بحرين جي آزادي جو ڏينهن
ڏيک
| آزادي ڏيهاڙو | |
|---|---|
بحرين جي اسڪول ۾ استاد ۽ شاگرد آزادي ڏهاڙو ملهائيندي (2007ع) | |
| سرڪاري نالو | آزادي ڏيهاڙو |
| ملهائيندڙ | بحريني |
| اهميت | قومي |
| شروعات | 14 آگسٽ |
| پڄاڻي | 14 آگسٽ |
| تاريخ | 14 آگسٽ |
| جشن | آتشبازي، ڪنسرٽس، فوجي پريڊ |
| رسمون | ساليانو |
| لاڳاپيل ڏينهن | پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن |
بحرين جي آزادي جو ڏينهن (انگريزي: Independence Day Of Bahrain)، [1] بحرين جو قومي ڏينهن آهي. هي ڏينهن 14 آگسٽ 1971ع جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن بحرين جي شهرين گڏيل قومن پاران ڪرايل راءِ شماري کان پوءِ برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي هئي. برطانيا ان راءِ شماري کان اڳ، يعني 1960 جي ڏهاڪي ۾ ئي اوڀر سوئيز مان فوجون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو هو.
بحرين 16 ڊسمبر 1971ع تي آزادي جو اعلان ڪيو،[2][3] برطانيا ۽ بحرين جي وچ ۾ ان موقعي تي نئين دوستي جي دستاويزن تي دستخط ڪيا ويا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ٿيل پراڻا مهادا ختم ڪيا ويا.[2][4]
جيتوڻڪ 14 آگسٽ اهو ڏينهن آهي، جڏهن برطانيا کان بحرين آزادي حاصل ڪئي هئي، پر رياست ان ڏينهن کي قومي ڏينهن ڪري نه ملهائيندي آهي پر 16 ڊسمبر تي بحرين ۾ قومي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.[5]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «Independence Day (Bahrain)»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
- 1 2 Hume, Cameron R. (1994). The United Nations, Iran, and Iraq: How Peacemaking Changed. Indiana University Press. ص. 24. ISBN 978-0-253-32874-8.
- ↑ Federal Research Division (2004). Bahrain. Kessinger Publishing. ص. 17. ISBN 978-1-4191-0874-7.
- ↑ Blaustein, Albert P.; Sigler, Jay A. (1977). Independence Documents of the World. جلد 1. Brill Publishers. ص. 45–58. ISBN 978-0-379-00794-7.
- ↑ "Fireworks to mark National Day". World News. 8 July 2010. 8 December 2013 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: External link in(مدد)|work=