الھندو نارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الھندو نارو (انگريزي: Western Naro) يا رائس ڪينال (انگريزي: Rice Canal ) اصل ۾ هيءُ درياهي ڦاٽ آهي، جيڪو سنڌو درياھ جي اُلهندي طرف کان وهندو هو. سکر بئراج جي ٺهڻ کان پوءِ ان کي ”رائيس ڪئنال“ جي نالي سان سڏيو ويو، ليڪن عام ماڻهو اڄ به هن کي ”نارو“ چوندا آهن. هن ناري کي رائيس ڪئنال جو نالو انڪري ڏنو ويو، جو لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ هن ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان ساريال پوک ڪئي ويندي آهي[1]. ان واھ تي رائس ڪينال جي ميھڙ شاخ جو نالو رکيو ويو[2]. ڪنھن زماني م اھو سنڌوندي جي ڇاڙ ھيو جنھن جو پاڻي لاڙڪاڻي کان مٿي مکيه پيٽ کان الڳ ٿي سنڌوءَ سان لڳ ڀڳ وڇوٽي تي وھندو وڃي درياء سان گڏ منڇر ڍنڍ واري قدرتي ھيٺاھين ۾ پوندو هو[2]. هن الهندي ناري سان گڏ سکر بئراج مان ٻه واھ ٻيا به نڪرن ٿا، جهڙوڪ ساڄي پاسي کان کيرٿر ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان دادو ڪئنال اچن ٿا[1]. ٽيئي واھ، -بئراج- مان نڪري گڏ هلن ٿا، جيڪي اڳوڻي سکر ضلعي ۽ هاڻوڪي شڪارپور ضلعي جي مديجي وٽان هڪٻئي کان پري ٿي جدا جدا علائقن ۾ وڃن ٿا. کيرٿر ڪئنال مديجيءَ واري علائقي مان کيرٿر جبل ڏانهن رُخ ڪري ٿو ۽ دادو ڪئنال مديجيءَ واري علائقي وٽان جدا ٿي لاڙڪاڻي ضلعي جي اوڀر ۾ هڪ ميل جي پنڌ تي عاقل ڳوٺ کان ٿيندو دادو شهر ۽ سيتا روڊ شهر طرف وڃي ٿو[1]. باقي الھندو نارو (يعني رائيس ڪئنال) مديجيءَ واري علائقي کان سڌو رُخ رکي ٿو، جو نئين ديري شھر جي اولھ ۾ هڪ ٻن فرلانگن جي فاصلي تان هلندو، لاڙڪاڻي شهر جي اولھ ۾ لاڙڪاڻي شهر مان گڏ وهندو، وڃي ضلعي جي مختلف شهرن، جهڙوڪ باڊھ، ميھڙ وٽان ٿيندو، دادو ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ٿرڙي محبت، ٻٽ سرائيءَ ۽ ٻيٽي جتوئيءَ وارن ڳوٺ کي سيراب ڪندو، وڃي جنگلاڻي ڳوٺ کان هيٺ منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو[1]. اڃا تائين ڪٿي ڪٿي ان جي قديم پيٽ جا ڪي نشان ملن ٿا[1]. اُلهندو نارو اڳ ۾ پهرين ڦاٽ جي صورت ۾ وهندڙ هو، پر پوءِ اُن جي کاٽي کڻي، ان کي ڪئنال جي صورت ڏني وئي. هن وقت به هيءُ الھندو نارو (موجوده رائيس ڪئنال) ڀر وارن ٻنهي ڪئنالن (کيرٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال) کان ويڪر ۾ وڌيڪ آهي، مفاصلي ۾ به تمام گهڻو پري ويندڙ آهي ۽ پاڻي به ٻنهي واهن کان تمام گهڻو کڻي ٿو[1]. اڳي جڏهن سنڌوءَ ۾ گهڻو چاڙهه هوندو تڏهن اوڀارو ويندڙ ٻيڙا منڇر مان ٿيندا الهندي ناري مان ٻيڙيون هاڪاري مٿي ويندا هئا، جو اتان درياھ جي تيزي تک گهٽ هوندي هئي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 [1] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
  2. 2.0 2.1 [ سنڌ گزيٽيئر جلد پھريون، مصنف: ايڇ ٽي سورلي، 1996 ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 23 ]