اشوني ڀاوي
| اشوني ڀاوي | |
|---|---|
| پيدائش | مئي 7, 1972 ممبئي، مهاراشٽر، هندستان |
| پيشو | اداڪارا |
| جيون ساٿي | ڪشور بوپارڊيڪر |

اشوني ڀاوي (انگريزي: Ashwini Bhave) هڪ ڀارتي فلمي اداڪارا آهي. جنهن هندي فلمن کانسواءِ مراٺي فلمي سيريلز ۾ پڻ اداڪاري ڪئي آهي. هن جي پيدائش ۽ پرورش انڊيا ۾ ٿي. هاڻي هيءَ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ رهي ٿي.[1]
ڪيريئر
[سنواريو]ڀاوي پهرئين ڀيرو ٽيليويزن تي هڪ هندي سائنس فڪشن سيريل انتارِيڪش ۾ نظر آئي. پوءِ هن وڏن مراٺِي فلمي ستارن جهڙوڪ لڪشميڪانت بردي، اشوڪ سراف، سچن ۽ وڪرم گوکلي جي سامهون مراٺي فلمن جهڙوڪ دڌاڪيباز، اشي هي بنوا بنوي ۽ ڪالات نيڪالات ۾ مکيا هيروئن طور ڪم ڪيو.
سندس فلمي ڪيريئر 40 کان وڌيڪ فلمن تي وِکِريل آهي، جنِ ۾ ڪلات نڪالات، آهوتي، اشي هي بنوا بانوي، ڀوراوي، پُروش ۽ آر ڪي پراڊڪشن پاران فلم هينا جهڙين فلمن ۾ هن تنقيدي طور مڃِيل ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.[2][3] تنهن کان پوءِ، هن ٻين هندي فلمن ميرا ڪا موهن، هني مون، سينڪ ۽ بنڌهن ۾ اداڪاري ڪئي. ڀاوي ٻيهر ٽيليويزن ۽ مراٺي فلمن ڏانهن مُنهن ڪيو. 1993 ۾، هن ڪيشو جي هدايت ڪاري ۾ ڪاناڊا ٻولي جي فلم وشنو-وجايا ۾ ڏکڻ هندستاني اداڪار ڊاڪٽر وشنوورڌان، اڪشي ڪمار (سينڪ ۾ جنهن سان هيءَ ساٿي اداڪار هئي)، اشوتوش رانا ۽ ٻين اداڪارن سان گڏ پرفارم ڪيو.[4][5] 1997 ۾، هن وي.منوهر جي هدايت ڪاري هيٺ ٺهندڙ ڪناڊا ٻولي جي فلم رنگيناهلياج رنگادا رانگونوادا ۾ اداڪاري ڪئي هئي جنهن ۾ ڪناڊا ٻولي جي هڪ ٻئي ليجنڊري اداڪار اڳوڻو ميمبر پارليامينٽ ۽ هاڻوڪو ڪرناٽاڪا رياست جو هائوسنگ منسٽر ڊاڪٽر امباريش ۽ راميش اروند سان گڏ هن پڻ اداڪاري ڪئي هئي.
ڀاوي هڪ مشهور مراٺِي اسٽيج ناٽڪ لگناچي بيدي (شادي جون هٿ ڪَڙِيون) ۾ پڻ مُکيا ڪردار ادا ڪيو آهي. 1993 ۾، هن يش چوپِڙا فلم پرمپارا ۾ سيف علي خان جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو. پوءِ هن هڪ ٽيليويزن ميگا سيريل يوگپوروش ۾ ڪم ڪيو.
حيات نامو
[سنواريو]اشوياني 7 مئي تي مراٺي ڳالهائيندڙ خاندان ۾ پيدا ٿي. هن جو خاندان ڪوڪناسٿا برهمڻ آهي.[6][7]
اشونيءَ جو پرڻو هڪ سافٽويئرانجنيئر ڪشور بوپارڊيڪر سان ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻئي سان فرانسسڪو رهڻ لڳا. سال 2007 ۾ هيءَ فلم ٺاهيندڙ (فلمساز) جي حيثيت سان ٻيهر فلم صنعت ۾ واپس موٽي آئي ۽ مراٺي فلم ڪداچت ۾ اداڪاري ڪيائين.
فلمن جي فهرست
[سنواريو]اشونيءَ اڪشي ڪمار سان گڏ هندي فلمن زخمي دل (1994)، سينيڪ (1993)، قائدا قانون (1993)، اشانت (1993) فلم ۾ ڪم ڪيو.[8]
هندي فلمون
[سنواريو]| سال | فلم | ڪردار |
|---|---|---|
| 1991 | حنا | چاندني ڪول |
| 1992 | ميرا ڪا موهن | ميرا |
| 1992 | هني مون | |
| 1993 | سينيڪ | الڪا |
| 1993 | پرمپرا | راجيشوري |
| 1993 | قاعدہ قانون | شهناز لکنوي / مريا ڊي سوزا |
| 1993 | اشانت | انيتا |
| 1994 | چيتا | |
| 1994 | زخمي دل | انيتا |
| 1994 | ايڪہ راجا راني | آشا |
| 1996 | جرمانہ | ڪرن سڪسينا |
| 1996 | ڀيروي | راگني سري ڌهر |
| 1997 | جج مجرم | |
| 1998 | يگ پروش | ديپتي |
| 1998 | بندهن | پوجا |
مراٺي فلمون
[سنواريو]| سال | فلم | ڪردار |
|---|---|---|
| 1997 | سرڪارنامہ | نامہ نگار ويجينتي پاٽيل |
| 1989 | اشي هي ڀنوا ڀنوي | ماڌوري |
| 1989 | ڪلت ناڪلت | |
| 1994 | وزير (فلم) | |
| آهوتي | ||
| گهولت گهول | ||
| هلد رسلي ڪونڪو يسلي | گوري | |
| ايڪ راترا منترليلي | ||
| هلد رسلي ڪونڪو هسلي | ||
| 2007 | ڪداچت | |
| 2013 | آجچا دوس ماجها | |
لاڳاپيل ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Ashwini Bhave Biography, Ashwini Bhave Bio data, Profile, Videos, Photos", web.archive.org, 30 آڪٽوبر 2016, حاصل ڪيل 18 نومبر 2019۔
- ↑ "Movies of Akshay Kumar & Ashwini Bhave", Gomolo.com۔
- ↑ "Ashwini Bhave", IMDb.com۔
- ↑ "Archived copy", اصل کان 8 December 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 04 December 2019۔
- ↑ "Archived copy", اصل کان 2 December 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 04 December 2019۔
- ↑ "Ashwini Bhave", IMDb, حاصل ڪيل 18 نومبر 2019۔
- ↑ "Ashwini Bhave: Movies, Photos, Videos, News, Biography & Birthday | eTimes", timesofindia.indiatimes.com, حاصل ڪيل 18 نومبر 2019۔
- ↑ "List of Akshay Kumar & Ashwini Bhave movies together", gomolo.com, حاصل ڪيل 18 نومبر 2019۔
| وڪيميڊيا العام ۾ اشوني ڀاوي سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ اشوني ڀاوي سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- اشوني ڀاوي جون تصويرون آرڪائيو ڪيا ويا 2012-02-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- انٽرنيٽ مووي ڊيٽابيس (IMDb) تي اشوني ڀاوي
| ھي مضمون ڪنهن هندستاني اداڪار يا اداڪارا بابت ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- هندستاني اداڪار اڻپورا مضمون
- ايڪيهين صدي جون ڀارتي اداڪارائون
- ڀارتي اسٽيج اداڪارائون
- ڀارتي فلمي اداڪارائون
- جيوت ماڻهو
- جيئرا ماڻهو
- ھندي سنيما ۾ اداڪارائون
- مراٺي سينيما جون اداڪارائون
- مراٺي سئنيما ۾ اداڪارڻيون
- مراٺي ماڻهو
- ممبئي جا ماڻهو
- ممبئي جون اداڪارائون
- ويهين صدي جون ڀارتي اداڪارائون
- 1972ع جون پيدائشون