برفي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برفي

سادي برفي
ڪورس مٺائي جو قسم
ملڪ ڏکڻ ايشيا جا ملڪ
علائقو ڏکڻ ايشيا, ماريشس, فجي, ڏکڻ ۽ اوڀر آفريڪا، ڪيريبئن، ملائي اپٻيٽ
کائڻ وقت گرمي جو درجو ٿڌو
مکيہ شامل جزا ڪڙھيل کير، کنڊ
مختلف قسم ڪيسري پيڍو، ڪاجو ڪٽلي، پستن واري برفي
  Media: برفي

برفي (انگريزي: Burfi ) يا (انگريزي: Barfi ) يا (انگريزي: Borfi )ڏکڻ ايشيا جي مشھور مٺائي جو نالو آهي جيڪا کير کي ڪاڙھي گھاٽو ڪري ان م کنڊ ملائي ٺاھي ويندي آهي. برفي نالو فارسي جي لفظ برف (snow) مان نڪتل آهي جيڪا آسمان مان زمين تي پوندي آهي . برفي جا ڪيترائي قسم ھوندا آھن جن م بيسڻ جي برفي، زعفراني برفي، ناريل جي برفي ، اکروٽي برفي ، ڪاجو واري برفي،بادام واري برفي، گجرن جي برفي چڻن جي اٽي جي برفي، پيٺل پستن جي برفي، پيٺل مڱيرن جي برفي، چاڪليٽ برفي شامل آهن.[1] سادي برفي کير ۾ کنڊ لائي باھ تي ڪاڙھي ٺاھبي آهي. ان کي ايترو تہ ڪاڙھبو آهي جو کير سسي ٺوس ٿي ويندو آهي ۽ ان کي برفي جي شڪل ڏني ويندي آهي. ان م ذائقو پڻ شامل ڪبو آهي جن م انب، ناريل، گورا جن ۾ ڪاجو يا کاڄا، پستا مڱيرا، ڦوٽا ، گلاب جو پاڻي وغيره ملائي ذائقو وڌو ويندو آهي. ا برفي کي سونھري يا چانديءَ جي ورقن م ويڙھي رکيو ويندو آهي. ان جي شڪل ڪٽي چوڪنڊي، گول يا تاش جي ايٽ وانگر ٺاھبي آهي. اھا مختلف رنگن ۾ ٺاھي ويندي آهي. اڪثر شادي ۽ ٻين خوشي جي موقعن تي کارائي ويندي آهي. سنڌ ۾ برفي ھڪ عام مٺائي آھي.

بادام واري برفي جا مختلف قسم

حوالا[سنواريو]

  1. "Barfi Recipes: Barfi Food Recipes". Smartcooky. This dish derives it's [sic] name from the word 'barf' which means snow since they are similar in appearance. This is the reason its [sic] served cold.