پيئڻ بلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پيئڻ بلايا پيئڻ نانگ: هڪ قسم جي بلا ٿيندي آهي جيڪا سنڌ جي ٿر واري حصي ۾ يا وارياسن هنڌن تي ڏسبي آهي، هن بلا جي ڊيگهه وڌ ۾ وڌ چار فوٽ ۽ ٿولهه اڌ انچ جي برابر ٿيندي اٿس. سندس رنگ مٽيءَ جهڙو هوندو آهي ۽ اونداهيءَ ۾ گهڻو ڪري ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ايندي آهي ۽ روشنيءَ ڏي لڙي به ڪانه. ٿر ۾ هُن بلا کي ڀوڪڻ چوندا آهن. هي بلا چڪ يا ڏنگ ڪانه هڻي پر ستل ماڻهوءَ جي وات يا نڪ ۾ يا تہ زهر هاري يا زهري ڦوڪ ڏئي. ائين اهو زهر ستل ماڻهوءَ جي بدن ۾ هليو وڃي ۽ ڦوڪ ڏيڻ يا زهر هارڻ کان پوءِ اها بلا ستل ماڻهوءَ کي پڇ جو ڌڪ هڻي هوشيار ڪري ويندي آهي. جيئن سج جو تڙڪو يا روشني لڳندي ويندي تيئن سندس بدن ۾ زهر پکڙجي اثر ڪندو ويندو ۽ ماڻهو ويندو اهربو تان جو ٿوري ئي وقت ۾ مري ويندو آهي. هن بلا کان بچڻ جو اپاءُ هي آهي ته يا ته سڄي رات ماڻهو ويٺو يا ٻيو هجي يا ڀرسان ڪا بتي ٻرندڙ هجي يا باهه جي روشني موجود هجي. يا اهو ماڻهو ٿورو ڪچو بصر کائي ۽ بيو ڀرسان رکي سمهي ڇو جو هي بلا روشني ۽ بصر جي بوءِ کان ڀڄندي آهي. ٿري ماڻهن کي جي رارت جو ٻنيءَ جي رکوالي ڪندي يا مال سان هوندي ڪٿي رات پوندي آهي ته هو ڇا ڪندا آهن جو پاڻ سان هڪ ڪپڙي جي ڳوٿري رکي پوءِ رات جو سمهڻ وقت اها ڪپڙي جي ڳوٿڙي رکي چاڙهي ڳچيءَ وٽان ٻڌي پوءِ سمهندا آهن. پيئڻ گهڻو ڪري سانوڻ جي مهيني کان وٺي سياري جي شروعات تائين مار ڪري. هن بلا جي زهر واري جو هيئن علاج ڪندا آهن: جو مريض کي ڪنهن اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙي طرح جو ڪوبه سج جو ڪرڻو ڪٿا به نه اچي. ايستائين جو ڪٿي ڪا ڦوٽ يا سوراخ هوندو آهي ته انهيءَ کي به بند ڪريو ڇڏين پر ٿر ۾ جيئن ته ڪکاوان گهر ٿين ۽ انهن مان تڙڪو ايندو رهندو آهي، ان ڪري اهي وري ڇا ڪن جو منجي آڻي انهن جي پاون ۾ پانگارون ٻڌي مريض کي منجيءَ تي ويهاري پوءِ کيس پانگارن جي ذريعي ڪنهن اونهي کوهه ۾ پاڻي جي دنگ تائين لاهي پوءِ مٿي پڳ تي پانگارون ٻڌي ڇڏين پوءِ چوٿين- پنجين ڏينهن کان پوءِ مريض کي ٻاهر ڪڍن ٿر ۾ جيئن ته کوهه سوء پر هن کان به اونها ٿين ان ڪري هيٺ تائين روشنيءَ جي رسڻ جو امڪان ئي ڪونه هوندو آهي. ٻيو ته وري مريض واري کوهه کي ڏينهن جو مٿان رلي ٽپڙ سان ڇانئي ڇڏين، ائين ٽن –چئن ڏينهن ۾ مريض جي بدن مان زهر جو اثر نڪري وڃي پوءِ کيس ٻاهر ڪڍن. ڪي وري پيئڻ جي زهر جي اثر لاهڻ پوءِ سنباهي پکيءَ جا آنا ڪچا پيارين، ائين ڪرڻ سان به پيئڻ جي زهر جو اثر ٺهيو وڃي. ڪي وري اهڙي مريض کي ڳاڙهي ڦٽڪي کارائين. پهرين ته مريض کي ڦٽڪي جو ذائقو ئي معلوم نه ٿيندو پر جڏهن ذائقو معلوم ٿيڻ لڳي تڏهن ڦٽڪي کارائڻ بند ڪجي. چون ٿا ته پيئڻ جي زهر جو اهو هڪ-ٽڪ علاج آهي. اڳي کان ائين مشهور آهي ته هيءَ بلا سُتي ماڻهو جو ساهه پي ٿي وڃي، ان ڪري ماڻهو مريو وڃي ۽ انهي ئي سبب جي ڪري انهي بلا کي سڏڻ ئي ”پيڻ“ لڳا يعني پي وڃڻ واري.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page17.html.  Missing or empty |title= (مدد)}