مواد ڏانھن هلو

سھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سھو يا سيھڙ (Rabbit)، سائنسي نالو "اورڪٽولاگس" (Oryctolagus)، ٻيا نالا (عربي ارنب، فارسي، اردو: خرگوش، ھندي: سها، گرهل، اغروس ۽ سي) پشمدار کل وارو، ٻليءَ جي قد تي اڪثر اڇي رنگ جو جانور آهي. هن جو قد 40 سينٽي ميٽر تائين ھوندو آھي ۽ ڪن نسبتن ننڍا ۽ گول ھوندا آھن. وڏو سيھڙ (Hare) يا وڏو سھو زمين تي رھندو آھي پر سھو يا ننڍو سيھڙ زمين ۾ "سوراخ" (انگريزي ۾: Farm) بنائي اندر رھندو آھي. اها هڪ سبزي خور ٿڻن وارا جانور آهي، جيڪي نسل "ليپس" سان تعلق رکن ٿا. اها سبزي خور جانور آهن ۽ اڪثر اڪيلائي ۾ يا جوڙن جي صورت ۾ رهندا آهن.

سھو
Temporal range: ديرين ايئوسينھولوسين
يورپي سيهڙ (Lepus timidus)
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: جانور
تقسم: ڪورڊيٽا
درجو: ميميلئا
ترتيب: لاگومورفا
خاندان: ليپورڊي
نسل: اورڪٽولاگس

سيھڙ زمين ۾ هلڪيون چرون يا ڏر ٺاهي رهائش اختيار ڪندا آهن، جن کي "بل" (انگريزي ۾ فارم) چيو وڃي ٿو. وڏي سيھڙجا ٻچا پيدائش کان ٿوري ئي عرصي بعد پاڻ سنڀالڻ جي قابل (precociality) هوندا آهن ۽ ڄمڻ وقت انھن جو اکيون کليل ۽ چمڙي تي بج ھوندي اٿن. پر سيھڙ جا ٻچا ان جي ابتڙ ھوندا آھن، ڄمڻ وقت انھن جون اکيون بند ۽ چمڙي تي بج ڪانه ھوندي اٿن. سيھڙن جي جنس ۾ "ليگومورفا" گروهه جا سڀ کان وڏا جانور شامل آهن. وڏا سيھڙ تمام تيز ڊوڙندڙ هوندا آهن، جن جون پٺيون ٽنگون ڊگهيون ۽ طاقتور هونديون آهن ۽ وڏا ڪن جسم جي گرمي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندا آهن. وڏو سيھڙ ۽ سيھڙ ٻنھي جو تعلق ليپوريڊي (Leporidae) خاندان سان آھي. يورپي سيھڙ (Oryctolagus cuniculus) سوين پالتو سيھڙن جي نسلن جو ابن ڏاڏو آهي ۽ ان کي انٽارڪٽڪا کان سواءِ هر کنڊ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي. ٻي جنس، سيلويلوگس ۾ 13 کان وڌيڪ جهنگلي سيھڙن جا قسم شامل آهن، جن ۾ ڪاٽن ٽيل ۽ تاپيٽي شامل آهن. اهي جهنگلي سيھڙ جيڪو اورڪٽولاگس ۽ سيلويلوگس ۾ شامل ناهي، ڪجهه محدود جاگرافيائي ورڇ وارو قسم آھي. ان ۾ ننڍو سيھڙ، آتش فشاني سيھڙ ۽ سماٽرا جو ڌاريدار سيھڙ پڻ شامل آهن.

خاصيت: هن جو گوشت فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ مفيد آهي. هن جون ڦولهڙيون پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي اُنهيءَ پاڻيءَ ۾ سنڌن جي سور، ۽ نقرس واري کي وِهنجارجي ۽ انهيءَ پاڻيءَ جي ٻاڦ ڪن جي سور، وهڻ ۽ ٻوڙاڻ کي فائدو ڪري ٿي. هن جو پِتُو زيتون جي تيل ۾ ملائي کارائجي تہ دمڪشي ۽ کنگهہ کي ڇڏائي ٿو. هن جي کل مان ٽوپي جوڙائي پائبي ته نزلي ۽ مٿي جي سور لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.