مواد ڏانھن هلو


سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو سنڌي قوم لاءِ سنهيو
سنڌي وڪيپيڊيا کي توهان جي گھُرج آهي!
پنهنجي مادري ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي آزاد انسائيڪلوپيڊيا (سنڌي وڪيپيڊيا) لاءِ اڳتي اچو ۽ ڀاڱيداريون ڪري سنڌي ڀاشا جي سيوا ڪريو.

وڪيپيڊيا تي توهان اسان جهڙا عام پر باشعور ماڻهو ڪم ڪن ٿا، جيڪي مختلف شعبن سان واڳيل پڻ هوندا آهن. سنڌي وڪيپيڊيا جي واڌاري لاءِ اسان سان سهڪار ڪريو ۽ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿيو.

الھ بخش اٻوجهو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(الھہ بخش اٻوجھو کان چوريل)

الھ بخش اٻوجهو سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ سماج سڌارڪ ھو جنھن 1848ع ۾ جنم ورتو. هن جي ”مسدس اٻوجهو“ مولانا حاليءَ جي مشھور ”مسدس حالي“ جي طرز تي لکيل آهي. جنھن ۾ مسلمانن جي حالت جو نقشو چٽيو اٿس. هن سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليمي، سياسي ۽ سماجي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جي قيام لاءِ مرحوم حسن علي آفنديءَ سان گڏجي ڪوششون ڪيائين، اُتي فارسيءَ جو استاد بہ ٿي رهيو. ان زماني ۾ هن هفتيوار ”معاون“ اخبار بہ جاري ڪئي. سنڌي ڇوڪرين لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڌار انگريزي اسڪول قائم ڪرايائين. سندس هڪ نياڻي شاه بيبي ايم. اي ڪئي، تعليم جي شعبي سان وابستہ رهي ۽ سالن جا سال ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهندي هئي، سندس ٻي ڌيءَ بلقيس اسلام آباد ۾ تعليم واري وزارت ۾ آفيسر هئي ۽ اتان سنڌي خبرون پڙهندي هئي، سندس ٽين ڌيءَ گل بيبي اين. جي. وي اسڪول ڪراچيءَ جي پرنسپال رهي، اهڙيءَ طرح الھ بخش اٻوجهو نہ صرف عام سنڌي مسلمانن لاءِ پر سنڌي نياڻين لاءِ تعليم جي ميدان ۾ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون. هي سنڌي ٻوليءَ ۾ قومي شاعريءَ جي بانين مان هو، جنھن ”مسدس حالي“ جي طرز تي سنڌيءَ ۾ ”مسدس اٻوجهو“ لکيو. هن 1901ع ۾ وفات ڪئي. سندس مسدس جو ڳچ حصو مسدس حاليءَ جو ترجمو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]