مواد ڏانھن هلو

اسد قیصر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسد قيصر
اسپيڪر
عهدي ۾
15 آگسٽ 2018
نائبقاسم ثوري
کان اڳسردار اياز صادق
قومي اسيمبلي جو رڪن
عهدي ۾
13 آگسٽ 2018
تڪاين اي-18(صوابي I)
خيبرپختونخواھ اسيمبلي جو چوڏھون اسپيڪر
عهدي ۾
30 مئي 2013  13 آگسٽ 2018
نائبامتياز شاھد
کان اڳڪرامت الله خان
کان پوءِمشتاق احمد غني
خيبرپختونخواھ جي صوبائي اسيمبلي جو رڪن
عهدي ۾
29 مئي 2013  28 مئي 2018
تڪپي ڪي 35(صوابي V)
ذاتي تفصيل
ڄائوسانچو:جنم ڏينهن ۽ عمر
صوابي ضلعو ، پاڪستان
قوميتپاڪستاني
سياسي پارٽيپاڪستان تحريڪ انصاف

اسد قیصر(انگريزي: Asad Qaiser) (اردو: اسد قیصر15 نومبر 1969 ۾ ڄائو. پاڪستاني سياستدان جيڪو قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿي آگسٽ 2018 ۾ ساڳي ايوان جو اسپيڪر ٿيو. ان کان اڳ خيبرپختونخواھ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر 2013 ۾ ميمبر ٿيو ۽ ساڳي سال ان اسيمبلي جو اسپيڪر ٿيو ۽ 2018 تائين بطور اسپيڪر ڪم ڪيائين

ذاتي زندگي

[سنواريو]

15 نومبر 1968 ۾ مرغوز يونين ڪاؤنسل ، ضلعي صوابي ۾ پيدا ٿيو.[1] .[2]ھن ابتدائي تعليم مرغوز جي سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪيائين . گريجوئيشن گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج صوابي مان ڪيائين جيڪا پشاور يونيورسٽي سان منسلڪ آهي[1][3] [4] ۽ بيچلر آف آرثس جي ڊگري حاصل ڪئي .[2]

سياسي ڪيريئر

[سنواريو]

ھن سياسي ڪيريئر جو آغاز جماعت اسلامي کان ڪيو. 1984 م ڪھوٽا ڪاليج صوابي ۾ جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ ، اسلامي جميعت طلبا جو ناظم مقرر ٿيو 1995 ۾ جماعت اسلامي، پاڪستان جي نوجوانن جي ونگ ، پاسبان جو ڊويزنل صدر ٿيو..[5][2]1996 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو.[5]۽ ساڳي سال تحريڪ انصاف ضلعي صوابي جو صدر ٿيو. 2008 کان 2013 تائين تحريڪ انصاف خيبرپختونخواھ جو صوبي جو صدر رھيو . 2013 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي صوابي ضلعي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي ساڳي وقت اليڪشن کٽي آيو جن مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ميمبرشپ جاري رکي قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪيائين ، ۽ صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر منتخب ٿيو.2018 پي ڪي 44 صوابي II مان چونڊجي آيو.[6]ھن 31658 ووٽ کڻي عوامي نيشنل پارٽي جي ضامن شاھ کي شڪست ڏني.[7]ساڳي اليڪشن ۾ ايم سي 218 صوابي I تان بہ چونڊجي آيو.[8] جتان ھن 78970 ووٽ کڻي مولانا فضل علي حقاني کي شڪست ڏني.[9]ھن صوبائي اسيمبلي واري سيٽ خالي ڪئي ۽ بطور ميمبر قومي اسيمبلي قسم کنيائين [10]10 آگسٽ 2018 تي پاڪستان تحريڪ انصاف کيس اسپيڪرشپ لاء نامزد ڪيو [11]15آگسٽ تي اسپيڪر قومي اسيمبلي چونڊجي ويو ھن 176 ووٽ کنيا ۽ سندس مخالف اميدوار سيد خورشيد احمد شاھ 146 ووٽ کنيا [12]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "Asad Qaiser named NA Speaker, Ch Sarwar nominated as Punjab Governor". Dunya News. 10 August 2018. 10 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 3 "Asad Qaiser – political journey of 20th NA speaker | The Express Tribune". The Express Tribune. 15 August 2018. 15 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  3. "PTI nominates Asad Qaiser as NA speaker, Ch Sarwar as Punjab governor". Geo News. 10 August 2018. 10 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  4. Khan, Muqaddam (11 August 2018). "Friends in Swabi back Asad Qaiser for speaker's job". DAWN.COM. 15 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  5. 1 2 "PTI nominates Asad Qaiser for NA speaker, Chaudhry Sarwar for Punjab governor". DAWN.COM. 10 August 2018. 10 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  6. "PTI's Asad Qaiser wins PK-44 election". Associated Press Of Pakistan. 26 July 2018. 10 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  7. "PK-44 Result - Election Results 2018 - Swbai 2 - PK-44 Candidates - PK-44 Constituency Details - thenews.com.pk". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 10 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  8. "Asad Qaiser Khan of PTI wins NA-18 election". Associated Press Of Pakistan. 27 July 2018. 10 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  9. "NA-18 Result - Election Results 2018 - Swabi 1 - NA-18 Candidates - NA-18 Constituency Details - thenews.com.pk". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 10 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  10. "19 NA, 3 PA seats vacated by winners". The Nation. 14 August 2018. 15 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  11. "Asad Qaiser NA Speaker, Ch Sarwar nominated as Governor Punjab". The News (انگريزي ۾). 10 August 2018. 10 August 2018 تي حاصل ڪيل.
  12. "PTI's Asad Qaiser elected NA speaker: unofficial results". DAWN.COM. 15 August 2018. 15 August 2018 تي حاصل ڪيل.