اداره انسانيت حيدرآباد
اداره انسانيت حيدرآباد سنڌي اديب، صحافي، عالم، دانشور ۽ قومي ڪارڪن محمد عثمان ڏيپلائيءَ سنہ 1952ع ۾ قائم ڪيو. هن اداري کي قائم ڪرڻ جو مقصد ڏيپلائي صاحب هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
- ”اڄ انسانيت جن پريشانين ۽ تڪليفن مان لنگهي رهي آهي، سا ڪنھن کان بہ ڳجهي ڪانهي. سڀ کان وڌيڪ ڏک ڀري ڳالھ اها آهي تہ انهن پريشانين ۽ تڪليفن جو ڪارڻ بہ انسان پاڻ ئي آهن ۽ فقط اڻ ڄاڻائيءَ سبب ئي هو پاڻ کي تڪليفون ۽ پريشانيون ڏئي رهيا آهن. دنيا جي دانشورن انهيءَ ڳالھ کي محسوس ڪري اهڙا ڪتاب لکيا آهن، جن جي پڙهڻ، دل سان هنڊائڻ ۽ عمل ڪرڻ سان انسان ذات تان ڏک ۽ تڪليفون لھي سندن دليون خوشيءَ سان ڀرپور ٿي وڃن ٿيون.“
مٿئين مقصد جي پوئواري ۾ هن اداري طرفان جديد ترقي پسند سوچ جي نمائندگي ڪندڙ عالمي لکڻين کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرائي شايع ڪيو ويو. اهڙين لکڻين ۾ ”انسان جي تاريخ“ (مصنف: محمد عثمان ڏيپلائي)، ”پيغامِ لطيف“ جا ابتدائي باب (مصنف: جناب جي ايم سيد)، خواجہ احمد عباس جو ناول ”چارداڻا“ (مترجم: ابن حيات پنھور)، ڊانويسٽ جو ڪتاب ”آمريڪي شاعر“ (مترجم: احسان بدوي)، غلام حيدر ڄامائيءَ جو ڪتاب ”ماڻهو ۽ ڌرتي“، ڪرشن چندر جو ناول ”هاريءَ جي سجاڳي“ (مترجم: عبدالغفور انصاري)، ڪرشن چندر جو ناول ”سج ڏکڻ مان ٿو اڀري“ (مترجم: سراج الحق ’بسمل‘)، ڊيل ڪارينگيءَ جو ڪتاب ”راحت ڀري زندگي“ (مترجم: محمد عثمان ڏيپلائي)، ڊاڪٽر صادق جو ڪتاب ”چمڪندڙ زندگي“ (مترجم: محمد عثمان ڏيپلائي) شامل آهن. هيءُ ادارو ڏيپلائي صاحب جي مارشل لا تحت گرفتاريءَ کان پوءِ ختم ٿي ويو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "اداره انسانيت حيدرآباد : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-11.