اسٽيل ٽائون
ڏيک
اسٽيل ٽائون 126 ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل علائقو آهي جيڪو پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ ٺاهيو ويو آهي.اسٽيل ٽائون جي ڪناري تي اين 5 نيشنل هائي وي آهي جيڪا ٺٽي کان ڪراچي تائين اچ وڃ لاءِ آهي.هتي جا ويجها علائقا پپري،شاه لطيف ٽائون،گلشن حديد آهن.
هتي جا ماڻهو سنڌي، اردو، پنجابي، بلوچي ۽ سرائڪي ڳالھائن ٿا.
هتي زندگي جون تمام بنيادي سهولتون موجود آهن کيڏڻ لاءِ گرائونڊ، علاج جي لاءِ اسپتالون ۽ تعليم لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج موجود آهن.