استور ضلعو
ڏيک
استور ضلعو Astore District | |
|---|---|
استور ضلعي ۾ راما ڍنڍ ڀرسان راما وادي ۾ واقع نانگا پربت جبل (آگسٽ 2016) | |
| ملڪ | پاڪستان |
| انتظامي يونٽ | [[Image:|22x20px|border |link=]] گلگت-بلتستان |
| ڊويزن | ديامر ڊويزن |
| صدر مقام | عيدگاھ |
| ايراضي | |
| • ڪل | 5,092 چورس ڪلوميٽر (1,966 چورس ميل) |
| آبادي (1998) | |
| • ڪل | 71,666 |
| تعلقا | 2 |
استور ضلعو (Astore District) پاڪستان جي انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي ديامر ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام عيدگاھہ شھر آھي.[1] عيد گاھہ استور وادي م واقع آهي. استور ضلعي جي اتر ۾ گلگت ضلعو، اتر۔اوڀر م روندو ضلعو، اوڀر ۾ اسڪردو ضلعو، ڏکڻ اوڀر ۾ کرمنگ ضلعو، اولھہ ۾ ديامر ضلعو، ڏکڻ اولھہ ۾ آزاد ڪشمير جو نيلم ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ انڊيا جي قبضي وارو جمون ۽ ڪشمير واقع آهي. عيدگاھہ شھر ھوائي رستي، پاڪستان جي گاديء جي ھند، اسلام آباد سان ڳنڍيل آهي. ان کان سواءِ روڊ رستي پڻ اسلام آباد سان گڏوگڏ راولپنڊي، چترال ۽ اسڪردو سان ڳنڍيل آهي. اسڪردو طرف ھڪ رستو ديوسائي میدان واري رستی سان 143 ڪلوميٽر (89 mi) جی دڳ تی آھي.[2] پر اھو نومبر کان جون تائين تيز برفباري سبب بند رھندو آھي. ٻيو رستو گلگت کان جگلوٽ واري پاسي کان آھي، جيڪو 128 ڪلوميٽر (80 mi) ڊگھو آھي.[3]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "GB notifies four more districts, total number of districts now 14". pakistantoday.com.
- ↑ "Distance from Skardu via Deosai Plains". Google Maps. 4 August 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Distance from Gilgit via Jaglot". Google Maps. 4 August 2019 تي حاصل ڪيل.