مواد ڏانھن هلو

انڊورا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پرنسپلٽي آف اينڊورا

Principat d'Andorra
Flag of اينڊورا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو Coat of arms
شُعار: Virtus Unita Fortior
" گڏيل نيڪي وڌيڪ مضبوط آھي"[1]
'ترانو: El Gran Carlemany (ڪيٽلونيائي)
"عظيم شارليمن"
مڪانيت  انڊورا  

  (سائي دائري جي وچ ۾)يورپ ۾  

  (تيز ڀورو)  –  [Legend]
مڪانيت  انڊورا     (سائي دائري جي وچ ۾)

يورپ ۾     (تيز ڀورو)   [Legend]

جو مقاماينڊورا
گادي جو هنڌاينڊورا لا ويلا
42°30′N 1°31′E / 42.500°N 1.517°E / 42.500; 1.517
سڀ کان وڏو شهرگاديءَ جو هنڌ
دفتري ٻوليونڪيٽلانb
نسلي گروھ48.8% انڊورن يا انڊوريائي
25.1%اسپيني
12% پورچوگيزي
4.4% فرينچ
9.7% باقي ٻيا
مقامي آبادياينڊوريئن يا اينڊوريائي
حڪومتوحداني پارلياماني چونڊيل بادشاھت
جوئان اينرڪ وويز سسليا
ايمونيئل ميڪرون
 گورنر جنرل
جوزف ماريا مائري
پيٽرڪ اسٽرزوڊا
زئويئر اسپوٽ زمورا
روزر سون پاسيوٽ
مقننه اينڊورا جي جنرل ڪائونسل
قیام
 ايراگون کان
8 سيپٽمبر 1278 [2][3]
 فرينچ ايمپائر کان
1814
2 فيبروري 1993
پکيڙ
 جملي
467.63 چورس ڪلوميٽر (180.55 چورس ميل) (178th)
 پاڻي (%)
0.26 (121.4 ھيڪٽر)c
آبادي
 2019 اندازو
سانچو:واڌ 76,177[4]
  گھاٽائي
179.8/km2 (465.7/sq mi) (71st)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$3.237 ارب ڊالر [5]
 في سيڪڙو
$42,035
جِينِي (2003)27.21d
ڪمتر
ايڇ ڊي آء (2017)Increase 0.858[6]
انتهائي اعلیٰ · 35th
ڪرنسييوروe (EUR)
معياري وقتسينٽرل يورپي وقت (متناسق عالمي وقت+1)
CEST (متناسق عالمي وقت +2)
ڊرائيونگ جو پاسوright[7]
ڊائلنگ ڪوڊ+376
انٽرنيٽ ڊومين.adf

انڊورا (انگريزي: Andorra؛ ڪيٽالان: Principat d'Andorra)، سرڪاري نالو، "انڊورا جي پرنسپلٽي"، جزيري نما آئبيريا جو ھڪ خودمختيار ننڍڙو ملڪ آهي، جيڪو اسپين ۽ فرانس جي حدن جي وچ ۾ گھيريل آھي. ان جي اتر م فرانس ۽ ڏکڻ ۾ اسپين واقع آهي. ھي ملڪ پکيڙ ۾ يورپ جو ڇھون نمبر ۽ دنيا جو 16ھون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي جنھن جي پکيڙ 468 چورس ڪلوميٽر (181 چورس ميل) آھي. ھتان جا ماڻھو اطالوي نسل جا ڪيٽلان آھن.[8] آبادي ۾ دنيا جو يارھون ننڍڙو ملڪ آهي.[9] ان جو گاديءَ جو هنڌ اينڊورا لا ويلا آهي، جيڪا يورپ جو بلند ترين گاديءَ جو هنڌ آهي، جن جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 1,023 metres (3,356 feet) آهي. [10] ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي ڪيٽلان آھي.

انھن جو بنياد شارليمن (فرينڪ بادشاھه چارلس I) وڌو. ھن ملڪ تي 988ع تائين ھتان جو حاڪم ڪائونٽ آف اورغيل ھيو جنھن بعد رومن ڪيٿولڪ انتظاميه جي حاڪميت م آيو. موجوده پرنسپلٽي 1278ع ۾ فوئڪس جي ڪائونٽ، اورغيل جي بشپ جي وچ م ٿيل معاھدي تحت وجود ۾ آئي جنھن مطابق ان علائقي تي ٻٽي حاڪميت واري گڏيل بادشاھت جي شروعات ٿي، جن ۾ حاڪم ھڪ ئي وقت ٻہ شھزادا مڃيا ويا، جنهن ۾ ھڪ شھزادو اسپين جو ڪيٽلانيا وارو ڪيٿولڪ بشپ ۽ ٻيو فرانس جي حاڪم طرفان مقرر ڪيل شھزادو شامل ھيا ۽ اھڙي طرح ٻٽي حاڪميت واري ٻن شھزادن وارو راڄ جاري آهي. ڪيٽالان سان گڏوگڏ ھتي اسپيني، پورچوگيزي ۽ فرينچ پڻ عام ڳالھائي وڃي ٿي.[11] ھن ملڪ جي معيشت جو وڏو حصو سياحت آهي. ھر سال ھتي ھڪ ڪروڙ کان مٿي سياح گھمڻ ايندا آهن.[12] ھي ملڪ يورپي يونين جو رڪن ملڪ ناھي پر پوء بہ ھتان جي سرڪاري ڪرنسي يورو آھي. ھن ملڪ 1993ع م گڏيل قومن جي رڪن ملڪ جو درجو حاصل ڪيو. [13]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Andorran Symbols". WorldAtlas.
  2. "Història d'Andorra". Cultura.ad. 26 March 2019 تي حاصل ڪيل.
  3. "Andorra &#124". Enciclopèdia.cat. 26 March 2019 تي حاصل ڪيل.
  4. "Population on 1 January". ec.europa.eu/eurostat. Eurostat. 22 July 2019 تي حاصل ڪيل.
  5. Data in GDP from the World Bank
  6. "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. 2018. 14 September 2018 تي حاصل ڪيل.
  7. "What side of the road do they drive on in Andorra". 19 March 2019 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
  8. Minahan, James (2000). One Europe, Many Nations: A Historical Dictionary of European National Groups. Greenwood Publishing Group. ص. 47. ISBN 978-0313309847.
  9. Malankar, Nikhil (2017-04-18). "Andorra: 10 Unusual Facts About The Tiny European Principality". Tell Me Nothing. 2017-06-13 تي حاصل ڪيل.
  10. "Maps, Weather, and Airports for Andorra la Vella, Andorra". Fallingrain.com. 26 August 2012 تي حاصل ڪيل.
  11. "Background Note: Andorra". State.gov. 2015-05-14 تي حاصل ڪيل.
  12. "HOTELERIA I TURISME". اصل نسخو مان 12 سيپٽمبر 2017 تي محفوظ ڪيل. 14 مَئي 2015 تي حاصل ڪيل.
  13. "United Nations Member States". Un.org. 2015-05-14 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]