اڇي پڇ وارو لومڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڇي پڇ وارو لومڙ 30 کان 35 انچ جسامت واري هن صحرائي لومڙ جو پڇ فٽ کان ڏيڍ فٽ جو هوندو آهي، اهو آسٽريليا، ايشيا، يورپ ۽ اتر آمريڪا جي صحرائن، ٻيلن ۽ جبلن ۾ جتي ڪٿي ٿئي ٿو. سنڌ جي خشڪ ۽ وارياسن علائقن ۾ پڻ ملي ٿو. ان جي پٺي ۽ پڇ جو رنگ ڳاڙهو سرمائي يا ڳاڙهي کان سرمائي تائين هوندو آهي. پڇ ٿلهو بُجدار ٿئيس ٿو، جنھن جي چوٽي اڇي هوندي آهي.

صحرائي لومڙ جوڙيءَ ۾ ۽ چرون ٺاهي رهي ٿو. رات جو نڪرندو آهي، جيت، نانگ ۽ ڪوئا سندس خاص شڪار آهن، اڪثر پکي ۽ سھا بہ ماري کائيندو آهي. رات ۽ ڏينھن شڪار جي کوج ۾ رهي ٿو، ڪي ميوا بہ کايو وڃي، مادي پيٽ ۾ 50-55 ڏينهن ٻچو رکي ٿي ۽ ھڪ وقت ۾ ٽن کان ٻارهن ٻچا ڏئي ٿي. لومڙ شڪار جو پيڇو ڪري ان کي ٿڪائي ٿڪائي ماريندو آهي ۽ پوءِ ان کي وات ۾ کڻي ڪنھن محفوظ جاءِ تي ويھي کائيندو آهي. بچيل گوشت لڪائي دٻائي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ياداشت جي سھاري ڳولي ڪڍي کائيندو آهي، ھي لومڙ سڄي دنيا ۾ خاص ڪري ٿڌن ملڪن ۾ پنھنجي نرم پشم سبب گهڻو شڪار ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]