سيف علي خان
ڏيک
سيف علي خان (انگريزي: Saif Ali Khan)، پيدائشي نالو ساجد علي خان پٽئودي، (پيدائش 16 آگسٽ 1970ع)[1]، ھندوستاني اداڪار ۽ پيشڪار آھي جيڪو ھندي فلمن ۾ ڪم ڪري ٿو. ھي اداڪارا شرميلا ٽئگور ۽ ڪرڪيٽر منصور علي خان جو پُٽ آھي. ھن يَش چوپڙا جي ڊرامي "پرَمپرا" (1993) سان اداڪاريءَ جي شروعات ڪئي پر کيس رومانوي ڊرامي "يي دل لگي" (1994ع" ۽ "مين کلاڙي تُو اناڙي" (1994ع) ۾ سندس ڪم جي ڪري ڪاميابي ملي. کيس ھڪ نيشنل فلم ايوارڊ ۽ ست فلم فيئر ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز مليا آھن[2]. 2010ع ۾ ھندوستان جي حڪومت پاران ملڪ جي چوٿين نمبر تي سڀ کان وڏي شھري اعزاز پدما شري سان نوازيو ويو.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Saif-Kareena wedding: Saif gets married as Sajid Ali Khan - Times of India". The Times of India (انگريزي ۾). 2021-12-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Saif Ali Khan : Awards & Nominations". web.archive.org. 2011-08-04. 2021-12-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Aamir, Rahman to receive Padma Bhushan; Padma Shree for Rekha, Saif". web.archive.org. 2010-01-28. 2021-12-30 تي حاصل ڪيل.