ايس. پي. گپتا
ڏيک
| ايس. پي. گپتا | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| تاريخ ڄم | |
| تاريخ موت | |
| شھريت | |
| ڪم جي ٻولي | |
| ترميم | |
سوراج پرڪاش گپتا (ايس. پي. گپتا، 1931ع-2007ع) صاحب هندستان جي قديم آثارن ۽ آرٽ جي تاريخ جو وڏو عالم ھو. پاڻ 1931ع ۾ ڄائو. ھن جو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان گڏ سڄي ڏکڻ ايشيا جي قديم آثارن تي گھرو مطالعو ۽ مشاھدو ھو. ھن انڊين آرڪيالاجيڪل سوسائٽيءَ طرفان ڪيترن جرنلس کي ايڊٽ ڪيو. کيس مارٽيمر ويلر انعام سان نوازيو ويو آھي. سندس لکيل ڪتاب ۽ آرٽيڪل ھي آھن:[1]
- Elements of Indian Art: Including Temple Architecture, Iconography and Iconometry
- Frontiers of Indus Civilization
هيٺيان ڪتاب بي بي لال صاحب سان گڏجي لکيائين.
- The Lost Sarsavati and Indus Civilization
- Disposal of Dead and Physical Types in Ancient India. (1975)
- Tourism, Museums and Monuments. (1975)
- Archaeology of Soviet Central Asia and the India Border Lands (Two parts) 1978.
- The Dawn of Civilization.
سندس ستون نمبر ڪتاب سنڌو تهذيب تي مشھور ڪتاب آھي، جيڪو سينٽر فار اسٽڊيز اِن سولائيزيشن دھليءَ مان 1999ع ۾ شايع ٿيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 ايس. پي. گپتا انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع