بلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نانگ کل ڇڏيندي

بلا : (انگريزي: Snake) سنڌيءَ ۾ نانگ کي چوندا آهن. سنڌ ۾ بلائون به گهڻن قسمن جون ٿينديون آهن، جن مان ”ارڙ“ کان سواءِ ٻين سڀني ۾ زهر هوندو آهي، مثلاً: ”واسينگ“، ”گڊا“، ”کپر“، ”گهوڙيال“، ”لنڊيون“، ”ڪوراڙيون“، ”ڪنڀاريون“، ”لهاريون“، ”ٻه منهنيون“، ”ارڙ“، ”ڪلاڌاري“، ”پيئڻيون“، ”کڻ“، ”سرنگ“، وغيره انهن سڀني بلائن مان تکي ”گهوڙيال“ ٿئي، چون ٿا ته گهوڙي جهڙي تکي ڊوڙي ٿي، ان ڪري ئي سندس نالو ”گهوڙيال“ پيو آهي، ۽ اڇل ڏئي ڌڪ هڻڻ ۾ ”لنڊي مشهور آهي، ۽ ”واسينگ“ نانگ جو وير وٺڻ مشهور آهي، سندس وير وٺڻ جون سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشهور آهن. ”کڻ، وري سانڊيءَ وانگر ٿيندو آهي. کڻ ۾ اهڙو زهر ٿيندو آهي، جو جتي ٿورڙي رهڙ آئي همراهه اتي ئي پورو. ان ڪري ان کي چوندائي آهن، ”هڻکڻ“ يعني ڌڪ لڳو ته کڻي وڃي قبر ڀيڙو ڪريوس! بچندو ڪونه! ڇو جو علاج ڪرڻ جيترو وقت ئي ڪونه ملي. علاج رسڻ کان اڳ ئي ماڻهو مريو وڃي. ”ٻه-منهنن“ بلا ڇهه مهينا هڪڙو منهن کوليندي آهي، ڇهن مهينن کان پوءِ وري اهو منهن بند ٿي ويندو اٿس، ۽ وري پڇ وارو منهن کلندو اٿس. هي بلا به ذري گهٽ بي ضرر ٿيندي آهي. ”ارڙ“ بلا ۾وري زهر اصل ڪونه ٿئي، ٿئي به سڀني بلائن کان وڏي ۽ ٿلهي، پر زهر ذات ڪونه ٿئيس! ارڙ رڳو ڳهيندي آهي، يا وري وجهه وٺي زور ڏيندي آهي. انهيءَ زور ۾ چون ٿا ته هڏا به ڀڃيو ڇڏي. ڪن جو چوڻ آهي ته ارڙ جي اکين ۾ اهڙي ته ڪشش هوندي آهي جو جنهن ڏي ڏسندي آهي، انهيءَ کي وري چرڻ جي به طاقت ڪانه ٿيندي آهي، تان جو وڃي وات هڻندي اٿس يا ور وجهنديس باقي ”ڪلاڌاري“ نانگ ۾ ته اهڙو زهر ٿيندو آهي، جو وس ڪندي جوڳي سنڍيندا به ڪونه اٿس ڪو اهڙو قابل جوڳي هوندو آهي، جو ڪلاڌاري نانگ سان ويڙهه کائيندو، جهڙي تهڙي جي جاءِ ناهي، ”ڪلاڌاري“ ناگن جو رڳو ڦوڪ ۾ ئي اهڙو زهر ٿيندو آهي، جو ڦوڪ ڏيڻ سان سامهون سڀ شيون ساڙي ڇڏيندو آهي. ”پيئڻ“ بلا وري چوندا آهن ته رات جو ننڊ ۾ ساهه پي ويندي آهي، پر حقيقت ائين نه آهي. بلڪ هئين ٿو ڀانئجي ته ستل ماڻهو جي نڪ ۾ پنهنجي زهري ڦوڪ ڏئي ويندي آهي، پوءِ جيئن ٻيو ڏينهن جو تڙڪو ٿيندو ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي سج جي روشنائي ۽ گرمي لڳندي، تيئين زهر ويندو چرندو، تان جو ٿوري وقت ۾ هڻي اوراٽي ماري وجهندو. پيئن گهڻو ڪري وارياسيءَ زمين ۾ ٿيندي آهي. ٿر ۾ پيئڻ تمام گهڻي ٿئي. ان ڪري ٿري ماڻهو پيئڻ جي زهر کان بچڻ لاءِ بصر کائي ۽ بصر ڀڃي ڀرسان رکي رکندا آهن. پيئڻ، بصر جي ڌپ تي ڪانه ايندي آهي. ٿري پيئڻ جي پيتل ماڻهوءَ جو علاج به ڪندا آهن،[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page12.html.  Missing or empty |title= (مدد)}