اشوني ڀاوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اشوني ڀاوي
پيدائش مئي 7, 1972
ممبئي، مهاراشٽر، هندستان
پيشو اداڪارا
جيون ساٿي ڪشور بوپارڊيڪر
اشوني ڀاوي ساٿياڻي اداڪارا سان گڏ
اشوني ڀاوي ساٿياڻي اداڪارا سان گڏ

اشوني ڀاوي (انگريزي: Ashwini Bhave) هڪ ڀارتي فلمي اداڪارا آهي. جنهن هندي فلمن کانسواءِ مراٺي فلمي سيريلز ۾ پڻ اداڪاري ڪئي آهي. هن جي پيدائش ۽ پرورش انڊيا ۾ ٿي. هاڻي هيءَ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ رهي ٿي.[1]

ڪيريئر[سنواريو]

ڀاوي پهرئين ڀيرو ٽيليويزن تي هڪ هندي سائنس فڪشن سيريل انتارِيڪش ۾ نظر آئي. پوءِ هن وڏن مراٺِي فلمي ستارن جهڙوڪ لڪشميڪانت بردي، اشوڪ سراف، سچن ۽ وڪرم گوکلي جي سامهون مراٺي فلمن جهڙوڪ دڌاڪيباز، اشي هي بنوا بنوي ۽ ڪالات نيڪالات ۾ مکيا هيروئن طور ڪم ڪيو.

سندس فلمي ڪيريئر 40 کان وڌيڪ فلمن تي وِکِريل آهي، جنِ ۾ ڪلات نڪالات، آهوتي، اشي هي بنوا بانوي، ڀوراوي، پُروش  ۽ آر ڪي پراڊڪشن پاران فلم هينا جهڙين فلمن ۾  هن تنقيدي طور مڃِيل ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.[2][3] تنهن کان پوءِ، هن ٻين هندي فلمن ميرا ڪا موهن، هني مون، سينڪ ۽ بنڌهن ۾ اداڪاري ڪئي. ڀاوي ٻيهر ٽيليويزن ۽ مراٺي فلمن ڏانهن مُنهن ڪيو. 1993 ۾، هن ڪيشو جي هدايت ڪاري ۾ ڪاناڊا ٻولي جي فلم  وشنو-وجايا ۾ ڏکڻ هندستاني اداڪار ڊاڪٽر وشنوورڌان، اڪشي ڪمار (سينڪ ۾ جنهن سان هيءَ ساٿي اداڪار هئي)، اشوتوش رانا ۽ ٻين اداڪارن سان گڏ پرفارم ڪيو.[4][5] 1997 ۾، هن وي.منوهر جي هدايت ڪاري هيٺ ٺهندڙ ڪناڊا ٻولي جي فلم رنگيناهلياج رنگادا رانگونوادا ۾ اداڪاري ڪئي هئي جنهن ۾ ڪناڊا ٻولي جي هڪ ٻئي ليجنڊري اداڪار اڳوڻو ميمبر پارليامينٽ ۽ هاڻوڪو ڪرناٽاڪا رياست جو هائوسنگ منسٽر ڊاڪٽر امباريش ۽ راميش اروند سان گڏ هن پڻ اداڪاري ڪئي هئي.

ڀاوي هڪ مشهور مراٺِي اسٽيج ناٽڪ لگناچي بيدي (شادي جون هٿ ڪَڙِيون) ۾ پڻ مُکيا ڪردار ادا ڪيو آهي. 1993 ۾، هن يش چوپِڙا فلم پرمپارا ۾ سيف علي خان جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو. پوءِ هن هڪ ٽيليويزن ميگا سيريل يوگپوروش ۾ ڪم ڪيو.

حيات نامو[سنواريو]

اشوياني 7 مئي تي مراٺي ڳالهائيندڙ خاندان ۾ پيدا ٿي. هن جو خاندان ڪوڪناسٿا برهمڻ آهي.[6][7]

اشونيءَ جو پرڻو هڪ سافٽويئرانجنيئر ڪشور بوپارڊيڪر سان ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻئي سان فرانسسڪو رهڻ لڳا. سال 2007 ۾ هيءَ فلم ٺاهيندڙ (فلمساز) جي حيثيت سان ٻيهر فلم صنعت ۾ واپس موٽي آئي ۽ مراٺي فلم ڪداچت ۾ اداڪاري ڪيائين.

فلمن جي فهرست[سنواريو]

اشونيءَ اڪشي ڪمار سان گڏ هندي فلمن  زخمي دل (1994)، سينيڪ (1993)، قائدا قانون (1993)، اشانت (1993) فلم ۾ ڪم ڪيو.[8]

هندي فلمون[سنواريو]

سال فلم ڪردار
1991 حنا چاندني ڪول
1992 ميرا ڪا موهن ميرا
1992 هني مون
1993 سينيڪ الڪا
1993 پرمپرا راجيشوري
1993 قاعدہ قانون شهناز لکنوي / مريا ڊي سوزا
1993 اشانت انيتا
1994 چيتا
1994 زخمي دل انيتا
1994 ايڪہ راجا راني آشا
1996 جرمانہ ڪرن سڪسينا
1996 ڀيروي راگني سري ڌهر
1997 جج مجرم
1998 يگ پروش ديپتي
1998 بندهن پوجا

مراٺي فلمون[سنواريو]

سال فلم ڪردار
1997 سرڪارنامہ نامہ نگار ويجينتي پاٽيل
1989 اشي هي ڀنوا ڀنوي ماڌوري
1989 ڪلت ناڪلت
1994 وزير (فلم)
آهوتي
گهولت گهول
هلد رسلي ڪونڪو يسلي گوري
ايڪ راترا منترليلي
هلد رسلي ڪونڪو هسلي
2007 ڪداچت
2013 آجچا دوس ماجها

لاڳاپيل ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Ashwini Bhave Biography, Ashwini Bhave Bio data, Profile, Videos, Photos". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-11-18. 
  2. "Movies of Akshay Kumar & Ashwini Bhave". Gomolo.com. 
  3. "Ashwini Bhave". IMDb.com. 
  4. "Archived copy". وقت 8 December 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 04 December 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date= (مدد)
  5. "Archived copy". وقت 2 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 04 December 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date= (مدد)
  6. "Ashwini Bhave". IMDb. حاصل ڪيل 2019-11-18. 
  7. "Ashwini Bhave: Movies, Photos, Videos, News, Biography & Birthday | eTimes". timesofindia.indiatimes.com. حاصل ڪيل 2019-11-18. 
  8. "List of Akshay Kumar & Ashwini Bhave movies together". gomolo.com. حاصل ڪيل 2019-11-18. 

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]