بحرين جي آزادي جو ڏينهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آزادي ڏيهاڙو

بحرين جي اسڪول ۾ استاد ۽ شاگرد آزادي ڏهاڙو ملهائيندي (2007ع)
سرڪاري نالو آزادي ڏيهاڙو
ملهائڻ وارا بحريني
اهميت قومي
تقريبون آتشبازي، ڪنسرٽس، فوجي پريڊ
رسمون ساليانو
شروعات 14 آگسٽ
ختم 14 آگسٽ
تاريخ 14 آگسٽ
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر ساليانو
لاڳاپيل پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن

بحرين جي آزادي جو ڏينهن (انگريزي: Independence Day Of Bahrain)، [1] بحرين جو قومي ڏينهن آهي. هي ڏينهن 14 آگسٽ 1971ع جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن بحرين جي شهرين گڏيل قومن پاران ڪرايل راءِ شماري کان پوءِ برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي هئي. برطانيا ان راءِ شماري کان اڳ، يعني 1960 جي ڏهاڪي ۾ ئي اوڀر سوئيز مان فوجون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو هو.

بحرين 16 ڊسمبر 1971ع تي آزادي جو اعلان ڪيو،[2][3] برطانيا ۽ بحرين جي وچ ۾ ان موقعي تي نئين دوستي جي دستاويزن تي دستخط ڪيا ويا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ٿيل پراڻا مهادا ختم ڪيا ويا.[2][4]

جيتوڻڪ 14 آگسٽ اهو ڏينهن آهي، جڏهن برطانيا کان بحرين آزادي حاصل ڪئي هئي، پر رياست ان ڏينهن کي قومي ڏينهن ڪري نه ملهائيندي آهي پر 16 ڊسمبر تي بحرين ۾ قومي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.[5]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]