ايڇ. ايم. خواجہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايڇ. ايم. خواجہ
معلومات شخصيت
ڄم 8 آڪٽوبر 1908  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
سنڌ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت 20 سيپٽمبر 1999 (91 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي

سنڌ جو ناميارو -استاد- ۽ تعليمد -ان- حاجي خان، مهر علي خواجه، 11 -آڪٽوبر- 1907ع تي سنڌ جي تاريخي شهر ملاڪاتيار ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- حيدرآباد ۾ ۽ ثانوي -تعليم- ٽنڊي باگي جي مير غلام محمد مدرسي مان ورتائين. مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان ڪيائين. 1932ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ -بمبئي- يونيورسٽيءَ مان بي. ٽيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ۾ ملازمت ڪرڻ کان پوءِ خواجه صاحب 1936ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول، نوابشاهه جو هيڊماستر مقرر ٿيو. 1972ع تائين انهيءَ عهدي تي قائم رهيو. نوابشاهه ضلعي ۾ تعليمي درسگاهون قائم ڪرڻ ۾ خواجه صاحب جو وڏو هٿ آهي. پاڻ 1972ع کان پوءِ بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد جو چيئرمئن به ٿي رهيو. سيڪنڊري بورڊ جي جِمنازيم ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جون عمارتون سندس محنت جون يادگار آهن. خواجه صاحب وڏو تعليمي ماهر ٿي گذريو آهي. هن جون تعليمي خدمتون سنڌ وساري نه سگهندي. سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ سندس شاگرد آهن. 20 سيپٽمبر 1999ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]