اليڪساندرڪوپرن
اليڪساندر ڪوپرن Aleksandr Kuprin | |
---|---|
![]() | |
پيدائش | اليڪساندر ایوانووچ ڪوپرن سيپٽمبر 07 1870 ء پینزا, روسي سلطنت |
وفات | 25 آگسٽ 1938 (عمر 68 سال)ء لينن گراڊ, سويت يونين |
قلمي نالو | اليڪساندر ڪوپرن |
ڌنڌو | مصنف، صحافي، پائليٽ، مُهم جو |
ٻولي | روسي |
قوميت | ![]() |
صنف | افسانا، ناول |
ادبي تحريڪ | فطرت پسندي |
مُکيه ڪم | دي ڊوئيل نائٽ شفٽ سرڪس ۾ |
ايوارڊ | پشڪن انعام |
دستخط | ![]() |
اليڪساندر ایوانووچ ڪوپرن Russian: Алекса́ндр Ива́нович Купри́н, tr. Aleksandr Ivanovich Kuprin(پیدائش: 7 سيپٽمبر 1870ء - وفات: 25 آگسٽ 1938ء) اُڻويهين صديءَ جو روسي مصنف، ناول وافسانہ نگار، صحافي، پائليٽ ۽ مُهم جو آهي جو پنهنجي مشهورترين ناول "دي ڊوئيل" جي وجهه سان مشُهور و معروف آهي۔
حالات زندگي و فن[سنواريو]
اليڪساندرڪوپرن 7 سيپٽمبر 1870ء ۾ روسي سلطنت جي صوبي پینزا ۾ غریب منشي خاندان ۾ پیدا ٿيو۔[1]
ننڍپڻ يتيمي ۽ عسرت میں گزريس۔ ڏهن سالن جي عمر ۾ فوجي اسڪول ۾ تربيت پاتائين ۽ سخت و ڪرخت زندگيءَ جي انهن ڏهن سالن کي فنڪارانه خوبيءَ سان خودنوشت سوانحي ناول جي ٻن حصن ۾ بيان ڪيائين۔ "يونڪر" ناول جيڪو ڪوپرن انقلاب 1917ء جي بعد ترڪ وطن جي زماني (1928ء - 1932ء ) ۾ لکيائين، پنهنجي حقیقت پسندي ۽ نفسياتي ڪيفيتن جي لاهن چاڙهن جي سبب ڪافي مقبول ٿيو۔[2]
ڪوپرن فوجي ملازمت بلڪل تُرڪ ڪري ڪيف ۾ ادبي پروفيسري اختیار ڪئي۔ بعد ۾ (1897ء) ۾ اھا به تُرڪ ڪيائين۔ معمولي ڪاشتڪار بڻجي رهيو۔ هر دور ۾ برابر افسانا ۽ ناول لکندو ۽ شايع ڪرائيندو رهيو۔ 1905ء کان ٿورو پهرئين ۽ انقلاب جي روسي زندگي ۽ آپ بيتي تي مُبني سندس افسانن ۽ ناولن ٽالسٽائي ۽ چيخوف کي پڻ متاثر ڪيو۔ شروع ۾ انقلاب جو حامي هيو، ٻن سالن بعد "تهذيب جي بدحالي" هِن کي بدگمان ڪري ڇڏيو ۽ هو يورپ هليو ويو۔ سترنهن سال بي وطنيءَ جي زندگي ۾ گهڻو ڪري پيرس ۾ گُزارڻ ۽ اُتي جي ڏُکايل آتمائن جي سوانح پڻ پنهنجي خاص دلڪش ۽ فڪرانگيز انداز ۾ لکيائين۔ هن جي ڪثير تصنيفن ۾ "یاما" (طوائف جي زندگي)، "چاندي رات"، نائٽ شفٽ"، سرڪس ۾" ۽"الي سیا" عالمي شُهريت ماڻي۔ 1937ء ۾ روس واپس آيو.[2]
تصنیفون[سنواريو]
- 1893ء - اونداهيءَ ۾
- 1893ء - چاندي رات
- 1898ء - الي سیا
- 1899ء - نائٽ شفٽ
- 1905ء - دي ڊوئيل
- 1909ء - یاما (طوائف جي زندگي)
- 1902ء - 1915ء سرڪس ۾
- 1928ء - 1932ء يونڪر
اعزاز[سنواريو]
- 1909ء - پشڪن انعام (ایوان بینن سان مشرڪه)
وفات[سنواريو]
ڪوپرن جي وفات 68 سال جي عمر ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ڪري 25 آگسٽ 1938ء ۾ لينن گراڊ, سويت يونين ۾ ٿي۔[1]
خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]
![]() |
وڪي وسيلا ۾ اليڪساندرڪوپرن جي متعلق وسيط موجود آھي |
- Kuprin، وقف ڪيل ويبسائيٽ
- Nicholas Luker bio of Kuprin
- Aleksandr Kuprin's IMDb.com page
- Biography, at The Literature Network
- سانچو:Gutenberg author (plain text and HTML)
- سانچو:Internet Archive author
- سانچو:Librivox author
- Grave of Kuprin
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 اليڪساندر ایوانووچ ڪوپرن، دائرۃ المعارف برطانیڪا آن لائن
- ↑ 2.0 2.1 جامع اردو انسائيڪلوپيڊيا (جلد-1 ادبیات)، قومي ڪونسل براءِ فروغِ اردو زبان، نئي دهلي،2003ء، ص 444
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- سانچا
- ڄاڻخانو ليکڪ ۾ غلط استعمال ڪيل پيراميٽر
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- SELIBR سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BIBSYS سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- اليڪساندرڪوپرن
- 1870ع جون پيدائشون
- 1870ء جون پيدائشون
- 1938ع جون فوتگيون
- 1938ء ۾ وفات
- اڻويهين صديءَ جاشاعر
- روسي شخصيتون
- روسي صحافي
- روسي ناول نگار
- روسي نثر نگار
- شخصيتون
- ويهين صديءَ جا ناول نگار