اشرف غني
اشرف غني | |
|---|---|
اشرف غنی | |
غني 2017 ۾ | |
| ٻيون افغانستان جو صدر | |
| عهدي ۾ سيپٽمبر 29، 2014 – آگسٽ 15، 2021 | |
| نائب صدر | پهريون وائس پريزيڊنٽ ٻيون وائس پريزيڊنٽ |
| چيف ايگزيڪيوٽو | عبدالله عبدالله (2014–2020) |
| پيشرو | حامد ڪرزئي |
| جانشين | ھبت الله اخوندزاده (جيئن افغانستان جي اسلامي امارت جو سربراهه) |
| ڪابل يونيورسٽي جو چانسلر | |
| عهدي ۾ ڊسمبر 22، 2004 – ڊسمبر 21، 2008 | |
| پيشرو | حبيب الله حبيب |
| جانشين | حميدالله امين |
| ناڻو جي وزارت | |
| عهدي ۾ جُون 2، 2002 – ڊسمبر 14، 2004 | |
| صدر | حامد ڪرزئي |
| پيشرو | هدايت امين ارسلا |
| جانشين | انوار الحق احدي |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | 19 May 1949 لوگر , افغانستان |
| شھريت | افغانستان[1] گڏيل رياستون (يونائيٽيڊ اسٽيٽس) (1964–2009) |
| سياسي پارٽي | آزاد |
| زال/مڙس | رولا سعده (ش. 1975) |
| ٻار | مريم, سميت 2 |
| مائٽ | حشمت غني احمدزي (ڀاءُ) |
| تعليم | آمريڪن يونيورسٽي بيروت (BA) ڪولمبيا يونيورسٽي (MA, پي ايڇ ڊي) |
پورو نالو محمد اشرف غني احمدزئي، پيدائش 19 مئي 1949ع، افغان سياستدان، تعليمدان ۽ مُعاشياتدان جنھن اسلامي جمھوريا افغانستان جي آخري صدر طور سيپٽمبر 2014ع کان وٺي آگسٽ 2021ع تائين خدمتون ڏنيون.
شروعاتي زندگي
[سنواريو]غني شھنشايتِ افغانستان جي لوگر صوبي ۾ شاھ پسند (جيڪو پيشي جي لحاظ کان مُنشي ھُيو) جي گھر ۾ 19 مئي 1949ع ۾ پيدا ٿيو[2]. ھي احمدزئي پشتون قبيلي سان لاڳاپو رکي ٿو.[3] [4]
فارين ايڪسچينج شاگرد طور ھن ليڪ اوسويگو ھائي اسڪول (LOHS)، ليڪ اوسويگو، اوريگون ۾ 1966ع کان 1967ع جي اسڪولي سال ۾ اشرف احمد[5] ۽ اشرف احمدزئي جي نالي سان شرڪت ڪئي. فارين ايڪسچينج ۾ رھڻ لاءِ آمريڪن فيلڊ سروس سندس سرپرستي ڪئي[6]. ھن اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ بہ خدمتون ڏنيون[7].
ھن پنھنجي سيڪنڊري درجي جي تعليم ڪابل ۾ پوري ڪئي. ھي پھرين قانون ۾ پڙھڻ گُھري پيو پر پوءِ ھن پنھنجو ڌيان ثقافتي علم الانسان (cultural Anthropology) ڏانهن ڦيرايو.
1973ع ۾ بيروت، لبنان ۾ موجود آمريڪن يونيورسٽي مان بيچلر جي ڊگري حاصل ڪيائين. اُن کانپوءِ سرڪاري اسڪالرشپ تي ڪولمبيا يونيورسٽي مان 1977ع ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين.سوويت يونين جي حمايتي فوجن جي اقتدار تي اچڻ کانپوءِ سندس ڪُٽنب جي ڀاتين جي گھڻائي کي قيد ڪيو ويو. اِھو ڏسندي ھي ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ ئي ترسي پيو ۽ 1983ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ورتائين. ھي پنھنجي مُستقبل جي گھرواري رُولا سان مليو، جيڪا بہ اُتي ئي پڙھندي ھُئي[8]. ھن جي پي ايڇ ڊي جو عُنوان ھُيو (افغانستان، 1747ع کان 1901ع : پئداوار ۽ تسلط)[9].
تعليمي ڪيريئر
[سنواريو]1973ع کان 1977ع تائين بيچلر ڊگري تي ڪابل يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۾ خدمتون ڏنائين ۽ 1977ع ۾ آرھوس يونيورسٽي، ڊئنمارڪ ۾ خدمتون ڏنائين. 1983ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري تي ڪئليفورنيا يونيورسٽي، بريڪلي ۽ پوءِ 1983ع کان 1991ع تائين جاھنس ھاپڪِنس يونيورسٽي ۾ پڙھائڻ لاءِ کيس دعوت ڏيئي گُھرايو ويو. ھي ھارورڊ - انسيڊ ۽ ورلڊ بئنڪ - اسٽئنفورڊ گريجوئٽ اسڪول آف بزنسز جي ليڊرشپ تربيتي پروگرام ۾ پڻ شريڪ رھيو. سندس تعليمي اڀياس "رياست کي ٺاھڻ ۽ سماجي تبديلي" تي مُشتمل ھُيو. 1985ع ۾ فُل برائٽ اسڪالر طور "پاڪستاني مدرسن" تي ھڪ سال جي فيلڊ ورڪ واري تحقيق مڪمل ڪيائين.[10]
ورلڊ بينڪ
[سنواريو]غني 1991ع ۾ ورلڊ بئنڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1990ع واري ڏھاڪي جي اڌ تائين اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي رٿائن تي ڪم ڪيو.[11]
سياسي ڪيريئر
[سنواريو]صدارت
[سنواريو]سياسي نظريا
[سنواريو]غني جديديت جو حامي آھي ۽ ٻنھي بادشاھن ڪنگ امان الله خان جيڪو 1920ع واري ڏھاڪي جو ترقي پسند افغان بادشاھ ٿي گُذريو[12] ۽ شھنشاھيتِ افغانستان جي اڳوڻي وزيراعظم جنرل سردار محمد دائود خان (جنھن 1970ع ۾ جمھوريہ افغانستان جي پھرين صدر طور خدمتون ڏنيون[13]) کي پسند ڪندڙ آھي.
ذاتي زندگي
[سنواريو]تڪرار
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedaspistrategist.org.au - ↑ http://www.afghan-bios.info/index.php?option=com_afghanbios&id=539&task=view&total=1&start=0&Itemid=2
- ↑ "Ashraf Ghani | president of Afghanistan". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 2021-11-05 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Dawn.com (2014-04-01). "Ashraf Ghani Ahmadzai". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2021-11-05 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Exiled Afghan president attended school in Lake Oswego". KOIN.com (آمريڪي انگريزي ۾). 2021-08-17. 2021-11-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Oregonian/OregonLive, Jaimie Ding | The (2021-08-20). "Before he rose to lead (and leave) Afghanistan, Ashraf Ghani made a mark on an Oregon high school". oregonlive (انگريزي ۾). 2021-11-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Daley, Jillian. "President of Afghanistan attended LOHS". https://joomlakave.com (آمريڪي انگريزي ۾). 2021-11-06 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: External link in(مدد)|website= - ↑ "Ashraf Ghani | president of Afghanistan". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 2021-11-07 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Dr. Mohammad Ashraf Ghani | World Leaders Forum". worldleaders.columbia.edu. 2021-11-07 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Ashraf Ghani | president of Afghanistan". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 2021-11-07 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Ashraf Ghani | president of Afghanistan". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 2021-11-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ sidiqi, nasir Ahamad (2018-10-21). "Afghans earned democracy under Ghazi Amanullah Khan: Ghani" (برطانوي انگريزي ۾). 2021-11-08 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Daoud's Footprints: how Afghanistan's First President Influences Ghani". The Globe Post (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-11-07. 2021-11-08 تي حاصل ڪيل.