اي. ڪي. بروهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Allah Bukhsh Karim Bukhsh Brohi
الله بخش ڪريم بخش بروهي

اي.ڪي.بروھي
پيدائش 1915[1]
شڪارپور،سنڌ، برٽش انڊيا
وفات September 1987 at age 72[1]
لنڊن،انگلينڊ
ٻيا نالا A K Brohi
پيشو وڪيل ، قانوندان، سياستدان
جيون ساٿي ڪلثوم بروهي
رشتيدار *ٽي نياڻيون

الله بخش ڪريم بخش بروهي: Allah Bukhsh Karim Bukhsh Brohi جيڪو اي. ڪي. بروهي جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي ھڪ مشهور قانون دان، آئيني ماهر ۽ دانشور ٿي گذريو آهي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

سندس اصل نالو الھ بخش ڪريم بخش بروهي هو، پر اي. ڪي. بروهيءَ جي نالي سان پوريءَ دنيا ۾ سڃاتو ويندو ھيو. هو 24 ڊسمبر 1915ع تي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. 1937ع ۾ ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. اي ڪيائين. انکان پوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (فلسفو) ۽ ايل ايل. بيءَ جون سندون ورتائين. تعليمہجي تڪميل کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1941ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1950ع ۾ سنڌ جو ائڊووڪيٽ جنرل مقرر ٿيو. انهيءَ سال پاڪستاني وفد جي ميمبر جي حيثيت سان يونيسيڪو جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين. اتان واپسيءَ کان پوءِ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ دعويٰ جي وڪيل طور ڪيس وڙهيو. سندس سامهون صفائيءَ جي وڪيل طور حسين شهيد سهرورديءَ ماهرِ قانون هو. 1953ع ۾ محمد علي بوگره جي ڪابينا ۾ وزير قانون مقرر ٿيو. ان وقت پاڻ آئين- ساز اسيمبليءَ جو ميمبر هو. قانوندان ۽ پارلياماني معاملن کان سواءِ اطلاعات ۽ نشريات جو کاتو بہ هن وٽ هو. 23 آڪٽوبر 1954ع تي وزارت تان استعيفيٰ ڏيئي ٻيهر وڪالت شروع ڪيائين. 1960ع ۾ ڀارت ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيو. 1964ع کان 1967ع تائين پاڪستان بار ائسوسيئيشن جو صدر ٿي رهيو. ڪيترين ئي بين- الاقوامي ڪانفرنسن ۾ -پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي فرمائش تي ”گڏيل قومون ۽ انساني حق“ جي رپورٽ ترتيب ڏنائين. پاڻ جنرل ضياءُ الحق جي قائم ڪيل مجلس شوريٰ جو ميمبر هو. 1978ع ۽ 1979ع ۾ قانون ۽ مذهبي معاملن جي وزارت بہ هن وٽ هئي. وفات کان اڳ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو ريڪٽر رهيو، جتان پوءِ استعيفيٰ ڏنائين. هو پاڪستان نئشنل هجره ڪائونسل جو چيئرمئن ٿي رهيو. 12 سيپٽمبر 1987ع تي لنڊن ۾ وفات ڪيائين. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان ٻہ انگريزي ڪتاب قابل ذڪر آهن: (i) An Adventure in Self expression. (ii) The Testament of Faith. ان کان سواءِ علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ايلسا قاضيءَ جي ڪتابن جا فلسفياڻا مهاڳ پڻ لکيائين. بروهي جيئن ته علامه آءِ آءِ قاضي جو شاگرد ۽ معتقد هو، تنهنڪري علامه قاضي جي ياد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾، علامه قاضي جي مقبري جي ڀر ۾، پنهنجي خرچ سان علامه آءِ آءِ قاضي ڪلچرل سينٽر تعمير ڪرايائين.[2]پاڻ رام ڄيٺملاڻي وڪيل جو شاگرد رھيو

حوالا[سنواريو]