باغ آئينہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شهنشاھ همايون، جڏهن (1542ع ۾) تباھ حال ٿي، ٿورن رفيقن ۽ عيال سميت اچي عمرڪوٽ پهتو، تڏهن عمرڪوٽ جي حاڪم راڻي ’ويرسال‘ سوڍي سندس آجيان ڪئي ۽ کيس پنهنجو ڪوٽ خالي ڪري ڏنائين. هن ئي ڪوٽ ۾ 14 آڪٽوبر 1542ع (رجب مهيني جي آچر ڏينهن 949ھ) تي شهنشاھ جلال الدين اڪبر ڄائو. عمرڪوٽ ۾ ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ همايون موجوده بدين ضلعي جي ’جوڻ‘ شهر ۾ اچي رهيو، جتي جي باغن ۾ ميون کان سواءِ سلامتيءَ ۽ سڪون وارو ماحول ڏسي پنهنجي حرم کي عمرڪوٽ مان گهرائي، ’جوڻ‘ ۾ باغ آئينہ ۾ اچي رهايائين. اهو تاريخي باغ پوءِ بہ ٻہ صديون آباد هو، جنهن جا انب، هر سال اڪبر بادشاھ کي دهليءَ ۾ موڪليا ويندا هئا.[1]

حوالا[سنواريو]