بئڪٽيريا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيڪٽيريا
Temporal range: سانچو:پنڊپھڻ جو ھڪ ڊگھو دور
اليڪٽرانڪ خوردبيني ذريعي ڪيل اشريڪيا ڪولي(Escherichia coli) جي بسيلس بيڪٽيريا جي جاچ
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): بئڪٽيريا
بڻ بڻياد

ايسڊوبئڪٽيريا
ايڪٽينوبئڪٽيريا
ايڪئيفيسي
آرمئٽائموناڊيٽز
بئڪٽيروئاڊيٽز
ڪالڊائسريڪا
ڪلاميڊيئا
ڪلوروبي
ڪلوروفليڪسي
ڪرسيئوجينيٽز
ڪوپروٿرموبئڪٽيروٽا[1]
سائنوبئڪٽيريا
ڊيفريبئڪٽيريس
ڊائنوڪاڪس-ٿرمو
ڊڪٽيوگلومي
الوسيمائڪروبيا
فائبروبئڪٽيريز
فرميڪيوٽز
فوسوبئڪٽيريا
گميٽيموناڊيٽز
لينٽسفائيراء
نائٽروسپراء
پلئنڪٽوماسيٽيز
پروٽيوبئڪٽيريا
اسپائروڪيٽيز
سائنيرگسٽيٽز
ٽينرڪيوٽز
ٿرموڊيسلفوبئڪٽيريا
ٿرموٽوگاء
ويروڪاميڪروبيا

هم معنيٰ

يوبئڪٽيريا


بيڪٽيريا(انگريزي: Bacteria) اسم عام، عدد واحد :بيڪٽيريم(انگريزي: bacterium) حياتياتي گھرڙيجو ھڪ نمونو آهي. ان مان جاندارن جو ھڪ وڏو دائرو ٺھي ٿو جنھن ۾ پروڪيريوٽڪ جيوڙا شامل آهن.ھي جيوڙا ڪجهه مائڪرو ميٽرن جي ماپ جا ٿين ٿا ۽ اھي بيڪٽيريائي گھرڙي جي بناوٽ وارا ھوندا آھن جن جون شڪليون مختلف ھونديون آھن. ھڪڙا ڪاڪس(انگريزي: coccus) يعني گول بال جي شڪل جھڙا، ٻيا بسيلس(انگريزي: bacillus) يعني راڊ جي شڪل جھڙا ۽ ٽيان وري اسپائرل(انگريزي: spiral) يعني پيچدار شڪل وارا. بيڪٽيريا انھن جاندارن ۾ اچن ٿا جيڪي سڀ کان اول ڌرتيء تي پيدا ٿيا ۽ ھن وقت ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ تعداد انھن جو آهي.اھي مٽي ، پاڻي، تيزابي چشمن، تابڪاري واري ڪچري،[2] زمين جي اونھي تھن ۾ جانورن ۽ ٻوٽن ۾ بطور مفت خور جاندارن جي رھندا آھن. انھن مان اڪثر جي باري ۾ بيان نہ ٿو ڪري سگھجي.بيڪٽريا جي حياتياتي بڻياد اھڙين جنسن وارا آهن جيڪي ليبارٽرين ۾ وڌن ٿيون.[3] بيڪٽيريائي اڀياس کي بيڪٽيريالاجي چون ٿا جيڪا مائڪرو بائيولاجي جي ھڪ شاخ آھي.جيڪڏھن ان جي وزن ۾ ڀيٽ مٽيء جي ھڪ گرام سان ڪبي تہ اھو چار ڪروڙ بيڪٽريا جي برابر ٿيندو. جي ان جي ڀيٽ تازي پاڻيءَ جي ھڪ ملي لٽر سان ڪبي تہ ڏھ لک بيڪٽيريائي جيوڙن جي برابر ٿيندو. ڌرتي تي اندازي مطابق بيڪٽيريائي جيوڙن جو تعداد 5×1030 آھي. بئڪٽيريا- عام ٻوٽن کان بلڪل مختلف هڪ گهرڙي وارا جاندار ٿين ٿا. هن جي ماپ تقريباً هڪ مائڪران ٿئي ٿي. هن ۾ عام طور تي سائو مادو، ڪلوروفل، نٿو ٿئي. هي پنهنجو کاڌو پاڻ تيار نه ڪندا آهن، تنهنڪري هنن کي Hetero trophic چئبو آهي. -بئڪٽيريا- تمام ننڍا هوندا آهن. انهن کي گول -بال-، سيخ ۽ لڙهين وانگر شڪل ڏنل هوندي آهي. -بئڪٽيريا- جي گهرڙن جي بناوت تمام سادي ٿئي ٿي. هن کي نيوڪليئس ۽ ٻيون بناوتون نه هونديون آهن. زندگيءَ لاءِ هي فائديمند به هوندا آهن ته نقصانڪار به. نقصانڪار -بئڪٽيريا- ساهوارن ۾ مختلف بيمارين جو باعث بڻجندا آهن.[4][5] سڀ کان اول ليون ھوڪ 1875 بيڪٽريا دريافت ڪيو.

بيڪٽريا جي دائري جون تقسيمون[سنواريو]

زندگيءَ جي ھن دائري کي ٻن تقسيمن يا ڪنگڊمز ۾ ورھايو ويو آهي:

  1. مونيرا تقسيم
  2. پروڪاريوٽاء تقسيم

حوالا[سنواريو]

  1. "Proposal for a new classification of a deep branching bacterial phylogenetic lineage: transfer of Coprothermobacter proteolyticus and Coprothermobacter platensis to Coprothermobacteraceae fam. nov., within Coprothermobacterales ord. nov., Coprothermobacteria classis nov. and Coprothermobacterota phyl. nov. and emended description of the family Thermodesulfobiaceae.". Int. J. Syst. Evol. Microbiol. 68 (5): 1627-1632. May 2018. doi:10.1099/ijsem.0.002720. PMID 29595416. 
  2. "Geomicrobiology of high-level nuclear waste-contaminated vadose sediments at the Hanford site, Washington state". Applied and Environmental Microbiology 70 (7): 4230–41. July 2004. doi:10.1128/AEM.70.7.4230-4241.2004. PMID 15240306. 
  3. "The uncultured microbial majority". Annual Review of Microbiology 57: 369–94. 2003. doi:10.1146/annurev.micro.57.030502.090759. PMID 14527284. 
  4. بئڪٽيريا : (Sindhianaسنڌيانا)
  5. Bacteria - Wikipedia