مواد ڏانھن هلو

انا پرنا مھارانا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اناپورنا مهارنا Annapurna Maharana
Annapurna Moharana
پيدائش03 نومبر 1917(1917-11-03)
اوڙيسيا, انڊيا
وفات31 ڊسمبر 2012 (عمر 95 سال)
ڪٽڪ, اوڙيسا, انڊيا
قوميتهندستاني
شھرت جو ڪارڻآزادي جي ويڙهاڪ, ايڪٽوازم (سماجي ڪارڪن)
جيون ساٿيشرات چندرا مهاراڻا
ٻار ٻچاڪرمديو مهاراڻا, گياناديو مهاراڻا

اناپرنا مھارانا انگريزي ٻولي: Annapurna Maharana ڀارت جي تحريڪ آزادي جي ھڪ سرگرم ڪارڪن ھئي۔[1] ھوءَ سماجي ۽ نسواني حقن جي بہ ھڪ ڪارڪن ھئي۔ [2] مھارانا موھن داس گانڌي جي اتحادي ھئي۔[3][1]

سوانح

[سنواريو]

اناپرنا مھارانا 3 نومبر 1917 جي اڙيسا ۾ پيدا ٿي ھئي۔ ھؤ راما ديوي ۽ گوپاباندھو جي ٻئيءَ اولاد ھئي.۔[1][2][4] اناپرنا جا والدين بہ تحريڪ آزادي ۾ گڏيل بادشاھت سان حصا وٺندان رھيا۔ ھن 14 سال جي عمر ۾ ڀارت جي تحريڪ آزادي ۾ حصا وٺڻ شروع ڪيا ۽ موھن داس گاندھي جي حامي ٿي وئي۔ 1934 ۾ مھارانا ، گانڌي جي ھمراہ پوري اڙيسا جي بھدرڪ ھوجڻ واري ھريجن پڊا ياترا ۾ شريڪ ھئي۔ تحريڪ آزادي ۾ سرگرميون جي سبب کان مھارانا کي ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ به وڌو ويو۔ 1942 ۾ ڀارت ڇڏيو تحريڪ ۽ عوامي نافرماني تحريڪ جي دوران بہ مھارانا جيل وئي هئي۔ آزادي کانپوءِ، مھارانا ٻارن ۽ عورتن ڏانهن ڌيان ڏنو۔ ان جي رايگڙا ضلعو ۾ ھتان جي قبائلي ٻارن جي لاءِ ھڪ اسڪول جي بنياد وڌائين۔ ونوبا ڀاوي جي شروع ھوئي ڀودان تحريڪ سان بہ مھارانا واستا رھئا۔[1][2][3]

ايميرجينسي جي دوران ھن راماديوي چوڌري سان گڏ ڏنون، ۽ ان جي اخبار کي اشاعت ۾ معاون رھي۔ ھيءَ اخبار گرام سيوڪ پريس پاران ڇاپي وئي هئي، ۽ ايمرجينسي جي دوران حڪومت ھن تي پابندي لڳائي هئي۔ اڙيسا جي ٻين اڳواڻن، نباڪرشنا چوڌري، ھري ڪرشنا مھاتاب، منموھن چوڌري وغيرہ جي ھمران کي بہ گرفتار ڪيو ويو هيو۔[5]

19 آگسٽ 2012 جو ڪٽڪ ۾ مھارانا جي گھر ھڪ تقرير ھئي۔ جنھن ۾ اڙيسا جي مرڪزي يونيورسٽي جي اعزاز ڊگري سان کيس نوازيو. [6] مھارانا جي وفات 31 ڊسمبر 2012 کان 96 سال جي عمر ۾ ڪٽڪ، اڙيسا ۾ ٿي ۽ 2 جنوري 2013 ۾ ان جي تدفين ٿي هُئي۔[3] اڙيسا جي اڳوڻِي گورنر مرلي دھار چندرڪانت بھنڊارا، ۽ وزير اعليٰ نوين پٽنايڪ جي مھارانا جي وفات تي غم جو اظھار ڪيو.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 "Odisha freedom fighter Annapurna Maharana passes away". India TV. Retrieved 16 March 2020.
  2. 1 2 3 "Noted freedom fighter Annapurna Maharana dies". پريس ٽرسٽ آف انڊيا (Business Standard). 2013-01-01. http://www.business-standard.com/generalnews/news/noted-freedom-fighter-annapurna-maharana-dies/103191/. Retrieved 2013-01-07.
  3. 1 2 3 "Annapurna Maharana cremated". دي ٽائمز آف انڊيا. 2013-01-03. Archived from the original on 2013-06-15. https://web.archive.org/web/20130615224639/http://articles.timesofindia.indiatimes.com/2013-01-03/bhubaneswar/36130072_1_state-honours-freedom-struggle-veteran-freedom-fighter. Retrieved 2013-01-07.
  4. "Odisha: Freedom fighter Annapurna Maharana passed away". Orissa Diary. 2012-12-31. Archived from the original on 13 March 2013. https://web.archive.org/web/20130313062625/http://orissadiary.com/CurrentNews.asp?id=38594. Retrieved 2013-01-07.
  5. Orissa: the dazzle from within (art, craft and culture of ...by G. K. Ghosh - 1993 - - Page 37
  6. "Central University Odisha confers Honoris Causa to Annapurna Moharana". Odisha Diary. 2012-08-19. Archived from the original on 2013-03-11. https://web.archive.org/web/20130311212917/http://orissadiary.com/CurrentNews.asp?id=35957. Retrieved 2013-01-07.