اسماعيل بن جعفر
| اسماعيل بن جعفر | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | سال 721 مدينو |
| تاريخ موت | سال 751 (29–30 سال) |
| مدفن | جنت البقيع |
| عملي زندگي | |
| پيشو | امام |
| ترميم | |
حضرت -امام- جعفر صادق رحه جو وڏو فرزند، اسماعيلي فرقي جو -امام- هو. 750ع ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪيائين ۽ -جنت البقيع- ۾ دفن آهي. سندس قبر پهرين -جنت البقيع- کان ٻاهر هئي، پر جڏهن مديني شريف جي حرم کي وڌائڻ جو خيال ڪيو ويو ته سندس جسد کي -جنت البقيع- ۾ منتقل ڪيو ويو. روايت موجب عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته سوين سال گذرڻ بعد سندس ڪفن (جيڪو اُن مان ٺهيل هو) جهڙو هو، اهڙوئي ثابت ۽ صاف پيل هو ۽ سندس قبر مان باقاعدي خوشبوءِ نڪري رهي هئي.[1]
امام جعفر صادق رحه جو وڏو فرزند ۽ -اسماعيلي- فرقي جو ڇهون -امام-، عام تاريخي روايتن موجب، سندس وفات 142ھ/760ع ۾ ٿي ۽ -امام- جعفر صادق، کانئس پنج سال پوءِ 148ھ/765ع ۾ وفات ڪئي. پر اسماعيلين جي تاريخي روايتن مطابق عباسي حڪومت، -امام اسماعيل- جي دشمن ٿي وئي هئي، تنهنڪري -امام- جعفر صادق کيس مصلحتاً سلميه (شام) موڪلي ڇڏيو، ۽ پاڻ 148ھ/765ع ۾ امامت جي مسند تي ويٺو ۽ ڏهه سال پوءِ 158ھ/775ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ گهڻو وقت سلميه ۾ ئي رهيو ۽ اتي ئي سندس مزار آهي.[2]