مقامي آبادي گهڻو ڪري براهوي قبيلن تي مشتمل آهي، جيڪي بولان لڪ کان وٺي عربي سمنڊ تي ڪيپ مونز تائين پکڙيل آهن.[4] [5] لڪ جي اتر ۾ نسلي گروهه اڪثر پشتونن تي مشتمل آهن، جڏهن ته اولهه ۾ بلوچ آباد آهن.[6]
جاگرافي
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]بولان پاس ريلوي
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Bolān Pass, Encyclopædia Britannica 4 October 2014.
- ↑ Bolān Pass, Encyclopædia Britannica 4 October 2014.
- ↑ Singh, Sarina (2004). Pakistan & the Karakoram Highway (6th ڇاپو). Lonely Planet. ص. 112. ISBN 978-0-86442-709-0.
- ↑ Minahan, James B. (31 August 2016), "Brahui", Encyclopedia of Stateless Nations: Ethnic and National Groups around the World, 2nd Edition: Ethnic and National Groups around the World, ABC-CLIO, ص. 79–80, ISBN 978-1-61069-954-9
- ↑ Shah, Mahmood Ali (1992), Sardari, jirga & local government systems in Balochistan, Qasim Printers, ص. 6–7
- ↑ Robert Markham, Sir Clements (1878). "The Geographical Magazine, Volume 5". The Geographical Magazine, Volume 5. 10 March 2020 تي حاصل ڪيل.