تپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Clinical thermometer

بخار- تپ- ٻَرو (Fever) عام ماڻهوءَ جي بدن جي سراسري گرميءَ جو پد سراسري طور 98 سينٽي گريڊ ٿئي ٿو ۽ جڏهن اهو وڌي ٿو تہ پوءِ اُن کي تپ (بخار) چئبو آهي.[1][2] جسم ۾ جراثيم داخل ٿيڻ، عضون جي سور، ٿڪ، گرميءَ ۽ اُس ۾ رهڻ يا ڪنهن ٻيءَ اندروني تڪليف جي ڪري بخار ٿي پوندو آهي. بخار جا ڪيئي قسم آهن. موسمي بخار، مڇرن جي ڪري مليريا جو بخار، مدي جو تپ، ڳاٽي ٽوڙ بخار وغيره. جانورن کي به بخار ٿيندو آهي، جنهنڪري جسم جي حرارت جو درجو وڌي وڃي ٿو. جڏهن جسم ۾ گرميءَ جي وڌيڪ پيدا ٿيڻ يا جذب ٿيڻ سان يا گرمي گهٽجڻ (Heat loss) ۾ خرابيءَ سبب گرمي پد وڌي وڃي، ته ان کي هيٽ اسٽروڪ (Heat stroke) ”ڏينهن لڳڻ“ چئبو آهي. درجه حرارت وڌڻ جو ٻيو سبب رت ۾ زهريلي مادي جو پيدا ٿيڻ آهي، جيڪو رت جي دوري ۾ ڪنهن به جراثيم يا وائرس وغيره جي داخل ٿيڻ سان ڇوت پيدا ڪري ٿو. جانورن ۾ بخار ٻن قسمن جو ٿيندو آهي: سيپٽڪ (Septic) ۽ ائنٽيسپٽڪ (antiseptic).[3]

سيپٽڪ بخار: هيءُ بخار جو اهو قسم آهي، جيڪو وائرس، بئڪٽريا، فنجائي يا ڪنهن پروٽوزوئا جي ڇوت سان ٿئي ٿو. انفيڪشن سڄي بدن ۾ بئڪٽيريميا Bacteraemia يا سيپٽيسيميا Septicaemia جي صورت ۾ ٿيندي آهي. بدن ۾ خاص ردعمل (reaction) ٿئي ٿو، جنهن جو اثر گرميءَ جي سينٽر تي ٿيڻ سبب گرمي وڌي وڃي ٿي.

ائنٽيسپٽڪ بخار: بخار جو هيءُ قسم ڪيميڪل بخار آهي، جنهن جو ڪارڻ ٻاهران داخل ٿيل پروٽين جي ري ائڪشن سان ٿئي ٿو. علامتون: بخار ۾ ٽاڪسيميا ۽ هائير ٿرميا جو گڏجي اثر ٿئي ٿو، جنهن ۾ جسم جو درجه حرارت وڌي وڃي ٿو. نبض تيز ٿي وڃي ٿي، اڃ تيز، سهڪ وڌي ۽ بک ختم ٿئي ٿي، قبضي به ٿئي ٿي، جانور ۽ ماڻهو موڳو ۽ سست ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پيشاب گهٽ ۽ گهاٽو پيلاڻ مائل ٿئي ٿو. بخار گهٽ وڌ به ٿي سگهي ٿو يا مسلسل به هوندو آهي. گهڻو ڪري ٻه يا ٽي ڏينهن وڌيل حد تي رهندو آهي، پوءِ گهٽجي ويندو آهي. ڪن بيمارين ۾ هڪ دفعو بخار گهٽجي وري وڌندو ويندو آهي.

علاج: زهر پيدا ڪندڙ جراثيم کي ختم ڪري وڌيل بخار جو علاج ڪبو آهي. جيڪڏهن بخار تمام وڌيڪ ۽ مسلسل هجي، رت جو دورو يا ساھ جو نظام جيڪڏهن ڪم ڇڏي رهيا هجن ته مٿي تي ٿڌيون پٽيون رکجن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Fever word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2020-04-11. 
  2. "Fever | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-04-11. 
  3. بخار انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، (جي ويب-سرزمين) ڇپيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد.