ارنيسٽ مئڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارنيسٽ مئڪي
معلومات شخصيت
ڄم 5 جُولاءِ 1880[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 2 آڪٽوبر 1943 (63 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لنڊن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت
گڏيل بادشاھت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

ارنيسٽ مئڪي، ڊاڪٽر (آرڪيالاجسٽ ):1926ع کان 1931ع تائين موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي نگران رهندڙ مشهور آرڪيالاجسٽ ارنيسٽ مئڪي 5 جولاءِ 1880ع تي انگلينڊ جي شهر برسٽل (Bristol) ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو ارنيسٽ جان هينري مئڪي هو. هو هڪ سياح ۽ قديم آثارن جو ماهر هو. ابتدائي تعليم برسٽل گرامر اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد 1918ع ۾ برسٽل يونيورسٽي مان بي. اي (B.A) ۽ 1922ع ڌاري ساڳي يونيورسٽي مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. جڏهن ته 1933ع ۾ ادب جي شعبي ۾ ڊاڪٽر جي سندَ (D.Litt) پڻ حاصل ڪيائين. هن ڊوروٿي ميري سائمنس نالي عورت سان شادي ڪئي، جيڪا علم الانسان (Anthropology) شعبي سان تعلق رکندڙ هئي. ڊاڪٽر ارنيسٽ مئڪي، پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز تعليم حاصل ڪرڻ دؤران ئي ڪيو. هن 1907کان 1912ع ڌاري مصر جي قديم تهذيب جي کوٽائي ۽ تحقيق ۾ حصو ورتو. جتي هن جو استاد آثارِ قديمه جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر سر فلنڊرز پيٽرائي (Sir Flinders Petrie ) هـــو. هن 1912ع کان 1916ع تـائـيـن، گـهـڻـو وقـت (Theban Tombs) تي تحقيق ڪري تصويري دستاويز تيار ڪيا، جيڪي ان وقت مختلف مقالن جي صورت ۾ شايع ٿيا. پهرين جنگ عظيم، دؤران، ڊاڪٽر مئڪي فوج جي سربراهه طور مشرقِ وسطيٰ ۾ پنهنجا فرائض سر انجام ڏنا. ساڳئي وقت فلسطين ۽ شام جي قديم يادگارن جي سار سنڀال لاءِ آرمي ڪميشن جي قائم ڪيل Survey of Ancient Monument جو ميمبر ٿي رهيو. ان کان علاوه 1919ع کان 1922ع جي عرصي دوران فلسطين حڪومت پاران اوائلي دؤر جي نوادرات، تاريخي عمارتن ۽ فن پارن جو محافظ/سنڀاليندڙ (Custodian) مقرر ٿيو. ڪجهه وقت ان عهدي تي فائز رهڻ کان پوءِ Penn ميوزم ۾ ڊاڪٽر ڪليرنس فشر جي اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيو. جيڪو دنيا جي پهرين ٻڌل ڳوٺ جيريڪو (Jericho) کان 45 ميلن جي فاصلي تي اتر طرف بيٽ شان ۾ واقع هو. Penn Museum ۾ ڊاڪٽر فشر جي بيمار رهڻ سبب هن اسسٽنٽ طور تاريخي ماڳن جي کوٽائي، نگراني، سروي، طريقيڪار، تصويرون ڪڍڻ ۽ مليل معلومات کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم اڪيلي سر ڪيو. ڊاڪٽر مئڪي جي عملي زندگي ۾ ڪش، موهن جي دڙي ۽ چانهونءَ جي دڙي تي ڪيل تحقيقي ڪم خاص طور تي قابلِ ذڪر آهن. 19221925ع تائين ميسوپوٽيميا ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ طرفان کيس ڪش ۽ جموت نصر (Jemdet Nasr ۽ Kish) جي کوٽائيءَ جو نگران ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ميسوپوٽيميا ۾ ڪم دوران هن، سنڌو ماٿريءَ جي آڳاٽي تهذيب موهن جي دڙي تي کوجنا ڪندڙ سر جان مارشل ۽ سندس ساٿين سان بـحـيـثيت مـراسله نـگـار (Correspondent) طور ڪم ڪيو. 1925ع ڌاري مصر ۾ موجود برٽش اسڪول آف آرڪيالاجي ۾کيس بحرين جي جـزيـري تموليءَ (Tumuli) جي کوٽائي جو ڪم ڏنو ويو. 1926ع کان 1931ع ۾ انڊين سروي آرڪيالاجي طرفان کيس موهين جي دڙي جي کوٽائيءَ جو پهريون اسپيشل آفيسر ۽ بعد ۾ (فيلڊ ڊائريڪٽر) نگران مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر ارنيسٽ مئڪي، آرڪيالاجي جي تجربي ۽ علم جي آڌار تي ڇهن سالن جي عرصي تائين پنهنجي گهر واري ڊوروٿي جي ساٿ ۽ سهڪار سان موهن جي دڙي تي ڪم ڪيو. هن جي ڪيل کوٽائي ۽ تحقيق دؤران موهن جي دڙي مان مليل نوادرات بوسٽن جي هڪ فائن آرٽ ميوزيم ۾ مستقل طور رکيل آهن. موهن جي دڙي جي کوٽائي بابت سرجان مارشل جي ايڊٽ ڪيل ڪتاب جي پهرين جُلد جا 7 باب ۽ ٽئين جُلد جا 7 باب ڊاڪٽر مئڪي جا لکيل آهن، جن ۾ هن کوٽائي جو تفصيل، جاين جي اڏاوت، ٺڪر جي ٿانون، ماڻهن ۽ جانورن جي مورتين، پٿر جي شين، رانديڪن، اوزارن، زيورن، مهرن، عاج جي شين ۽ گهر جي استعمال جي شين جو تفصيل ۽ جائزو ڏنو آهي، ان کان علاوه هن موهن جي دڙي تي تفصيلي سائٽ رپورٽ پڻ تحرير ڪئي. هن جون چانهونءَ جي دڙي (جيڪو سنڌو تهذيب جو اهم ماڳ آهي) جي کوٽائي جي حوالي سان به تحريرون شايع ٿيل آهن. هن سنڌ جي قديم تهذيب تي The Indus civilization نالي جدا ڪتاب به لکيو، جيڪو 1935ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هن 1942ع ڌاري انگلينڊ ۾ وفات ڪئي.[2]

حوالا[سنواريو]