انگلينڊ جي تاريخ (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن موضوع تي گهڻن ليکڪن -انگريزي- ٻوليءَ مان ڪتاب ترجمو ڪري ڇپايا، جو -ان- وقت ضرورت مطابق سنڌ جي شاگردن کي هاءِ اسڪولن ۾ انگلينڊ جي -تاريخ- پڙهڻ لازمي هئي. ڪن ليکڪن سڄا ڪتاب ترجمو ڪيا ته ڪن مختصر لکيا. ڪن ماڳهين اختصار ڪيو. بهرحال -ان- وقت هن نالي وارا جيڪي ڪتاب ڇپيا ۽ معلوم ٿي سگهيا، -تن- جي ڄاڻ هيٺ ڏجي ٿي: انگلنڊ جي -تاريخ- (ڀاڱو پهريون ):هن ڪتاب جو مترجم پرڀداس آنندرام آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ -تعليم- کاتي سان لاڳاپيل هو. 400 صفحن جو هيءُ ڪتاب، ليٿو ۾ ڇپيل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت هڪ رپيو آهي. هيءُ ڪتاب -تعليم- کاتي جي ڇاپخاني ڪراچيءَ مان 1868ع ۾ شايع ٿيو. انگلنڊ جي تاريخ: هن ڪتاب جا ليکڪ واڌومل چنديرام ۽ پرڀداس آنندرام آهن، جيڪي ڪراچيءَ ۾ -تعليم- کاتي سان لاڳاپيل هئا. ليٿو ۾ ڇپيل هن ڪتاب جا 350 صفحا آهن. ڪتاب جو ملهه 14 -آنا- آهي. هيءُ ڪتاب -تعليم- کاتي جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1871ع ۾ ڇپيو. انگلنڊ جي -تاريخ- (ڀاڱو پهريون ):هن ڪتاب جو ليکڪ تاراچند شوقيرام -آڏواڻي- هو، جيڪو ڪراچيءَ ۾ -تعليم- کاتي ۾ ٽرانسليٽر هو. هيءُ 79 صفحن جو ڪتاب الوهي ڇاپي ۾ ڇپيل آهي. ڪتاب جي قيمت 6 -آنا- ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب ڪمشنر جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1886ع ۾ شايع ٿيو. هن -تاريخ- جو ڀاڱو ٻيو، جنهن جو ليکڪ پڻ تاراچند شوقيرام هو، ڪمشنر جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1886ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ 52 صفحا آهن ۽ قيمت 3 -آنا- ڄاڻايل آهي. انگلنڊ جي تاريخ: هن ڪتاب جو ليکڪ بولچند ڪوڙومل جڳتياڻي آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي -تعليم- کاتي سان واسطو رکندڙ هو. ٽائيپ ۾ ڇپيل هن ڪتاب جا 567 صفحا آهن ۽ قيمت 2 رپيا ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب ڪمشنر جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1892ع ۾ ڇپيو. انگلنڊ جي -تاريخ- (ڀاڱو ٻيو ):هن ڪتاب جا مترجم چانڊومل ۽ مولچند آهن. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 14 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو ٻيو، هندو پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1925ع ۾ ڇپيو. انگلنڊ جي -تاريخ- (ڀاڱو ٻيو ):هيءُ ڪتاب چيلارام کيمچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائونس ائيز واري هن ڪتاب ۾ 227 صفحا آهن ۽ قيمت 12 -آنا- ڄاڻايل آهي. ليکڪ هيءُ ڪتاب نئشنل اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1935ع ۾ ڇپايو. انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب راڌا ڪرشناڻيءَ ۽ رامچند لالومل جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جا 114 صفحا آهن ۽ قيمت 8 -آنا- ڄاڻايل آهي. ڇاپو ٽيون، مولچند ميگهراج، راجپوت پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1937ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، جشن مل هيمنداس، هيمراج پرنٽنگ پريس، سکر مان سال 1954ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب قاضي علي رضا جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 13 صفحا آهن ۽ قميت 12 -آنا- ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، نوتنداس گوپچند -ڀاٽيا- سال 1938ع ۾ ڇپايو. انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب ايڇ. ايل ڇٻلاڻيءَ ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 148 صفحا آهن ۽ قيمت 12 -آنا- ڄاڻايل آهي. ڇاپو ٻيو، ليکڪن، سواستڪا پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان سال 1940ع ۾ ڇپايو. انگلنڊ جي -تاريخ- (ڀاڱو پهريون ):هيءُ ڪتاب جشن مل شيوارام جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 220 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو 2 -آنا- ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون موهن لعل پوڪرداس، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1946ع ۾ ڇپايو. انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب نند لال پوڪرداس ڪالرو جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 246 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو 4 -آنا- ڄاڻايل آهي. اُن جو ڇاپو سترهون، موتي رام گرڌاري داس، موتي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1947ع ۾ ڇپايو. انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب خانبهادر محمد صديق ميمڻ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 103 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو 2 -آنا- ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، -آر-. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد مان سال 1951ع ۾ ڇپايو. انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب مرزا اجمل بيگ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو پڪو جلد آهي، جنهن ۾ 253 صفحا آهن ۽ قيمت 2 رپيا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، محمد يوسف ائنڊ برادرس، حيدرآباد مان سال 1953ع ۾ ڇپايو.[1]

تــــاریــــخ


هِتي تاريخ سان لاڳاپيل مضمونن جي فهرست تشڪيل ڏيو۔

فهرست زمرو


(ع. اَرَخَ (= ڏينهن لکڻ) < تاريخ مهيني جو هڪ ڏينهن ، ڏينهن ، روز. مقرر ڪيل ڏينهن. تٿ. خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت. روزانو لکيل احوال. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت بابت لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، ”تاريخ طَبَري“. واقعات جي يادداشت جو علم ، علم التاريخ ، History. بادشاهن ۽ واقعن جو تذڪرو

زمرو:انگلينڊ جي تاريخ

حوالا[سنواريو]