مواد ڏانھن هلو

انارڪلي (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انارڪلي ڪتاب منگهارام اُڌارام ملڪاڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 61 صفحا آهن ۽ قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي. اميچوئر ڊرامئٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد طرفان هيمنداس چنديرام، ڇاپو پھريون، نئشنل اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد مان سال 1930ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.[1]

تاريخدان پير حسام الدين راشدي پنهنجي ابتدائي دؤر ۾ افسانوي ادب ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي هئي. جنهن ڏس ۾ سندس پنج افسانا مولوي عبدالحميد ڀٽيءَ سکر واري جي المُنار رسالي ۾ 35-1934ع ڌاري ڇپيا هئا، جن ۾ انارڪلي، پاڪدامن عورت، گلن واري ڇوڪري، امانت ۽ بدنصيب شھزادو شامل آهن. انارڪلي افساني ان وقت تمام گهڻي شھرت حاصل ڪئي، ڇو تہ اهو مغليہ دؤر جي هڪ اهم عورت جو ڪردار هو، جنھن کي جھانگير بادشاھ ديوار ۾ چڻايو هو، انارڪلي افسانو جدا چوپڙيءَ جي صورت ۾ پڻ ڇپيو هو.[2]

ساڳئي نالي سان ميلارام منگترام واسواڻيءَ جو بہ ڪتاب لکيل آهي، جنھن ۾ 190 صفحا آهن. هيءُ ڪتاب مصنف پاڻ هندستان پريس ڪراچيءَ مان ورهاڱي کان اڳ ڇپايو.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ انارڪلي : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2024-12-16 تي محفوظ ڪيل, 2016-06-10 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. ↑ "انارڪلي (ڪتاب) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2024-06-07 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ انارڪلي2 : (Sindhianaسنڌيانا)[مئل ڳنڍڻو]