ايس ايم قريشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فائل:Dr.qurshi 1.png

ايس ايم قريشي (انگريزي: S.M. Qureshi، جنم 3 مئي 1936 - وفات 17 فيبروري 2019) پاڪستان جو مشھور تعليمي ماھر، اعليٰ انتظامي سربراھ ۽ انجينيئرنگ جو پارکو ھو. کيس مھراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو پھريون وائيس چانسلر ھئڻ جو اعزاز حاصل آھي. ھن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، تعليم، زڪوات ۽ عشر ۽ ٻين شعبن جي وفاقي سيڪريٽري طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ عمر جي آخري حصي تائين تعليم ۽ تعليمي ادارن جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھيو.

ننڍپڻ ۽ تعليم[سنواريو]

ڊاڪٽر ايس ايم قريشيءَ جو پورو نالو شمس الدين قريشي ھو[1]. سندس والد جو نالو محمد بخش قريشي ھو ۽ پاڻ بوبڪ، تعلقي سيوھڻ ۾ 3 مئي 1936ع تي ھن دنيا ۾ اکيون کوليون. ھن 1959ع ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان سول انجنيئرنگ جي سند حاصل ڪئي. ان بعد 1965ع ۾ ٿائيلينڊ مان اسٽرڪچرل انجيئرنگ ۾ ماسٽر ۽ 1971ع ۾ برطانيا جي شيفيلڊ يونيورسٽيءَ مان سول ۽ اسٽرڪچرل انجينيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪئي[2].

خدمتون[سنواريو]

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جنوري 1959ع ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ سپروائيزر مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪندو ڪندو سينئر ڊزائن انجيئر جي عھدي تائين پھتو. مئي 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجيئرنگ ڪاليج ۾ ريڊر مقرر ٿيو. اپريل 1971ع ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ پروفيسر بڻيو. مارچ 1974ع کان جولاءِ 1976ع تائين پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ جولاءِ 1976ع تي سنڌ يونيورسٽي انجينيئرنگ ڪاليج جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. مارچ 1977ع ۾ جڏھن مھراڻ يونيورسٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو تہ پاڻ ان يونيورسٽيءَ جو پھريون وائيس چانسلر مقرر ٿيو. مھراڻ يونيورسٽيءَ کي ملڪ جي بھترين يونيورسٽي بنائڻ ۾ سندس ڪيل ڪوششون ۽ خدمتون ڪنھن کان لڪل نہ آھن. سندس ڏھ سالھ دور ۾ مھراڻ يونيورسٽي ملڪ جي بھترين يونيورسٽين جي صف ۾ شامل ٿي وئي[3].

ڊاڪٽر قريشي 1987ع کان 1990ع تائين تعليم جو وفاقي سيڪريٽري ۽ 1990ع کان 1993ع تائين نوجوانن جي معاملن جو وفاقي سيڪريٽري رھيو. ان کان علاوھ ھن وٽ ھائوسنگ ۽ ورڪس، زڪوات ۽ عشر ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي سيڪريٽريءَ جا قلمدان پڻ رھيا. 1996ع کان 1999ع تائين ھو انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ جو صلاحڪار ۽ 1999ع کان 2000ع تائين پاڪستان ڪائونسل آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جو چيئرمين رھيو. پاڻ 2002ع کان 2013ع تائين گورنر سنڌ طرفان چارٽر انسپيڪشن ۽ اويلوئيشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رھيو[4]. عمر جي آخري حصي ۾ ھن مھراڻ يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ڊولپمينٽ قائم ڪيو ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين ان جو ڊائريڪٽر رھيو[5].

ايوارڊ ۽ اعزاز[سنواريو]

ايس ايم قريشيءَ کي سندس لافاني خدمتن جي اعتراف طور ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو جن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:

  • 1990ع ــ ڏهن سالن جي بهترين ڪارڪرگيءَ تي لطيف اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران لطيف شيڊل
  • 1992ع ــ مهراڻ يونيورسٽيءَ لاءِ ڪيل خدمتن جي اعتراف طور سنڌ جي گورنر پاران سونو ٻلو.
  • 2001ع ــ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي بينڪاڪ ڀائيلينڊ پاران بهترين اڳوڻي شاگرد (Distinguished Alumni) جو ايوارڊ
  • 2001ع ــ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ
  • 2009ع ــ سنڌ جي گورنر پاران تعريفي سرٽيفڪيٽ
  • 2010ع ــ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ”هال آف فيم“ ۾ داخلا

وفات[سنواريو]

سنڌ جو ھي املھ ھيرو 17 فيبروري 2019ع تي اسان کان ھميشھ لاءِ وڇڙي ويو. سندس وصيت موجب کيس مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ دفنايو ويو[6].

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي شخصيتون:ـ عليءَ ڏنو جروار: ڊاڪٽر ايس ايم قريشي، https://sindhipeoples.blogspot.com/2017/01/blog-post_5.html
  2. مختيار علي انڙ: ڊاڪٽر ايس ايم قريشي https://sindhsalamat.com/threads/50690/ آرڪائيو ڪيا ويا 2022-01-20 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  3. SM Qureshi in Hall of Fame of AIT, https://www.irp.edu.pk/prof-dr-sm-qureshi/ آرڪائيو ڪيا ويا 2019-09-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  4. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2019-09-17 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-09-15 
  5. https://www.muet.edu.pk/institutes/institute-science-technology-development/faculty-members
  6. Famous Educationist SM Qureshi Passes Away https://www.sindhpost.com.pk/famous-educationist-sm-qureshi-passes-away/ آرڪائيو ڪيا ويا 2019-08-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.