اناالحق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

انا ال-حق (عربي: أنا الحقيقة) هڪ مختصر داستان آهي جو مشهور صوفي منصور ال-حلاج جي زندگي تي ٺھيل آهي، جنھن کي فرد جرم الزام لڳائي قتل ڪيو ويو ھيو. اهو عام طور تي خليل جبران جي انداز ۾ لکيل وئيڪوم محمد بشير پاران لکيل انارگھ نميشم گڏ ڪرڻ جو حصو آهي. اھو عام طور تي خليل جبران جي انداز ۾ وئڪوم محمد بشير جي لکيل انارگھا نميشام جي گڏ ڪرڻ (ڪليڪشن) جو حصو آھي.

”آءٌ خود حق آهيان“، (منصور حلاج جو بي خوديءَ وارو نعرو). ڪن صوفين وٽ وحدت الوجود جو لازمي ۽ منطقي نتيجو ”انا الحق“ آهي. انهيءَ عروج تي پهچي، حسين بن منصور حلاج 310ھ ۾ پهريون دفعو ”انا الحق“ جو نعرو هنيو.منصور جي شهادت کان پوءِ اسلامي دنيا ۾ صدين بعد الله جي عشق سان سرشار بي باڪ ۽ همت ڀريو صوفي سچل سرمست پيدا ٿيو، جنهن منصور واري جذبي مدهوشي ۽ بي باڪيءَ سان انا الحق جو نعرو هنيو: ”منصوريءَ جي موج ۾، ٿو انا الحق الايان واديءَ وحدت جي، گهوري سر گهمايان.“ - سَچو [1] منصور حلاج کي ان نعري لڳائڻ جي ڪري ڪفر جو الزام لڳائي ماريو ويو.[2]



پلاٽ[سنواريو]

حسين بن منصور [صڪ] ال-حلاج کي وڏي آواز ۾ ”اناال-حق“، ”اناال-حق” (آئون حق سچ آھيان، آئون حق سچ آھيان) چئي واڪا ڪوڪون ڪرڻ جي الزام ۾ مذمت طور ڳچيءَ ۾ ڦاھي وجھي ماريو ويو ھيو. آرٿوڊوڪس ان جو مطلب ھيئن سمجھيو تہ ھو پاڻ کي خدا ھئڻ جي دعويٰ ڪري رھيو آھي، جڏهن تہ هن پنهنجي نفساني روحاني فڪرمنديءَ ۾ ڇَڙو پنهنجي پاڻ کي فنا (پنھنجي پاڻ کي پورو ختم) ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھيو. منصور ال-حجاج ڦاسي تي چڙھي چُڪو ھيو، جنھن جي مَٿي کي اوچو (مٿانھون) رکيو ويو ھيو، نہ ھن جو موت جلد ٿيو نہ ئي ھن تي ماڻھن جي گارين جي ھُل ھنگامي سبب سندس آواز ٻُڏو ھيو. پاڻ اوسيتائين وڏي(بلند) چِٽو آواز ۾ 'انا ال-حق'، 'انا ال-حق'چوندو رھيو، جيسيتائين سندس روح وڏي عرش تي پنھنجي زندگيءَ جي بلند مقام ڏانھن پرواز ڪري وئي.

ريمارڪس تاثر[سنواريو]

بشير "عن الحق " ۽ احم برهماسمي جي اپنيش مهاواڪيا جي وچ ۾ متوازي نقشو چٽيو آهي ، جنھن جو مطلب آهي تہ مان براھما (هندو خدا جنھن دنيا کي پيدا سَرجيو (پيدا ڪيو)). بشير اھو اصطلاح ان نيت سان ڪم آندو آھي تہ خدا ھرھڪ جي 'پاڻ' (اندر/نفس) ۾ سمايل آھي. ڪهاڻي کي اهڙي ريت لکيو ويو آهي جھڙي ريت اسلام ۾ راسخ العمل (آرٿوڊوڪس ريتن) جي عمل تي حملو ڪيو ويو ھجي.

بصيرت نيشمي جي ايڊيشن ۾ جيڪو 1982 ع ۾ شايع ٿيو هو، بشير هڪ نوٽ شامل ڪيو جنهن ۾ لکيل ھيو تہ "هيءَ ڪهاڻي ڪجھ چاليھ سال اڳ لکي وئي ھئي، هاڻي مون کي يقين آهي ته عام انسانن جيڪي صرف وڏي سگھ واري جي پيداوار آھن چئي رهيا آهن ”آئون ھڪ خدا آھيان“ سو چوڻ هڪ گناھ آهي. مون پڻ اها دعويٰ ڪئي ھئي تہ ڪم هڪ حقيقي ڪهاڻي تي ٻَڌل آهي، پر هاڻي؛ اهو رڳو هڪ خيالي تصور (فينٽسي) طور وٺو".

ان کي هن جي اڳوڻي عقيدن کان هڪ چِٽي (واضع) تبديلي سمجهيو ويندو آهي. نقادن جو چوڻ ھيو تہ بشير پنهنجي اڳ ڪيل ڪم جي ڀيٽ ۾ ھاڻي بعد جي زندگي جي لحاظ کان وڌيڪ مذهبي بڻجي چڪو هو، ۽ ھن پنھنجي اڳ ڪيل ڪمن جي مخالفت ڪئي ھئي. ھن اھو نوٽ پڻ مزاح کان بغير نہ ڇڏيو ھيو؛ ان نوٽ جو انت (اختتام) پڻ انا ال-حق جي ناري سان ڪيو ويو، جيڪو ڪھاڻي جي مُک (مرڪزي) ڪردار وانگر ھيو.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Mansur Al-Hallaj آرڪائيو ڪيا ويا June 26, 2005, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.