ارڙ
ارڙ بلا Python | |
---|---|
برما جو ارڙ نانگ | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | پائٿن |
هم معنيٰ | |
List
|
ارڙ بلا، اردو ۽ فارسي ۾ اجگر( اج=ٻڪرو ; گر= ڳھندڙ)، يا ازدها(اژدہا)- (انگريزي: Python ): هي دنيا جي سڀ کان وڏين بلائن جي ڪٽنب مان آهي جيڪا هڪ کان 10 ميٽر (3.3 فٽ کان 32.8 فٽ) ڊگهي ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۾ ارڙ -بلا- جي ڊيگهه 5 کان 12 فٽ ۽ وڌ ۾ وڌ 22 فٽ ٿي سگهي ٿي. پڇ جسم جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو ٿئيس ٿو. ارڙ -بلا- عام طور تي گلابي ٿئي ٿي، جسم جو مٿيون حصو هلڪو ميٽوڙي يا هيڊو هوندو اٿس، جيڪو ٻنهي پاسن کان هلڪو ٿيندو ويندو آهي. پٺيءَ تي وڏا وڏا خاڪي ۽ گهري رنگ جا بي ترتيب بيضوي چِٽ هوندا اٿس، پاسن کان به اهڙا ئي ننڍڙا چٽ ٿينس ٿا. ارڙ جو پيٽ هيڊو ۽ -ان- تي سنهڙا ڪارا داغ هوندا آهن.
هيءَ وڏي -بلا- دنيا ۾ هر هنڌ خاص ڪري گِهميل گهاٽن ٻيلن ۾، وڻن جي ٿُڙن ۾، يا پٿريلن ڏرڙن ۾ پئي هوندي آهي. ٻيلن ۾ وڻن تي چڙهي شڪار جو انتظار ڪندي آهي. ڏينهن جي وقت ۾ اس پئي سيڪيندي آهي، ڇو ته وڏي جسامت هئڻ ڪري -ان- کي جسماني چرپر لاءِ وڌيڪ گرمائش جي ضرورت پوي ٿي. عام طور تي رات جو شڪار لاءِ نڪرندي آهي. عادت ۾ سست هئڻ ڪري هڪ هنڌ رهڻ پسند ڪندي آهي. هڪ ڀيرو ڍوَ تي کائڻ کان پوءِ ڪيئي هفتا سست پئي آرام ڪندي آهي. ارڙ عام طور پکي ۽ ٿڻائتا جانور شڪار ڪندي آهي. سنڌ ۾ ارڙ -بلا- جي خوراڪ ۽ رهائشي ماحول گهٽجي ويو آهي، پر ٻين ملڪن ۾ هن جنس جا نانگ وڏن جانورن مثال طور هرڻ، چيتي، ۽ واڳونءَ کي به کايو وڃن. ارڙ -بلا- شڪار تي وات سان حملو ڪندي آهي، اها شڪار جي جسم ۾ پنهنجا ڊگها ڏند کُپائي، پنهنجي جسم سان شڪار کي وڪوڙي سوگهو ڪندي آهي ۽ زور ڏيئي -ان- جون هڏيون ڀڃي، ساهه ٻوساٽي ڇڏيندي آهي. شڪار جي موت کان پوءِ ارڙ پنهنجي شڪار کي سڄي جو سڄو ڳڙڪائڻ شروع ڪندي آهي.
ارڙ زهريلي نه آهي. -ان- جو وات وڏو ۽ ويڪرو هوندو آهي. ڏند وڏا، مضبوط ۽ پوئتي وريل هوندا اٿس، جيڪي شڪار جي جسم ۾ اندر تائين گهڙي، -ان- کي بي وس ۽ زخمي ڪري ڇڏيندا آهن.
ارڙ -بلا- عام طور ڌٻڻين وارن گپ وارن علائقن ۾، ٻيلن ۽ جابلو ڏرڙن ۾ رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن زمين ۾ وڏن ڏرڙن، غارن ۽ ويران جاين ۾ به رهندي آهي. سڄي عمر هڪ ئي ماڳ تي گذاريندي آهي، کيس حالتون ئي جاءِ بدلائڻ تي مجبور ڪنديون آهن. خشڪيءَ تي سست رفتار آهي، سٺي تيراڪ -بلا- آهي ۽ تيزيءَ سان ترندي آهي. گرميءَ جي مند ۾ اڪثر وقت پاڻيءَ ۾ گذاريندي آهي. خطرو محسوس ڪندي ته شوڪارا ڪندي آهي ۽ مقابلو ڪرڻ بدران ڀڄڻ کي ترجيح ڏيندي آهي.
ارڙ نانگ نومبر کان جنوريءَ تائين سياري واري نستائيءَ جي ننڊ ۾ هليو ويندو آهي. مادي ارڙ -اپريل- کان -جُون- تائين 15 کان 45 بيضا ڏيندي آهي ۽ بيضن جي چوڌاري وڪڙ هڻي حفاظت ڪندي آهي. 57 کان 66 ڏينهن ۾ ٻچا ڦُٽي پوندا آهن. انسانن کي وڏن نانگن کان ڊپ ٿيندوآهي، -ان- ڪري ماريا ويندا آهن. -ان- کان سواءِ هن خوبصورت -بلا- جي کل به -ان- جي موت جو ڪارڻ بڻبي آهي.[1]