مواد ڏانھن هلو

اٻاوڙو

بيھڪ: 28°06′N 69°26′E / 28.10°N 69.44°E / 28.10; 69.44
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Ubauro
اٻاوڙو
Ubauro is located in Pakistan
Ubauro
Ubauro
جاگرافي بيهڪ: 28°06′N 69°26′E / 28.10°N 69.44°E / 28.10; 69.44
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
بلندي 64 ميل (210 ft)

اٻاوڙو: (اُٻاوَڙو، اردو: اباوڑو) (انگريزي: Ubauro )پنجاب سان دنگ ويجھو سنڌ جو هڪ ننڍڙو شهر آهي. هيءُ شهر اڳ ۾ سکر ضلعي ۾ هو ۽ هن وقت گهوٽڪي ضلعي ۾ آهي. تعلقي اُٻاوڙي جو هيڊڪوارٽر به آهي. هيءُ شهر پاڪستان ريلوي جي مين لائين تي آباد آهي. اُٻاوڙو 5 صديون اڳ جو پراڻو شهر آهي، جيڪو 902ھ/1496ع ڌاري شيخ محمد جي وڏن -آباد- ڪيو. شيخ محمد هن شهر ۾ 960ھ/1552ع ۾ هڪ چڱي مسجد پڻ جوڙائي هئي. ’قديم سنڌ، -ان- جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ جو مصنف لکي ٿو ته 908ھ/1502ع ۾ مرزا شاهه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ اُٻاوڙي جي پرڳڻي ۾ ڏهر ۽ ماڇي ماڻهن، ماٿيلي ۽ مَهر جي ماڻهن کي ڏاڍي تڪليف رسائي، تنهنڪري مير فاضل ڪوڪلتاش جو ننڍو پٽ، بابا احمد، لشڪر وٺي انهن تي ڪاهي ويو ۽ انهن کي ماري قيد ڪري، گهڻو مال ڦري موٽي آيو. 1172ھ/1759ع ۾ ميان عطرخان ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وچ ۾ اٻاوڙي وٽ -جنگ- لڳي هئي. عطرخان سان -احمد شاهه- درانيءَ جو لشڪر هو، جنهن جا سردار -بهادر- خان ۽ مقصود هئا. ميان غلام شاهه جي لشڪر جو سردار مير بهرام ٽالپر هو. هن جنگ ۾ بهادرخان مارجي ويو ۽ سندس لشڪر ڀڄي ويو. جڏهن مدد خان، ميان عبدالنبيءَ جي مدد ۾ آيو، تڏهن اٻاوڙي ۾ وڃي منزل ڪيائين.[1] اوٻاوڙو، جغرافيائي لحاظ کان سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي سرحد تي ۽ هندوستان جي رياست جيسلمير جي ويجهو آهي. سرائيڪي، پنجابي، بلوچي ۽ سنڌي ٻولين جي گڏيل اثر کان سواءِ، علائقائي لهجن جي فرق ۽ ڦير سبب، اتان جي ٻولي چڱي خاصي بگڙيل آهي. جنهن سببان اتي لاڳو لهجي (dialect) بابت عام راءِ اها آهي ته دٻي ۾ ٺڪريون وجھي، دٻي کي کڙڪائبو ته منجھانئس جيڪو آواز نڪرندو، تنھن جو ڪو به مفھوم يا پيغام نه ھوندو.[2]

ڀونءِ نگاري

[سنواريو]

اُٻاوڙو اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 28.1667 ۽ اوڀر ۾ ڊگھائي ڦاڪ 69.7333 تي، سامونڊي سطح کان 213 فوٽن (64 ميٽرن) جي اوچائيءَ تي واقع آهي.

انتظاميا

[سنواريو]

هن وقت اُٻاوڙو ضلعي گھوٽڪيءَ جو هڪ تعلقو آهي.

تاريخ

[سنواريو]

جنت السنڌ ۾ مصنف جي ياداشتي نوٽ ۾ ڄاڻايل آھي تہ :اُٻاوڙي جو شهر سنه 987ھ ۾ تعمير ٿيو. هتي 1552ع جي هڪڙي مسجد جڙيل آهي. ’آئين اڪبري‘ ۾ علامه ابوالفضل اُٻاوڙي کي ملتان سرڪار جو محال ڏيکاريو آهي. راجا ڏاهر جي نسل مان ڏهر نومسلم هن شهر ۾ وڏا جاگيردار آهن.[3] سنه 908ھ (سنه 1502ع) ۾ مرزا شاه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ اٻاوڙي جي پرڳڻي ۾ ڏهر ۽ ماڇي ماڻهن ماٿيلي ۽ مهر جي ماڻهن کي ڏاڍي تڪليف رسائي، تنهنڪري مير فاضل ڪوڪلتاش جو ننڍو پٽ بابا احمد لشڪر وٺي انهن تي ڪاهي ويو ۽ انهن کي ماري قيد ڪري ۽ گهڻو مال ڦري موٽي آيو، بلڪ هڪڙي ڇوڪري هنن بابا احمد کي پرڻائي ڏني. سنه 1172ھ (سنه 1759ع) ۾ ميان عطر خان ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وچ ۾ اٻاوڙي وٽ جنگ ٿي. عطر خان سان احمد شاهه دورانيءَ جو افغاني لشڪر هو، جنهن جا سردار بهادر خان ۽ مقصودو هئا، ۽ ميان غلام شاهه جي لشڪر جو سردار مير بهرام ٽالپر هو. جنگ ۾ بهادر خان مارجي ويو ۽ سندس لشڪر ڀڄي ويو، پر پوءِ پاڻ ۾ صلح ڪري ملڪ وراهيائون. جڏهن مدد خان سردار ميان عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ آيو، تڏهن لوهريءَ مان اٻاوڙي ۾ وڃي منزل ڪيائين ۽ مير عبدالله ۽ مير فتح خان سان صلح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيائين، پر سگهوئي نااُميد ٿي هليو ويو.[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. اٻاوڙو : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (انجنيئر عبدالوھاب سھتو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-22 
  3. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  4. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو