اڪبر خميسو خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اڪبر خميسو خان

اڪبر خميسو خان (انگريزي:Akbar Khamiso Khan) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ مشهور الغوزو نواز آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

اڪبر خميسو خان 10 آگسٽ 1967ع[1] تي سنڌ جي حيدرآباد ضلعو جي شهر حيدرآباد آباد ۾ مشهور الغوزي نواز مرحوم خميسي خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو. اڪبر خميسو خان هن وقت سنڌ جو نامور الغوزي نواز مڃيو وڃي ٿو، جنهن کي تازو هن سال صدارتي اوارڊ به مليو آهي، پاڻ ضلعي -بدين- جي ڳوٺ راجا موريءَ جو رهاڪو آهي. -جتي- الغوزي کي سندس خاندان ۾ سڀ کان پهرين سندس والد ۽ چاچي وڄائي سنڌ ۾ وڏو نالو ڪڍيو. اڪبر خميسي خان کي ريڊيي حيدرآباد تي محترم نصير مرزا آڊيشن وٺي متعارف ڪرايو ۽ هن جلد ئي سنڌ، -پاڪستان- ۽ دنيا ۾ فن جو مظاهرو ڪري شهرت ماڻي، الغوزي جي فن کيس دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير به ڪرايو. سندس والد خميسو خان تمغهءِ حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز جهڙا اوارڊ حاصل ڪيا هئا، سندس خواهش هئي ته سندس پٽ اڪبر پڻ پڙهڻ سان گڏ الغوزي جو فن به سکي. 8 مارچ 1983ع تي -استاد- خميسو خان پنهنجي هن لائق فرزند کي تربيت ڏيندي دل بيهي وڃڻ سبب وفات ڪري ويو. اڪبر جي والد جي اها خواهش 1996ع ۾ -ان- وقت پوري ٿي، جڏهن پاڻ ريڊيو آڊيشن ڏيئي ڪامياب ٿيو، هن الغوزي وڄائڻ ۾ نت نوان تجربا ڪيا آهن ۽ سنڌي لوڪ ڌنن سان گڏوگڏ مختلف ملڪن جي لوڪ ڌن کانسواءِ ڪلاسيڪي راڳ راڳڻيون به وڄائي سگهندو آهي ۽ هن ڪيترن اهڙن سرن تي تجربي طور -الغوزو- وڄايو، -جن- تي کانئس اڳ ڪنهن به طبع آزمائي نه ڪئي هئي. سنڌي ڪلواڙي ۽ دادري تي سمورا الغوزي نواز ڌنون وڄائيندا آهن، پر هن روپڪ تال، چنچل تال، جهپ تال ۽ سُول فاخته (پنج ماترائون) تي لوڪ ڌنون وڄائڻ جا تجربا ڪيا آهن ۽ -ان- کانسواءِ الغوزي تي چيني، جرمن ۽ ٻين ملڪن جون لوڪ ڌنون وڄايون آهن، هن تازو ورلڊ صوفي فيسٽيول لاهور جي اوپن ٿيٽر ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، ساڻس گڏ بنبُو فليوٽ ماسٽر اڪمل قادري، شهنائي نواز -استاد- علي نواز خان ۽ سِتار نواز شاهد حسين حيدرآباديءَ سنگت ڪئي، اتي هن الغوزي تي راڳ پِيلو وڄائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، تازو هن صدارتي اوارڊ پڻ حاصل ڪيو آهي ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي ته پنهنجي والد جيان سنڌ ۽ -پاڪستان- جو نالو وڌيڪ روشن ڪندو.[2]

حوالا[سنواريو]