اشرف ڊبليو. تاباني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنم[سنواريو]

واپاري، منتظم، سابق گورنر سنڌ، 12 ڊسمبر 1930ع تي برما جي شهر ”رنگون“ ۾ ڄائو.

سوانح[سنواريو]

فلاڊيلفيا ڪاليج آف ٽيڪسٽائل ائنڊ سائنس (آمريڪا) مان ٽيڪسٽائل انجنيئرنگ جي شعبي ۾ بي. ايس. سي جي ڊگري ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ آيو ۽ خاص ڪري ٽيڪسٽائل ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳو. 1944ع کان 1972ع تائين چار دفعا پاڪستان سلڪ ۽ ريان ملز ائسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو. نومبر 1947ع کان آگسٽ 1975ع تائين فشريز بورڊ، حڪومت پاڪستان جو صدر رهيو. اپريل 1973ع کان اپريل 1975ع تائين صنعتي ترقياتي بئنڪ جي انتظامي مجلس جو صدر نشين رهيو. آڪٽوبر 1972ع کان فئبروري 1976ع تائين ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جو چيئرمئن، مئي 1981ع کان اپريل 1984ع تائين سنڌ جي صوبائي ڪابينا ۾ خزاني، صنعت ۽ ڍل جو وزير، ۽ جنوري 1987ع کان جون 1988ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو. ان کان پوءِ سيري شگرملز لميٽيڊ جو چيئرمئن ۽ ايسٽرن فيڊرل يونين انشوئرس لميٽيڊ جو ڊائريڪٽر رهيو آهي. ان کان سواءِ انٽرنئشنل آرگنائيزيشن آف ايمپلائيز (جنيوا) جو چونڊيل نائب صدر ۽ گڏيل قومن جي ايجنسي انٽرنئشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ. ايل. او) جي انتظامي مجلس جو 1990ع کان وٺي ميمبر رهيو.

لاڏاڻو[سنواريو]

اشرف ڊبليو تاباني، 16 جولاءِ 2009ع تي وفات ڪري ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]