برف جون ڇپون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برف جون ڇپون(Iceberg) دنيا جي اتر قطب يا ڏکڻ قطب ڏي جيترو ويجهو وڃبو، اوترو گهڻي ٿڌ ملندي. آخر اهڙو هنڌ شروع ٿي ويندو، جتان کان وڌيڪ اڳيان سخت سيءَ ڪري سڄو سمنڊ برف وانگر ڄميل ملندو. اونهاري جي موسم ۾ سمنڊ جا ڪجهه برفاني حصا باقي ڄميل برف کان ڇڄي ڌار ٿي، پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳندا آهن. اتر ناروي ۽ ڪئناڊا پاسي جهاز هلائيندي برف جون اهي ڇپون (آئيس برگ) نظر اينديون آهن. اهي آئيس برگ (Ice berg) ڪافي وڏا ٿين ٿا. ڪي ڪي ته جهاز کان به ٻيڻا ٽيڻا وڏا ٿين ٿا. پر تپرس جي اها ڳالهه آهي ته سمنڊ جي مٿان نظر ايندڙ هي آئيس برگ سڄي آئيس برگ جو فقط هڪ حصو هوندا آهن. جيئن جهاز جيترو نظر اچي ٿو، اوترو سمند اندر به ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح نظر ايندڙ هيءَ ”برف جي ڇپ“ اصل ۾ ”آئيس برگ“ جي فقط Tip (ذرڙو) ٿئي ٿي، باقي ان جو اٺوڻ يا نائوڻ جيترو حصو سمنڊ اندر ٿئي ٿو. ان ڪري هنن آفت جيڏن آئيس برگ سان پاڻيءَ جو جهاز ٽڪرائجي تباهه ٿي سگهي ٿو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. موج نه سهي مڪڙي (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-20 
  2. ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي