ڪائونٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برطانوي ڪائونٽ يا ارل جو تاج
اسپيني ڪائونٽ جو تاج

ڪائونٽ(انگريزي: Count) عورت لاءِ ڪائونٽيس(انگريزي: Countess) يورپ ۾ حڪمرانن جو هڪ طبقو هوندو هو، جيڪو بادشاهه جي ماتحت هوندو هو. جنهن کي ڪائونٽ سڏيو ويندو هو. [1] ڪائونٽ يورپ ۾ نوابن ہا جاگيردارن وانگر ھڪ طبقو جيڪو بادشاھن جي ويجھو ھوندو ھو. انگلينڊ ۾ ڪائونٽ نوابي ۾ وچولي حيثيت رکندو ھو . ڪائونٽ لفظ انگريزي م فرينچ ٻوليءَ مان آيو. ان جي لفظي معنيَ ساٿي آھي ، اڳتي ھلي ان جو مطلب بادشاھ جو ساٿي ٿي ويو. ڪائونٽ جي اختيار واري علائقي کي ڪائونٽي سڏيو ويندو هو جيڪا ھاڻي مختلف ملڪن م ھڪ انتظامي ذيلي ورھاست آھي. ويسٽرن رومڻ ايمپائر ۾ ڪائونٽ فوجي ڪمانڊر کي سڏيندا ھيا. عثماني خلافت م ان جي برابر فوجي ڪمانڊر کي سردار سڏيو ويندو هو.