انشائيہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انشائيه (Essay) هڪ اصطلاح جي حيثيت ۾ ”ايسي“ (Essay) جو ترجمو آهي. پھرين ان کي ”مضمون“ بہ چيو ويندو هو، ليڪن مضمون هڪ اهڙو عام اصطلاح آهي جنھن جي حدن ۾ سوانحي مضمون، تحقيقي مقالا، ايستائين جو اخباري ڪالم بہ اچي وڃن ٿا. مضمونن جي ان خاص قسم لاءِ ڪنھن خاص لفظ جي ضرورت هئي، جنھن لاءِ بعد ۾ “انشائيه” جي اصطلاح کي استعمال ڪيو ويو. سنڌيءَ ۾ انشائيہ لفظ گهڻو عام نہ آهي، پر اردو ۾ ان جو خاص مقام آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ