اسلامي جميعت طلبا
ڏيک
اسلامي جميعت طلبا پاڪستان Islami Jamiat -e- Talaba Pakistan | |
|---|---|
| ناظم اعلیٰ | حسن بلال ہاشمی |
| سيڪريٽري جنرل | صاحبزادہ وسیم حیدر |
| اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل | ڈاکٹر معاذ سعید ڈاکٹر نوید نادر مگسی آفتاب حسین مجاہد |
| بنياد | 23 ڊسمبر 1947, لاهور |
| صدر مقام | اڇره, لاهور, پاڪستان |
| نظريو | اسلام، سياسي اسلام، انقلابي |
| ويب سائيٽ | |
| http://www.jamiat.org.pk | |
هي شاگرد تنظيم 23 ڊسمبر 1977ع تي لاهور ۾ ڪوٺايل هڪ ننڍڙي ڪنوينشن ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ 25 کن شاگردن شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي باني مولانا ابو اعليٰ مودودي خاص طور تي شرڪت ڪئي. جماعت اسلاميءَ جي ذيلي تنظيم طور سڃاڻپ رکندڙ هي شاگرد تنظيم لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ سرگرم رهي. هن وقت به ملڪ جي مکيه شهرن ۾ وجود رکي ٿي. ساڄي ڌر سان لاڳاپيل هن تنظيم جو بنيادي نظريو ملڪ ۾ اسلامي سياسي نظام لاڳو ڪرڻ آهي. تنظيم جي ابتدائي مول متن موجب شاگردن کي -اسلام- جي خدمت لاءِ منظم ڪرڻ، شاگردن ۾ اسلامي مواد جي اڀياس جو شوق پيدا ڪرڻ ۽ کين ايندڙ وقت ۾ اسلامي معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ هو.[1]