مواد ڏانھن هلو

الميو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊائنوسس جو نقاب، يوناني مارينہ 2 ق.م.

الميه/غمگين ڊرامو (Tragedy) دک انت ڊرامو. يوناني ٻوليءَ جي لفظ ٽريگوئڊيا مان نڪتل آهي[1]. يوناني ڊرامي جو ھڪ قسم آھي[2]. ھي ڊرامو سنجيده ماحول جي عڪاسي ڪندو اھي جنھن ۾ ڊرامي جو سورمو يا ھيرو ڀوڳنائن جو شڪار ٿيندو اھي ۽ اخر ۾ سندس المناڪ پڄاڻي ٿيندي اھي[2]. ڊرامي جو ھڪ اھڙو قسم آھي جيڪو انساني تڪليفن تي مشتمل آهي جيڪي تڪليفون بنيادي طور تي مرڪزي ڪردار سان پيش ايندڙ ھولناڪ ۽ المناڪ واقعا ھونديون آھن[3] . الميہ ڊرامي جي وڏي خوبي اھا اھي ته ان ۾ ڏک ڀريو داستان ھوندو اھي، جنھن کي ڏسڻ سان ڏسندڙ ڳنڀير ٿي ويندو اھي ۽ موٽ ۾ ٻئي جي ڏک سان راحت حاصل ڪندو اھي[2]. اهڙيءَ طرح ٻئي جي ڏکن کي پنھنجو سمجھي پنھنجي دل ھلڪي ڪندو اھي، جنهن کي يوناني نقادن تزڪيي جو عمل يا ڪيٿارسس[4] ڪوٺيو آهي[2]. قديم يونان ۾ سوفو ڪليز ۽ يورپيڊس تمام وڏا الميه نگار ٿي گذريا آهن[2].

شيڪسپيئر جي الميائي ڊرامي ڪنگ ليئر ۾ بيان ڪيل ڪارڊيليا جي موڪلاڻي.'

شيڪسپيئر جا به ڪيترا ڊراما الميه يا دک انت هئا[2]. ارسطو پنھنجي ڪتاب شاعري جو فن (poetics) ۾ لکي ٿو ته:

ٽريجڊي ھڪ عمل جي اھڙي ادائگي آھي جيڪا اھم ۽ مڪمل آھي، ڪنھن ڄاڻايل مقدار مطابق، خوبصورت ٻولن ۾ اھڙو ھر عمل ڊرامي جي مختلف حصن ۾ الڳ ادا ٿيندو آهي: نہ رڳو ورجايو ويندو آهي پر خوف ۽ افسوس سان تزڪيي جي عمل يا ڪيٿارسس جي راحت ذريعي ساڳيا احساس پيدا ڪندو آهي.

— Poetics, VI 1449b 2–3[5]

نالي جي معنيَ

[سنواريو]

ايئن لڳي ٿو ته لفظ ٽريجڊي مختلف دؤرن ۾ مختلف مظھرن جي وضاحت طور استعمال ٿيندو رھيو آھي. قديم يوناني يا ڪلاسيڪي يوناني ٻوليءَ جي لفظ ٽرائگوويڊيئا (τραγῳδία) مان نڪتل آهي جيڪو ٻن لفظن: ٽرئگوس (tragos) يعني ٻڪر ۽ ائيڊيئن (aeidein) يعني ڳائڻ جو مرڪب آهي. عالمن، جن ۾ فريڊرڪ نٽشي پڻ شامل آهي، جو خيال آهي ته شايد اھو لفظ ان دور سان تعلق رکندو ھجي جنھن دؤر ۾ ڳائڻ جي ٽولين جي رقص وارن مقابلن يا جانورن جي قرباني وارين رسمن م ڳائڻن جي رقص ڪندڙن کي ٻڪري انعام طور ملندي ھئي[6]. ھڪ ٻي راء نقراطس واري ايٿنيئس جي آھي جيڪو ٻين ۽ ٽين عيسوي صديءَ جو مصر جي نقراطس شھر جو گرامردان ھيو. ان مطابق ٽريجڊي لفظ ٽرائگوڊيا (trygodia) مان نڪتل آهي جيڪو ٻن لفظن : ٽرائگوس (trygos)، يعني انگورن جي ڪٽائي، ۽ اوڊ (ode)، يعني ڳائڻ، جو مرڪب آهي. ان مطابق انھن واقعن کي سڀ کان پهرين انگورن جي ڪٽائي واري وقت پيش ڪيو ويو ھو[7].

يوناني دؤر

[سنواريو]

اڍائي ھزار سال اڳ قديم يوناني ٿيئٽر جو آغاز ٿيو ھو جنھن جي ڪم مان سوفوڪليز، ايسڪيلس ۽ يورپيڊس جي لکڻين سميت ڪجهه شاعرن جا ڪافي ٽڪرا ۽ سينيڪا کان پوء واري رومن ٽريجڊي وارين لکڻين جا حصا محفوظ ٿي چڪا آهن. ايٿينز واري ٽريجڊي دنيا جي محفوظ ٿيل قديم ترين ٽريجڊي دراصل رقص وارا ناٽڪ ھيا جيڪي ان شھري رياست جي ٿيئٽر واري ڪلچر جو ھڪ اھم جز ھيا جيڪي مارچ جي آخر يا اپريل جي شروعات ۾ ٿيندڙ ڊائونائسس جي مان ۾ ٿيندڙ سالياني جشن ۾ ڪيا ويندا ھئا. اھي ٽن ڊراما نويسن جي لکيل ناٽڪن جا مقابلا ھوندا ھئا جيڪي ٽن ڏينھن تائين ھلندا ھئا.

رومي دور

[سنواريو]
يوريپيڊس جي الميي ڊراميٽائورس ۾ افيجينيا جو ھڪ منظر. پومپئي ۾ رومي نقشنگاري

270 ق م کان 240 ق م تائين يوناني علائقن تي رومن ريپبلڪ (590 ق م کان 27 ق م تائين) جي قبضن بعد رومين جو يوناني ٿيئٽر سان واسطو پيو ۽ اھو ٿيئٽر پوري اولھ يورپ ۾ برطانيا تائين ڦھلجي ويو. يوناني الميي وارا ناٽڪ پوري رومي دؤر ۾ ادا ٿيندا رھيا. 240 ق م ۾ رومي ناٽڪن جي پڻ شروعات ٿيا. رومي ناٽڪ نويس لِوِيئَس اَينڊرَانِڪَس لاطيني الميو تي پھريون اھم ناٽڪ لکيو. ان کان پنج سال بعد مزاح طور سڃاڻپ رکندڙ نِيئَس نَوِيئَس (Gnaeus Naevius) پڻ الميو لکڻ شروع ڪيو پر رومن الميي وارن ناٽڪن جون شروعاتي لکڻيون محفوظ ٿي نہ سگھيون. تاريخدانن ٽن ٻين رومي الميي نويسن جو ذڪر ڪيو آهي جن ۾ ڪُئِنٽَس اَينِيئَس، مارڪوس پَڪيووِيئَس ۽ لِيُوشِيَس اَڪسِيئَس شامل آهن. رومي ايمپائر جي دور وارن رڳو ٻن الميائي ناٽڪ نويسن جون لکڻيون محفوظ ٿي سگھيون آهن جن مان ھڪ نامعلوم آھي باقي ٻيو رواقي مفڪر [8] سينيڪا آهي. سينيڪا جون 9 الميائي لکڻيون محفوظ آھن. اھي سڀ يوناني ماخذن سان موافقت رکندڙ آھن. مثال طور ان جي لکڻي فيڊرا يوناني ليکڪ يوريپيڊس جي ناٽڪ ھپولائٽس تي مشتمل آهي.

انتقام تي ٻڌل الميو

[سنواريو]

انتقام تي ٻڌل الميو يا روينج ٽريجڊي [9] ڊرامي جو ھڪ اھڙو قسم اھي، جنھن جو مرڪزي خيال يا اکاڻي ”بدلي وٺڻ“ تي ٻڌل ھوندي اھي. ھن ڊرامي ۾ ڪنھن جو ناحق خون ٿيندو اھي، جنھن جي نتيجي ۾ ڊرامي جو ھيرو يا سورمو بدلي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو اھي[2]. ڊرامي جو ”بدلو“ دراصل ھڪ فريضو سمجھي ورتو ويندو اھي. اھڙيءَ طرح خوف، ھراس ۽ استحصال ھن ڊرامي جي خاص خوبين مان ھوندا اھن. اخر ۾ بدلي وٺندڙ سورمي لاءِ خاص ھمدردي پيدا ٿي پوندي اھي[2]. وليم شيڪسپيئر جا مشھور ڊراما روينج ٽريجڊي آھن، جهڙوڪ هيمليٽ، ميڪبيٿ، ڪنگ ليئر ۽ آٿيلو وغيره. ان کان سواءِ انگريز ڊراما نگارن ۾ جان ويبسٽر (1580-1635ع) ۽ ٽامس ڪائڊ (1558-1594ع) پڻ ھن قسم جي ڊرامن جي ڪري مشھور ھئا[2]. سنڌي ڊرامي جي تاريخ ۾ مرزا قليچ بيگ جا ”شهزادو بهرام“، ”شاهه ايليا“، ديوان ٺاڪرداس جو ”تريا جلتر“، ليلارام ماکيجاڻيءَ جو ”بي وفا قاتل“، احمد علي چاڳلا جو ”خوني“ انتقامي الميه جا اهم مثال آهن[2].

الميہ ڊرامي جو سورمو

[سنواريو]

الميہ ڊرامي جو سورمو (Tragic Hero) الميہ ڊرامي لاءِ ارسطو پنھنجي ڪتاب Poetics ۾ ڪي قاعدا قانون ڏنا اھن. ڪيتريون صديون گذرڻ باوجود اڄ بہ انھن قاعدن جي ھڪ اھميت اھي. جن بھ انھن قاعدن تي عمل ڪيو آهي، تن جي ڊرامن ابديت ماڻي اھي[2]. پر وقت ۽ حالتن جي تبديليءَ سبب ارسطو جا قاعدا ۽ قانون نظر انداز ٿيندا رھيا اهن[2]. ارسطو مطابق الميہ ڊرامي جي ھيرو ۾ ھيٺيون خوبيون هئڻ گھرجن:
(i) سورمو اعليٰ خاندان يا مرتبي وارو ھئڻ گھرجي،
(ii) سورمو سٺي اخلاق جو مالڪ ھجي،
(iii) غلطي جو پتلو نه هجي[2].

الميہ-طربيہ ڊراما

[سنواريو]

الميہ-طربيہ ڊراما (Tragi-Comedy) ٽريجڊي ناٽڪن جو ھڪ قسم آھي. ڊرامي يا ناٽڪ جي وڌندڙ شھرت ۽ الميہ ۽ مزاحيہ ڊرامي جي تاثير ھن ڊرامي کي جنم ڏنو[2]. ھن ڊرامي جي شروع ٿيڻ جو وڏو سبب اھو ھو تہ ڏسندڙ طربيہ ۽ الميہ ڊرامن جي يڪسانيت کان بور ٿي چڪا ھئا. قديم يونان ۾ ھن قسم جي ڊرامي جي سخت مخالفت ڪئي ويندي ھئي. البتہ انگريزيءَ ۾ ھن قسم جي ڊرامن تمام گھڻي شھرت حاصل ڪئي[2]. انگريزي ڊرامي جي تاريخ ۾ مائونٽ ۽ جان کليچر(1579-1635ع) ھن قسم جي ڊرامي جا مؤجد اھن. جان ڊرائڊن (1631-1700ع) پڻ ھن قسم جا ڪافي ڊراما لکيا. موجوده سنڌي ٽي وي ڊراما اڪثر ڪريTragic Comedy آهن ۽ ھن قسم جا ڊراما رائج اھن[2]. ھي ڊراما اداس ۽ غمگين ماحول سان شروع ٿيندا آھن، جن ۾ مرڪزي ڪردار تڪليف ۽ عذاب مان گذرندو آھي، پر اخر ۾ ڊرامي جو انجام خوشيءَ سان ٿيندو اھي[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. Klein, E, "Tragedy", A Comprehensive Etymological Dictionary of the English Language, Elsevier, صفحو. 1637 
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 [ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ]
  3. Conversi, Leonard W. (2019). "Tragedy". Encyclopædia Britannica.
  4. {Catharsis}
  5. Aristotle, Poetics, section 1449b, Tufts 
  6. See Horace, Epistulae, II, 3, 220: "Carmino qui tragico vilem certavit ob hircum".
  7. of Naucratis, Athenaeus, The deipnosophists, Wisc 
  8. {Stoicism}
  9. {Revenge Tragedy}