مواد ڏانھن هلو

بنودني داسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بنودني داسي
پيدائشسال 1862
وفات1941 (عمر 7879)
ٻيا نالاNotee Binodini
پيشوڊرامو جي ناٽڪڻ

بنودني داسي (جنم 1841- وفات1941) ڪولڪتا جي رهواسڻ بنگالي ٻولي جي مشهور ناٽڪڻ (اداڪارِ) ۽ ٿيٽر آرٽسٽ هُئي.[1] هن 12 سال جي ڄمار ۾ اداڪاريءَ جي شروعات ڪئي ۽ 23 سال جي ڄمار ۾ پنهنجي ڪيريئر ختم ڪيائين. هن پنهنجي پاڻ لکيل آتم ڪٿا امر ڪٿا ۾ ان جو انڪشاف ڪيو جيڪا 1913 ۾ ڇپي هُئي.[2]

زندگيءَ جو اَحوالُ

[سنواريو]

هن طوائف زادي جي حيثيت ۾ هن دنيا ۾ پنهنجيون اکيون کوليون هيون. ۽ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات داشتا طور 12 سال جي ڄمار ۾ ڪيائين. هن ڪولڪتا کان نيشنل ٿيٽر ۾ سال 1874 ۾ پنهنجو پهريون سنجيدہ ڊرامو پيش ڪيو جنهن جو نگران گيريش چندر گهوش هيو.[3] انهيءَ دوران بنگالي ٿيٽر ۾ يورپي ثقافت ۾ فروغ وٺي رهي هئي ۽ عوام هٿون هٿ وٺي رهيو هيو. پنهنجي ٻارنهن سال جي ڪيريئر ۾ هن 8 ڪردار نڀايا آهن جن ۾ سيتا، دروپدي، راڌا، عائشہ، ڪائيڪائي، موتي بي بي ۽ ڪپال ڪوندلا شامل آهن. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي اول درجي جي ٿيٽر اداڪار آهي، جنهن خود نوشت سوانح عمري لکي آهي. هن اوچتو پنهنجو ڪيريئر ختم ڪري ڇڏيو ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين ڪنهن بہ ماڻهوءِ اڄ تائين ان جو تفصيل يا ڪارڻ تي روشني ناهي وِڌي. هن پنهنجي پاڻ لکيل آتم ڪٿا ۾ ڪيترائي دغا ۽ بي وفائي جو زڪر ڪيو آهي. هن دقيانوسيت کي نظر انداز ڪندي نسوانيت کي اختيار ڪيو ۽ سماج ۾ پنهنجي اهميت ۽ عظمت تي قلم کنيائين. هن جو شهرت ايتري وڏي هئي جو 19هين صدي جي مشهور صوفي سنت رام ڪرشن، سال 1884 ۾ هن جو ڊرامو ڏسڻ آيو هيو.[4] هن بنگالي ٿيٽر کي نئين ٽيڪنيڪ سان نوازيو ۽ يورپي ٽيڪنيڪ کي متعارف ڪرايائين جنهن سان بنگالي ٿيٽر کي هڪ نئون رُخ مليو.

عام ثقافت ۾

[سنواريو]

سال 1994 ۾ هن جي جيون تي هڪ فلم ٺاهي وئي جنهن جو نالو ناتي بنودني هُيو. ان ۾ پراسينت جي چٽرجي ۽ ديباشري رائي اداڪاري ڪئي آهي.[5]

هن جي سنواح حيات “امر ڪٿا“ تي هڪ ڊرامو ٺهيو جنهن جو نالو ناتي بنودني هيو جنهن کي پهريون ڀيرو نيشنل اسڪول آف ڊراما پاران سال 1995 ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ٻيو ڀيرو سال 2006 ۾ اهو ٿيٽر هدايتڪار امل الانا دهلي ۾ پيش ڪيو.[6][7][8]

حوالا

[سنواريو]
  1. Murshid, Ghulam (2012). "Dasi, Binodini". in Islam, Sirajul; Jamal, Ahmed A.. Banglapedia: National Encyclopedia of Bangladesh (Second ed.). Asiatic Society of Bangladesh. http://en.banglapedia.org/index.php?title=Dasi,_Binodini.
  2. "Women on stage still suffer bias: Amal Allana (Interview)". Sify News. 11 مارچ 2010. 2 اپريل 2010 تي حاصل ڪيل.
  3. Bringing alive Binodini Dasi دي ٽريبيون، Sunday, 18 نومبر 2007.
  4. Christopher Pinney, Photos of the Gods p. 42
  5. Nati Binodini-IMDB
  6. Romesh Chander (8 ڊسمبر 2006). "Autobiography comes alive : "Nati Binodini"، based on Binodini's autobiography "Aamar Kathaa"". The Hindu. اصل نسخو مان 6 جون 2011 تي محفوظ ڪيل. 2 اپريل 2010 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |archive-date= (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد)
  7. "STAGE CRAFT". India Today. 8 فيبروري 2008. 2 اپريل 2010 تي حاصل ڪيل.
  8. "Lights, sets, action.۔: Nissar and Amal Allana's "Nati Binodini" premieres this weekend in Delhi". The Hindu. 24 نومبر 2006. 2 اپريل 2010 تي حاصل ڪيل.